بسنتي رت جهڙو ڪوي، پنھل.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    بَسنتي رُتِ جھڙو ڪـَوي: پـُنھل

    فقير محمد سنڌي

    مثال ان سندا ڪيترا ڏئي قـليچ،
    نموني جي مُٺِ مان پروڙيو خرار.

    سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز جو تجزيو آهي ته هن ڌرتيءَ تي انسان تاريخ جو ڪر موڙيو آهي. چوي ٿو ته،”هن هستيءَ جي هنگامي ۾ هڪ انسانيت جي حيثيت ڪا خاص ڪانھي ليڪن هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته، ڪڏهن ڪڏهن انسان ئي سڄي تاريخ کي بدلائي ڇڏيندو آهي.“
    سنڌ اندر جيڪي سرجڻھار آهن، انهن جي لکڻين ۾ سندن عڪس چٽو پٽو سمايل هوندو آهي، انهن ۾ پنھل به بسنتي رت جو سھڻو ڪوي آهي، جنھن جا شعر جڏهن به محفل ۾ گونجندا آهن ته ذهن رقص جي ڪيفيت ۾ هلي ويندو آهي. مالڪ سائين اهڙي ڏات ٿورن انسانن جي حصي ۾ شامل ڪري ٿو.
    پنھل جو شخصي تعارف: محمد پنھل ميمڻ ۽ ادبي حوالي کان ”پنھل“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. پنھل حاجي عبدالمالڪ ميمڻ جي گهر 2-اپريل 1976ع تي ڪارڙا ڪلهوڙا ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪيائين، ادبي طور تي مرحوم واجد منگي جي صحبت ۾ رهيو. باقي وقت حالتن تي ڇڏيل آهي ته انساني ذهن جي پروڙ ڪيئن ٿي ٿئي. اهو ئي انسان آهي جيڪو سماجي تضادن کي سھڻي نموني سان حل ڪري پنھنجي منزل طرف روان رهي ٿو، اهڙين حالتن ۾ پنھل به هر وقت ثابت قدم رهيو آهي.
    جيڪو شخص پنھنجي زندگيءَ ۾ ثابت قدم رهندو آهي، ان جي معاشري تي چڱي طرح نظر هوندي آهي. ان جي خيالن ۾ ڪٿي کوٽ نظر ڪونه ايندي ۽ پنھل جو محفل ۾ نه هجڻ واري کوٽ کي ضرور محسوس ڪرائيندو آهي.
    پڇيو هن پيار مان هڪ دوست منھنجي کان،
    اوهان جي ساٿ ۾ اڄ ڇو پنھل ناهي؟

    (مان مٽيءَ جو راڳ)

    پنھل جو پھريون ڪتاب، ”مان مٽيءَ جو راڳ“ نومبر 2006ع تي ڪنول پبليڪيشن قنبر ڇپرايو جيڪو نج غزل تي آڌاريل آهي. غزل جي صنف تمام گهڻو سفر ڪيو جنھن جا نشان عرب کان فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ تائين پنھنجي ترنم ۾ اعلى قسم جي گائڪي، خوبي ۽ مڪمل علم عروض جي عمارت سان داخل ٿيل آهي. انهيءَ عمل ۾ ”پنھل“ به ”مان مِٽيءَ جو راڳ“ ۾ سُريلا آلاپ جھان جي حسين رنگن جو هڪ جھان جوڙي پيش ڪري ٿو.
    گيت منھنجا رنگ رنگالي لفظ ڪي،
    چپ چمي ويا چپ والي لفظ ڪي.
    مون سڄي آ رات پيتو سونھن کي،
    ڄڻ شرابي ۽ موالي، لفظ ڪي.

    (مان مٽيءَ جو راڳ)

    پنھل زندگيءَ جي هر احساس سان تخليقار جي صورت ۾ پيش ٿو اچي، تڏهن ته پنھل جي غزل ۾ ڪٿي اٽڪاءُ ڪونهي، رواني سان جيئن آبشار جو پاڻي وهي نديءَ ۾ پھچندو آهي.اهڙي حسناڪي پنھل جي غزلن ۾ موجود آهي.

    پيار پيرن ۾ ڇالا، ماڳ تي پھچي،
    اسان جا نيڻ آلا، ماڳ تي پھچي.
    ٿيو احساس آ ڪجهه دل ۾ جذباتي،
    چُمن جو ڳل ٿا والا، ماڳ تي پھچي.

    (مان مٽيءَ جو راڳ)

    لطيف احساسن جو خالق ”پنھل“ فطرت جو ويجهڙائي کان مشاهدو ڪرڻ ڄاڻي ٿو.

    هن دنيا جي انڌي روشن ۾،
    موهه جو ڪھڙو مول آهي.
    رات ڀل سک جو روپ ڌاري،
    رات ڪاٿي قبول آهي؟
    زندگي، ميڻ منھنجي تنھنجي،
    جسم آتش ۾ ڦول آهي.

    (مان مٽيءَ جو راڳ)

    خليل جبران جو قول آهي ته هن دنيا ۾ اهڙي ڪا خواهش ڪونهي، جنھن جو وجود نه هجي. مطلب ته هيءَ هر شيءِ جو وجود محبت ۽ نفرت جي صورت ۾ پنھنجو نماءُ ڪري ٿي. پنھل به انهيءَ مقصد کي پيش ڪندي پنھنجي شعور ۾ واڌارو ڪري ٿو.
    ”انڌيرا روشني بڻبا“ پھرين اپريل 2013ع تي غزلن جو حسين ڳٽڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران شايع ڪرايو. هن سھڻي سَرجڻھار جا غزل پرين جي خط ۾ لکي موڪلڻ جھڙا آهن.
    ايمرسن لکيو آهي ته ”فطرت هڪڙو مندر آهي، جنھن جون ديوارون نشانن سان ڀريل آهن.“ پنھل جي غزلن ۾ احساساتي شعور موجود آهي تڏهن ته چوي ٿو:

    کنياسين نئين نسل خاطر هي پيرا روشني بڻبا،
    اسان جي سگهه، سھپ ڏسجو، انڌيرا روشني بڻبا.
    رکي تعصب ڀلي ڏسجو مگر سو ڏينھن ڀي ايندو،
    سڀئي مظلوم ڌرتيءَ جا، مٿيرا روشني بڻبا.

    هو ڀٽائي جي ڀر ڇڏي ئي نٿو،
    ساهه شايد اٿس سنڌ ۽ سنگيت ۾.


    (انڌيرا روشني بڻبا)

    پنھل جو جيءُ ادبي پروگرامن ۽ تنظيمن سان خوب تر رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت (باراني مغيري) اياز ادبي اوطاق سنڌ جو بنيادي ميمبر ۽ ٻالڪ ادبي سنگت سنڌ جو فائونڊر ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي. پنھل جا غزل درد جي جوهر جو خمير آهن، درد جي پيڙا آهن جيڪي لڙڪن کي روڪي لوڪ کي تلخ حقيقتن کان آگاهه ڪن ٿا.

    مُڙس سٺ ورهه جو ڏنس مائٽن هي،
    وَني ان جي نيٽي نويلي ٿي روئي!
    رڳو جسم جي بک وڌي آهه پنھل،
    ڪري روح راڙا، چنبيلي ٿي روئي.

    (انڌيرا روشني بڻيا)

    يا وري

    خوردبيني کڻي ارمان ڳوليندين!؟
    ڪٿي آهي بچيو، انسان ڳوليندين!؟

    (انڌيرا روشني بڻيا)

    عربي چوڻي آهي ته،”الله تعالى کي عرش جي هيٺيان خزانا آهن، جن جون ڪُنجيون شاعرن جون زبانون آهن.“ جن جو نماءُ پنھل پنھنجي غزلن ۾ چٽيءَ طرح ڪيو آهي.

    دُور ڌرتيءَ کان ڇڪيندا ٿا وڃن،
    موت کي ڄڻ سامراجي هٿ هُجن.

    **

    سورج جبل جي چوٽيءَ پٺيان،
    رڙهندو آ ويو روٽيءَ پٺيان.
    **

    پور مَڪاريءَ جي اک پنھل،
    ڏاڍو سادو هي زمانو ٿي.

    سئنڊرس جو خيال آهي ته شاعر پنجن حواسن کي ڪاميابيءَ سان چوري، اهڙي معنى ٿو پيدا ڪري، جيڪا انهن مان محسوس ڪري سگهجي ٿي. ان کانپوءِ هو ڇھون حواس ڪتب آڻي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو