ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“

    فقير محمد سنڌي

    سـئـو سـرن پـائـي، جي تند برابر توريان،
    اٽل اوڏانھين ٿئي، جيڏانھن ٻيجل ٻرائي،
    سـکـڻـو هـڏ آهـي، سـر ۾ سڄڻ ناهي ڪا.


    انسان جي اندر ۾ موجود درد هزارين آهن، انهن دردن جو درمان معصوم دليون ڳائي وڄائي پنھنجي ئي اندر ۾ سمهاري آزاد فضا ۾ سُريلا سُرَ ٻڌائي ساري چمن کي گلدستي جيان محفوظ رکندا آهن. مشھور شاعر رسول حمزه توف به اهڙي ڳالهه ڪئي آهي، هن چيو هو ته ”منھنجي بين الاقواميت منھنجي داغستان کان شروع ٿئي ٿي، پر امتياز شاهاڻي جي شروعات شاعريءَ سان گڏ تاريخ جي عظيم سپاھ سالار، جرنيل شاهه بھارو جي خاندان مان ٿئي ٿي.
    امتياز شاهاڻي دلربا شخصيت جو مالڪ هو، پنھنجي طبيعت ۾ سراپا محبت جو سرچشمو هو. امتياز احمد شاهاڻي جرنيل شاھ بھارو جي پشت مان پنجون نمبر پٽ جنھن مان هڪ جو نالو شاهه يارو هيو جنھن جي نالي سان هڪ ڳوٺ لاڙڪاڻي کان 7 ڪلوميٽر پري اوڀر طرف عاقل لڳ آباد آهي ۽ ان جي اولاد اتي ئي رهائش پذير آهي. انهيءَ خاندان مان امتياز احمد شاهاڻي 9-آڪٽوبر 1976ع تي ڳوٺ شاھ يارو ۾ استاد غلام محمد شاهاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو.
    لاڙڪاڻي جي مٽي به اها مٽي آهي جتي تمام گهڻين شخصيتن پنھنجي زندگيءَ جا ڏينھن گذاريا آهن، انهن ۾ ”امتياز احمد شاهاڻي“ به شامل آهي، جنھن هر وقت سنڌي قوم جي خدمت ڪئي. امتياز احمد شاهاڻي پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، باقي تعليم سنڌ جي مشھور ادارن مان وقت به وقت حاصل ڪيائين.
    امتياز احمد شاهاڻي بنيادي طور شاعر هو، پوءِ به هن جو ادبي ۽ سماجي پسمنظر به شانائتو رهيو، جنھن ۾ هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو بھترين ڪمپيئر، سيشن ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت جا فرائض به سرانجام ڏنائين. ادبي حوالي کان قلمڪار پبليڪيشن جو بنيادي ميمبر ۽ نوجوان ادبي فورم جو نائب صدر 2002ع کان رهيو. شاعريءَ جي حوالي کان امتياز شاهاڻي جون هي سِٽون تمام معنى خيز آهن:

    ڪـيـر ٿـو چـئي پيار آهي زندگي،
    مــســئــلـن جـو ڄـار آهي زندگي.
    مون گهڻو ”امتياز“ آ پرکي ڇڏيو،
    ســور جـــو سـنسار آهي زندگي.


    امتياز شاهاڻي پنھنجو ادبي سفر 1995ع کان شروع ڪيو هو جنھن۾ خوب محنت ڪيائين، ادبي سفر ۾ هڪ شانائتو ڪتاب ”قانون اسان لاءِ“ عام انسانن کي بھترين رهنمائي ڏيندڙ آهي. امتياز شاهاڻي منھنجي روح کي تمام ويجهڙو هو، دنيا جا سڀ درد، ڏک ڄڻ ٻنھين جا ساڳيا هئا. اهو دردن جي ڪلا جو مڙس مٿير ڪيئن ٿو وسري سگهي. امتياز جون سِٽون ٿيون ياد اچن ته:

    وسـارڻ ٿـا چـاهـيـو، ڀُلائي ڇڏيو ڀَل،
    مـٽـائـڻ ٿـا چـاهـيـو، مٽائي ڇڏيو ڀل.


    اسان کي او سائين!، دغا ناهي دل ۾،
    ڏکـائـڻ ٿـا چـاهـيـو، ڏکائي ڇڏيو ڀل.


    محبت ۾ ”امتياز“، ڪبو ناهي ليکو،
    جــلائڻ ٿــا چاهيو، جلائي ڇڏيو ڀل.


    پرين جي ديس ۾ سڀ پرين ڪونه ٿا رهن پر دل جي حسرتپرينءَ جي پار جي ڪري، اتان جي هر شيءِ محبوب ٿي لڳي. اهڙو محبوب مرڪندڙ چھرو، ڏاهپ ۽ دنيا جو گهڻ گهرو، چنڊ وانگر اجرو مَن رکندڙ، پنھنجي زندگيءَ ۾ حسرتن کي به ويجهڙائيءَ کان محسوس ڪيو. تڏهن ته چوي ٿو:

    حسرتون نيلام ٿيندي ٿو ڏسان،
    زندگي جي شام ٿيندي ٿو ڏسان.


    سونھن وارن پيچرن تي شھر ۾،
    پـيـار کي بدنام ٿيندي ٿو ڏسان.


    زندگيءَ جون شامون نراليون ٿينديون آهن پر ڏاڍيون عجيب به ٿينديون آهن، امتياز شاهاڻي سان اهڙيون عجيب ۽ نراليون شامون کوڙ ساتريون گذريون، ڪي ڪي ماڻهو انمول موتي ٿين ٿا، جيڪي روح تازو توانو ڪندا آهن. تمام گهڻيون يادگيريون آهن، ان روح پرور ماڻهوءَ سان، ايترو ئي جلديءَ ۾ وڇوڙي جا گهاوَ ڏئي جوانيءَ جو موت قبولي هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو. امتياز شاهاڻيءَ جو بيت ذهن تي تري آيو آهي ته:

    موت ٽارو ڪر مرڻ چاهيان نه ٿو،
    جڳ ۾ ڪم ڪار هن پئجي ويا.


    يا وري:

    پٿر جي شھر ۾ ڇڏيو ٿا وڃو،
    اڪيلو سفر ۾ ڇڏيون ٿا وڃو.


    اهڙي طرح منھنجا سپنا به ڀور ڀور ٿي ويا، جڏهن امتياز شاهاڻيءَ جي موڪلاڻيءَ جو ٻُڌو. ڪنھن ساڃاهه وند جو شعر ٿو ياد پوي ته:

    منھنجا سپنا سڀوئي ڀڄي ڀور ٿيا،
    خـواب وکـري ويا، ريگذارن جيان.


    امتياز شاهاڻي 10 مئي 2015ع تي مون کان، سڄي سنڌ کان ۽ پنھنجي گهر ڀاتين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، سندس آخري آرامگاهه سنڌ جي تاريخي قبرستان ”دودائي قبرستان“ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو