سنڌي ادب جو سر موڙ ڏات ڌڻي، هدايت منگي.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    سنڌي ادب جو سر موڙ ڏات ڌڻي: هدايت منگي!

    فقير محمد سنڌي

    ڏاهــا ڏهــه ڏاتــار، ٻــاري ڏيـئا ڏات جا،
    سورنهن سينگار، ڪرائن ٿا ڪڇ کي.


    محبت، خوشبو وانگر هوندي آهي، جا نه نظر ايندي آهي نه ٻُڌي ويندي آهي، بلڪه محسوس ڪئي ويندي آهي. فرد کي پنھنجي سڃاڻپ لاءِ سماجي سرگرمين ۾ ضم ٿيڻ کان پوءِ ئي محبت جي فتح حاصل ٿيندي آهي، جا ديرپا ان جي قوم محسوس ڪندي رهندي آهي. اهڙو ئي عروس نو بھار سنڌي ادب جو سرموڙ ڏات ڌڻي: هدايت منگي، غلام رسول منگيءَ جي گهر مھين جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ 18-آڪٽوبر 1946ع تي جنم ورتو. هدايت منگيءَ کي ننڍپڻ کان شعور جي لاٽ پنھنجي گهر مان ئي وراثت ۾ ملي. شروعاتي تعليم پنھنجي والد وٽ ئي حاصل ڪئي. زندگي پنھنجي جوڀن تي ايندي وئي، هدايت منگي کي دنيا جي خبرچار ملندي وئي، پنھنجي سفر کي اڳتي وڌائيندي 1963ع ۾ سنڌي ورنيڪيولر پاس ڪئي. 1968ع تي شاهه لطيف اورينٽل ڪاليج قنبر مان اديب سنڌي ۽ ساڳئي هنڌان 1970ع ۾ اديب عالم جو امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ خانگي طور 1970ع ۾ حيدرآباد بورڊ ۽ بي.اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1973ع ۾ پاس ڪيائين.هيءُ سماج محنت واري انسان کي آسانيءَ سان رستو راهه هموار ڪري ڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح هدايت منگي مسلسل محنت ۽ جدوجھد ڪري نيٺ اچي 1964ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو.
    قاضي نذر الاسلام جي چوڻي ياد اچي وئي آهي ته، زمين انهن جي ملڪيت آهي، جي محبت سان کيس پنھنجو اجهو ۽ آسرو سمجهن ٿا ۽ پوءِ زمين به پنھنجو پاڻ انهن جي ئي حوالي ڪري ڇڏيندي آهي. معاشري جا اڏيندڙ ڪڏهن به هڪ هنڌ ڪونه بيھندا آهن، پنھنجي زندگي مسلسل جدوجھد ۾ ئي گذاريندا آهن، جيئن هدايت منگي پنھنجي سوچ جو پاسو ورائي جُون 1974ع تي ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ اخبار روزاني ”هلال پاڪستان“ ۾ سب ايڊيٽر ڪم ٽرانسليٽر طور نوڪري شروع ڪيائين. ان وقت ناميارو اديب ۽ ڏاهو سراج الحق ميمڻ هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هيو، هدايت منگي ترقي ڪندو سينئر سب ايڊيٽر ۽ سکر، حيدرآباد توڙي لاڙڪاڻي ۾ بيورو چيف رهيو. اخباري دنياجي سفر ۾ هدايت منگي روزاني خبرون لکڻ سان گڏ ڪيترائي آرٽيڪل ۽ فيچرس به لکندو رهيو. نيوز ليٽرس ۽ ڊائريون لکڻ جو رواج پڻ هن وڌو. دنيا جي شعور کان واقفيت حاصل ڪري، ”وجود“ جھڙو خوبصورت نظم تخليق ڪيو:

    ”وجود“

    منھنجو وجود جيڪڏهن چئين ٿو ته تنھنجي
    ئي آهي تخليق،
    ته تون ڀُليو آهين......!
    مون ته توکي
    هزارين سال اڳي،
    ڌنڌلي تصور ۾ جوڙي ٺاهي
    ۽ تخليق ڪري
    هيڏو مانائتو وجود ڏنو
    ۽ هاڻ تنھنجي وجود کي
    ڊاهي وڌو اٿم،
    ڇو ته، مان ئي ته
    اصلي خالق آهيان...........!


    هدايت منگي سنڌي ادب جي نرالي شخصيت هيو جيڪو هڪ ئي وقت گهڻ پاسائي شخصيت سان گڏ دنيا جھان کي پڙهي ڪري پنھنجا اصول جوڙي، جيڪي صحافت ۽ ادب جي ميدان ۾ پائيدار نموني سان سڀني جي سامھون آهن. معاشري جي اندر ذهني ڪٽرپڻي کي هدايت منگي پنھنجي ڪھاڻي ”نقشو“ ۾ آسانيءَ ان مت ڀيد ۽ ذهني ڪٽرپڻي کي اکرن جو روپ ڏنو. هدايت منگيءَ جون ڪھاڻيون سئو سيڪڙو معاشري جي عڪاسي ڪن ٿيون. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”سرمو ته سڀ ڪا پائي پر اک اک جو ڦير“. هدايت منگيءَ جي اکين ۽ ذهن ۾ سنڌي ادب جو رڳو جمال ئي جمال ٿو نظر اچي، پرجنھن جون اکيون خوبصورت هونديون آهن، ان جي پوري شخصيت خوبصورت لڳندي آهي. هدايت منگي جي ذهن جو جمال اوهان ان جي ڪھاڻي ”نقشو“ ۾ پسي سگهو ٿا.

    ”نقشو“

    ”چاچا! مسجد جو نقشو ليڪرائي آيو آهيان“
    ”چڱو ڪيئي پٽ! هيڏي ته ڪر ڏسان، پر بيھه ته وضو ساري اچان، ايئن، مسيت شريف جي نقشي کي هٿ لائڻ به صحي ڪونهي.“
    ”پر چاچا.....!“
    ابا ٻه منٽ ڪل لڳندا وضوءَ سارڻ ۾، ڪھڙي اچي تڪڙ لڳي اٿئي“
    پنجن منٽن کانپو ءِ.
    ”ابا هي ته ڏاڍو ڀلو ڪم ڪيو اٿئي، واهه جي مسيت شريف ٺھندي. اصل ڳوٺ ۾ گلاب جي گل وانگر ٽڙي بيھندي.... پر هن نقشي ليڪائڻ تي ڏوڪڙ گهڻا لڳا اٿئي؟“
    پنھنجو هڪ دوست انجنيئر هو، تنھن کان مفت ۾ ٺھرايو اٿم....“
    ”ڪھڙو انجنيئر.....؟“
    ”چاچا، هو اشوڪ ڪونهي، ڌرمداس جو پٽ؟“
    ”اشوڪ“ جو نالو ٻُڌندي ئي وڏيرو تپي باهه ٿي ويو ۽ پنھنجي پِڪُنِ ڀريل وات سان گار گند به ڪري رهيو هو. اشوڪ جي ٺاهيل نقشي کي بلڪل نامنظور ڪري ڇڏيو.

    هدايت منگيءَ جون ڪچھريون ڏاڍيون مزيدار ۽ معلوماتي هونديون هيون. سندس لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائڻ جو انداز ايترو ته اثرائتو هو جو بخيل ۾ بخيل ماڻهو به کِلَ نه روڪي سگهندو هو. لسنِـنگ (ريڊيو ٻڌڻ) جي دور ۾ مون هدايت منگيءَ کي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروگرام ”اوهان جو خط پھتو“ ۾ خط لکيو، خط ۾ شروعاتي جملا ئي اهي لکيم ته ”ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو لڳي ٿو ته مڇي مارڪيٽ ٿي ويو آهي.“ هدايت منگي جواب ڏيڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪئي، ”ها ادا فقير محمد! مون کي به لڳي ٿو ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو واقعي ئي مڇي مارڪيٽ ٿي ويو آهي.“ هڪ ڏينھن ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي سيڪيورٽي رو۾ ويٺو هئس، هدايت منگي اچي پھتو، ڪچھري ٿي ڪنھن ڳالهه تي ”ڪبير داس“ جو قول سھڻي نمونيسمجهاڻي طور پيش ڪيائين.

    ”جيڪڏهن توهان جون ٻئي اکيون سلامت آهن، تڏهن هڪ اک واري تي اعتراض نه ڪريو، شايد هو توهان کان وڌيڪ نظر رکندو هجي.“.

    هدايت منگي زندگي کي حقيقت جو روپ ڏنو پرجوش ٿي سنڌي ادب جي خدمت ڪئي. تڏهن ته 1991ع ۾ APNS پاران هدايت منگيءَ کي علائقائي زبان (سنڌي) جو بھترين فيچر رائيٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو. 1992ع ۽ 1993ع ۾ عوامي آواز اخبار ۾ لاڙڪاڻي ضلعي لاءِ بيورو چيف طور پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون. يوسف شاهين جي ادارت ۾ نڪرندڙ انگريزي اخبار Daily Sindh Tribune ۾ پڻ ساڳئي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين.
    هدايت منگي ريڊيو پاڪستان جي سٿ سان گهڻو وقت سلهاڙيل رهيو. 1970ع واري ڏهاڪي کان وٺي ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور تان مختلف پروگرام ڪيائين.هدايت منگي پنھنجي سوچ کي پاڻيءَ جي ڦڙن وانگر صاف ۽ شفاف رکيو، تڏهن سنڌي ادب لاءِ شاندار ڪھاڻيون، شاعري، ترجما، تنقيدي مضمون ۽ تبصرا ادب جي حضور ۾ پيش ڪيا. هدايت منگي، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو پارکو، پنھنجي ثقافتي ۽ آثار قديمن سان دل ۽ جان سان عشق ڪيو، موسيقي ۽ راڳ رنگ جي محبت هن جي نس نس ۾ شامل هئي.
    1995ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو قيام عمل ۾ آيو ته هدايت منگي اُتي به پنھنجي فن جا جوهر ڏيکاريا، ڪافي مقبول پروگرام ڪيا، جنھن جي ڪري هدايت منگيءَ کي بھترين انٽرويوئر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
    هدايت منگيءَ جو آواز ڳرو ۽ اُچار تُـزُ هوندا هئا، پنھنجي سڄي زندگيءَ جدوجھد ۾ گذاريائين. موت به اٽل آهي، هر ڪنھن جي سِرَ تي اچڻو آهي. انهيءَ موت 22 ڊسمبر 1999ع تي هدايت منگيءَ کي به پنھنجي هنج ورتو. هدايت منگي جي آخري آرامگاهه مھين جي دڙي جي اولهه ۾د ادو ڪئنال جي سڄي ڪناري تي قائم ڳوٺ بگيءَ جي پير حمل واري قبرستان ۾ آهي. هدايت منگيءَ کي ڀيٽاطور ڀٽائي سرڪاري جو هي بيت:

    محبت پائي مَنَ ۾، رَنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻو توريو اگهائيو.


    (ڪاپائتي)

    حوالا:

    · ”شاهه جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي“، مرتب: عبدالغفار گوهر دائودپوٽو (سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي) ٻيو ڇاپو 2001ع.
    · ”سنڌ جي تاريخ جو ڪيڏارو“، تاج بيوس، (نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي) جنوري 2016ع ص:49.
    · ”ڏاتر ڏني ڏات، استاد بخش منگي (سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي) 2011ع، ص:200-290.
    · ”هاريا ويڄ مُياس“ هدايت منگي، مرتب: عزيز منگي (سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري)، 2017ع، ص:66-104.
    · ”سونھن سمبارا“ فقير محمد سنڌي، (قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو) 2016ع، ص:119-120-121.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو