شاعر ،سگهڙ ۽ صحافي محمد صالح عباسي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    شاعر، سگهڙ ۽ صحافي محمد صالح عباسي:
    فقير محمد سنڌي

    سنڌي زبان ۽ ادب جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته ٻولي کي زنده رکڻ وارا عام ماڻهو ئي رهيا آهن ۔ جن پنهنجي محفلن ريتن رسمن، غم ۽ خوشي جي موقعي تي پنهنجي ٻولي ۾ ڏک، سک ونڊيا حال احوال اوريا آهي.
    خوشي ۾ ڳيچ لاڏا چيا ۽ غمي ۾ نوحه مرثيه لکي ٻولي کي زنده رکيو ۔۔ ادب جي اوائلي تاريخ ۾ اهو ڪم سنڌ جي ڀٽن، ڀانن، چارڻن ۽ مڱڻهارن ڪيو جن سنڌي زبان ۾ ڳاھ ۽ رزميه داستان لکي ٻولي ۾ روح ڦوڪيو،
    نيٽ دور تبديلي طرف ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ، سنڌ جي هر پاڙي۽ ڳوٺ ۾ جهر جهنگ ۾ سنڌي شاعري جو رواج اچي ويو آهي ۽ سنڌ جي هر پاسي اتر هجي، يا لاڙ، ڪوهستان هجي، يا ڪاڇو، ٿر هجي ڪو ٻيو ماڳ سنڌي ٻولي کستوري جي خوشبو وانگر هڳاء ڪندي رهي ٿي.
    آهستي آهستي دور جي حساب سان سنڌ جي هر ڳلي ڳوٺ ۾ جهر جهنگ ۾ سنڌي شاعري جو رواج اچي ويو آهي ۽ سنڌ جي هر پاسي اتر هجي يا لاڙ ڪوهستان هجي يا ڪاڇو ٿر هجي ڪو ٻيو ماڳ سنڌي ٻولي کستوري جي خوشبو وانگر هڳاء ڪندي رهي ٿي ان وقت اسان جا ادب دوست ڏاها ۽ ڄاڻو ماڻهو روز بروز اهڙيون محفلون مچائڻ پنهنجو شان مان سمجهندا هئا ۔ سنڌ جي ڳوٺ ۾ چار ماڻهو گڎ ٿين ۽ محفل نه سڄي ناممڪن هيو ۔۔ ان وقت ڪچهرين ۾ ڳجهارتون ۔ڳالهيون ، بيت، ڏور بيت، نڙ بيت به چيا ويند هيا
    ڪو چنگ وڄائيندو هيو ته ڪو گهڙي کي ساز طوروڄائي محفل کي گرمائيندو هو اڄ به اسان جيٻهراڙين جي اوطاقن ۾ يڪتارو چپڙي ۽ ٻيا ساز موجود آهن۔۔ مطلب ته اسان جو سڄو لوڪ ادب ۽ لوڪ ورثو عام ماڻهوَ جي چوگرد هيو۔ سنڌي الفابيٽ جي ٺهڻ بعد ٻين شعبن سان گڏ لوڪ ادب تي به ڪم ٿيو ۽ انهن ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جن تاريخي ڪم به ڪيو آهي ۔ عوام به اڳتي آيو ۽ سگهڙن باقاعدي ان کي ادبي ماحول ڏنو ڪتاب ڇپياسگهڙن جون تنظيمون به ٺهيون ۔۔ ۽ سنڌ ۾ تمام وڏي نالي وارا سگهڙ ٿي گذريا آهن جن ٻولي جي آبياري لاء وڏي جدوجهد ڪئي۔ انهن ۾ هڪ وڏو نالو محمد ملوڪ عباسي جو پڻ آهي۔
    ماضي قريب جو نالي وارو سدا حيات سگهڙ محمد ملوڪ عباسي جنهن جي تعارف ۽ خدمتن تي ڪتابلکجن ۔۔سندن وفات بعد سندس فڪر کي اڳتي وڌائڻ لاء پر عزم سندن خاندان جو چشم وچراغ سندن ڀاٽيو جنهن کي ادبي دنيا ۾ صالح عباسي
    جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو پاڻ هن وقت سنڌ جي سگهڙ تنظيم جا جنرل سيڪريٽري آهن ۔ نهايت سٻاجهي طبيعت جو مالڪ هر کي عزت ڏيندڙ انسان ۽ يارن جو يار دلبر ماڻهوَ، ادب ۾ لازوال خدمت اٿن ۔ بحيثيت صحافي سنڌ جي سوين گمنام شاعرن کي فاسٽ ٽائيم اخبار ذريعي عوام سان متعارف ڪرايو اٿن ۽ بنا فرق جي سندن خد مت جاري و ساري آهي ۔ پاڻ بهترين شاعر ۽ قابل سگهڙ پڻ آهن ۔ سندس تعارف ۽ شاعري
    سنڌي ادب جي دوستن کي ذهن نشين آهي.
    نالو… محمد صالح عباسي
    ادبي نالو …صالح عباسي
    ولد … غلام سرور عباسي
    ڳوٺ … محمد خان ڪلهوڙو
    لڳ مهين جو دڙو
    تعلقو ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻو
    سگهڙن جي سرتاج استاد محمد ملوڪ عباسي جو ڀائٽيو جنهن جي پيدائش 20جولا 1985ع تي ٿي
    لکڻ جي شروعات 1994ع ڪيائين.
    ڇپيل ڪتاب ” روح جون رولاڪيون “۽ 15 سگهڙن جي ڊائريڪٽرن ۾ مختلف مواد ڇپيل 3 ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ 210 مختلف شخصيتن جا پروفائل روزاني فاسٽ ٽائيمز لاڙڪاڻو ۾ شامل ڪري چڪو آهي، اھڙي طرح ڇپيل مواد مختلف اخبارن رسالن ۾ 100 کان مٿي ڪالم ۽ مضمونن جي صورت ۾ ڇپيل آهن،
    تنظيمي تعلق مرڪزي سيڪريٽري جنرل سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم ۽
    چيئرمين آواز گروپ لاڙڪاڻو
    50 کان مٿي ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، سندس شاعري ۾ حسن ۽جمال پنهنجو اٿس.

    غزل

    توبن نراس آهيان
    ڏاڍو اداس آهيان
    رخ روشني آ جو منهنجو
    من ۾ اماس آهيان
    بازر ۾ بي ملهو ڄڻ
    سو ڪو ڪراس آهيان
    نيڻن ۾ آهي صحرا
    ٿر جي پياس آهيان
    پل عام مون کي سمجهو
    ڪنهن لئه ته خاص آهيان
    ڏي درد سوچي جاني
    ٿورو حساس آهيان.

    غزل

    توبن منهنجون ڪهڙيون عيدون
    ترسي ويون هن تو لئه ديدون
    توکان دور ڀلا او ! ساجن
    ڇاجون خوشيون ۽ هي خريدون
    هر هر ٿي قتلام وڃان ٿو
    يار کڻين ٿو هر هر ديدون
    صالح پيار حقيقت پنهنجو
    لوڪ ڪري ڀل جان تنقيدون.
    غزل
    ويندي عذاب ارپي
    پر لاجواب ارپي
    چوڌاري ڀيڙ ۾ هو ء
    ويئي گلاب ارپي
    هوء نيڻ ويئي چمائي
    مون کي ثواب ارپي
    صالح اکيون جهڪائي
    ويئي حساب ارپي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو