ڪويتا نگر جو شهزادو :مشتاق بخاري.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ڪويتا نگر جو شھزادو: مشتاق بخاري

    فقير محمد سنڌي

    مين تا اِڪِ خيال هان،
    مِـلـسـان نـال خيال دي. (سچل سرمست رح)

    دنيا ڪسوٽي آهي، جتي انسانن کي پرکيو ويندو آهي. سچي عاشق جي واٽ آسان هوندي آهي، ڇو ته هو هر وقت پنھنجي محبوب جي آسائش لاءِ پيو جتن ڪندو آهي. ماڻڪ ملاح جو خيال ڪيترو برجستو آهي ته،”سچو قلمڪار ۽ فنڪار پنھنجي ڌرتيءَ جو ٻانهو هوندو آهي. هن کي پنھنجي ڌرتي، قوم ۽ ٻوليءَ سان ايترو ئي عشق هوندو آهي، جيترو ابھم ٻارڙي جو پنھنجي ماءُ جي ڇاتيءَ سان.“ زندگيءَ جا پيچرا تڏهن شانائتا ٿيندا آهن جڏهن مشتاق بخاري جھڙا مَن گهريا دوست انهيءَ زندگيءَ جو حصو بڻجندا آهن.

    مشتاق بخاريءَ جي زندگيءَ جو خاڪو:
    مشتاق بخاري 27 آڪٽوبر 1969ع تي سيد غلام علي شاهه بخاري جي گهر ڳوٺ لونگاڻي تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. مشتاق احمد شاهه، ادبي سفر ۾ مشتاق بخاري، جنھن جي سڃاڻپ شاعر، اديب ۽ ڪھاڻيڪار طور آهي. تعليم زندگيءَ جي حسناڪي آهي. مشتاق بخاري تعليم جي زيور سان هم ڪنار آهي. پاڻ ايم اي، ايم ايڊ آهي سروس (ايڇ ايس ٽي-رٽائرڊ) آهي. لکڻ جي شروعات 1989ع کان ڪيائين، پھرين تخليق-نظم ۾.

    وڻـن ٿا ٻول ٻارن جا، اڇن ڀورن ۽ ڪارن جا،
    ٽلن ٽمڪن ۽ مرڪن ٿا، نظارا ڄڻ ستارن جا.

    اها تخليق هفتيوار ”شب روز“ شڪارپور ۾ 1989ع ۾ شايع ٿي. نثر ۾ پھرين تخليق، سڏڪا سڏڪا زندگي، ڪھاڻي (ٻاراڻو ادب) گلڙا شڪارپور ۾ شايع ٿيس. مشتاق بخاري ادب کي سھڻي گلدستي وانگر سنڀالي رکيو آهي، وقت بوقت انهيءَ گلدستي جي سار سنڀال نئين سر ڪندو ٿو رهي. پوءِ اهو نظم جي صورت هجي يا نثر جي پر مشتاق بخاري هر پل کي بامعنى بڻائي مسلسل ادب جي واڌاري لاءِ ڪوشش ڪندو رهي ٿو، جنھن جو ثبوت سندس ڇپيل ڪتاب آهن.

    مشتاق بخاريءَ جا ڇپيل ڪتاب:
    مشتاق جا ڪتاب جيڪو به ادب ذوق پڙهندو ته انهيءَ کي آسانيءَ سان مشتاق بخاريءَ جي ادب ۾ سنجيدگي ۽ وجھ شھرت نظر اچي ويندي ته مشتاق بخاري سنڌي ادب جو ڪيترو نه مشتاق آهي.

    (1)- گيتن جھڙا ٻار (ٻارن لاءِ شاعري) 1998ع، (2) پيار جي موٽ ۾ (چؤسٽا) 1999ع، (3) سونھن سنسار جي (ٻارن لاءِ شاعري) 2001ع، (4) سار جي خوشبو (غزل) 2004ع، (5) هڪ وجود ڪيئي وجود (ڪوثر ٻرڙي جون ادبي ۽ فني خدمتون) ايم اي سنڌي لاءِ لکيل مونوگراف-2009ع، (6) سفر چاهتن جو (ڪوثر ٻرڙي سان گڏيل شاعري) 2012ع شامل آهن ۽ انھيءَ سان گڏ مشتاق بخاري جو اڻ ڇپيل مواد پڻ موجود آهي.

    فيض احمد فيض جون سٽون ٿيون ياد اچن ته:

    جڏهن ڪنھن شاعر جو جذبو ۽ ان جو فن، ٻئي يڪسان پرخلوص ۽ سچا هجن ته اهو ئي خلوص ۽ سچائي، ڪنھن شاعر جون امتيازي خصوصيتون آهن. اُهي سڀ خصوصيتون پاڻ واري يار مشتاق بخاري ۾ موجود آهن. مشتاق بخاريءَ جي ديد، ڌيان ۽ منظر بلڪل باخبر آهن تڏهن چوي ٿو ته:

    ديد جاڳي ٿي، ڌيان جاڳي ٿو،
    مون سان گڏ هي آسمان جاڳي ٿو.
    ها رڳو تون ئي ننڊ ٿي ڪرين گهر ۾،
    باقي سارو ئي جھان جاڳي ٿو.

    مشتاق بخاريءَ جو ادبي، سماجي ۽ تنظيمي پاسو به نھايت شاندار نموني جو آهي، انهن سڀني پاسن سان بھترين نڀاءُ رکندو پيو اچي.

    ايڊيٽر: ماهوار ”نئون چنڊ ڊکڻ“، ايڊيٽر سلسليوار”سھڪار“ ڊکڻ، چيف ايڊيٽر ماهوار ”هٻڪار“ ڊکڻ (ٻارن جو رسالو)، باني آجيان پبليڪيشن ڊکڻ جنھن مان ڪافي ڪتاب مشتاق بخاري ڇپائي چڪو آهي. ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ ماهوار ”لوڪ مئگزين“ ڪراچي.

    سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۾ مشتاق بخاري گهڻي جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو آهي، جن ۾: 1. سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ، 2. سنڌي ادبي سنگت لونگاڻي، 3. نثار بزمي ادبي سنگت ڊکڻ، 4. گسٽا، 5. شھنشاهه سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن لونگاڻي شامل آهن. مشتاق بخاري جي زندگي سدائين جدوجھد جي عمل ۾ آهي. خليل جبران ڄڻ هيٺيان جملا مشتاق بخاريءَ لاءِ ئي چيا آهن ته،”فرار جي سڪون کان جدوجھد جو اضطراب وڌيڪ بھتر آهي.“ خليلجبران جي انهيءَ چوڻيءَ سان مشتاق بخاري سئو سيڪڙو متفق ٿو نظر اچي، جيڪو هڪ ئي وقت ادب، سماجي ۽ تنظيمي معاملن سان سرگرم عمل آهي. اهڙي جستجو ۽ عمل جي ميدان ۾ مشتاق بخاري کي مختلف وقتن تي ايوارڊ به مليا آهن جن ۾ بھترن شاعر (ٻاراڻو ادب) گيتن جھڙا ٻار سال 1999ع سنڌي ادبي سنگت پاران، بھترين شاعر (ٻاراڻو ادب) 2004ع سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور پاران، سنڌ فنڪار ٽرسٽ پاران سال 1998ع ۾ شڪارپور ضلعي جو بھترين شاعر ايوارد، بي ايڊ ڪاليج شڪارپور پاران 1994ع ۾ بيسٽ ڊرامه رائيٽر ايوارڊ، ماهوار هالار پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ، سگا سيوهڻ ايوارڊ، ماهوار ريکائون پاران ايوارڊ 2015ع ۽ ٻالڪ ادبي فورم سنڌ پاران ايوارڊ شامل آهن. سڀ کان بھترين ايوارڊ منھنجي نظر ۾ اهو به آهي ته، ڪتاب ”مَن گُهريو مشتاق بخاري، شخصيت ۽ ادبي خدمتون“ شايع ٿيو آهي، احسان راهوجو انهيءَ ڪتاب جو مرتب آهي، جنھن کي سمبارا پبليڪيشن اپريل 2017ع تي منظرِ عام تي آندو. ان ڪتاب ۾ مشتاق بخاريءَ جي زندگيءَ بابت تمام گهڻا پاسا ترتيب سان ڏنل آهن، احسان راهوجو جي محنت واکاڻ جوڳي آهي.

    سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”سرمو ته سڀڪا پائي پر اک اک جو ڦير آهي“ پر مشتاق بخاري اکين جا آئينا، دلين جي عڪس سان پيش ڪندو آهي، مشتاق جو نثري نظم آهي ته:

    ”سواءِ ان جي ته ....
    مان تنھنجو،
    چاهيندڙ آهيان .....
    منھنجي نظر ۾ ....
    اها حيثيت!
    دنيا جي وڏي ۾ وڏي،
    حيثيت آهي.“

    آواز جي دنيا ۾ مشتاق بخاري جا ڪلام به سونھن جا ساکي آهن. 1999ع تي مشتاق جو پھريون ڪلام سليم رضا ڪنڀر جي آواز ۾ ريڊيو اسٽيشن خيرپور تان نشر ٿيو،جنھن جا ٻول هئا؛ ”آيئي ڪنھن جي ريس، ڪيئي ڪيس - وڌئي ڏاري دلڙي“ تمام گهڻو مقبول ٿيو. مشتاق بخاري، سليم رضا ڪنڀر، جي سڃاڻپ بڻيو ۽ سليم رضا ڪنڀر مشتاق بخاريءَ جي چاهيندڙن ۾ واڌارو ڪيو. اهڙيءَ طرح مشتاق بخاريءَ جي شاعريءَ کي مختلف فنڪارن پنھنجي آواز جو روپ ڏنو جنھن ۾، ممتاز لاشاري، عاشق نظاماڻي، ديدار سمون، نجف علي، الطاف سمون، ممتاز ڪنول، غلام شبير سمون، غلام شبير شاهاڻي، ڪمال سمون، سليم رضا ڪنڀر، عنايت منگي، طاهر عباس، عرفان سولنگي، شريف عباسي، عرس شيخ، عالم سولنگي ۽ مرتضى عالماڻي شامل آهن. انهن فنڪارن جي آواز ۾ مشتاق بخاريءَ جا ڪلام ريڊيو تان نشر ٿيندا رهندا آهن، جيڪو سوز ۽ ساز هر دل وارو پسي ٿو.

    مشتاق بخاريءَ لاءِ شاهه لطيف جون سٽون ته:

    ايڪ قصر در لک، ڪوڙين ڪَڻس ڳڙکيون،
    جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن صاحبُ سامھون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو