سنڌ جا ڪتب خانا ۽ لائبريريون
Ustad Bukhari
(چوٿين قسط)
”قِراني“ ڪتب خانو، شادي پلي، تعلقو سامارو
سال 2019ع جي اوائل ۾، هن ڪتب خاني کي ڏسڻ جو موقعو مليو، منهنجي ساٿ ۾، سنڌ جو مشهور سُگھڙ ۽ شاعر تاج محمد هاليپوٽو ۽ حڪيم امام بخش منڱريو شامل هئا، هتي هڪ مدرسو موجود آهي، جنهن جو نالو ”مدرسه مجدديه“ ٻُڌايو ويو. هي مدرسو سن 1315 هجريءَ ۾، ڳوٺ محمد عمر ڀنڀري، لڳ شادي پلي، علامه محمد عثمان ولد حافظ ڄام ذات ڀنڀرو، تخلص ”قِراني“ (جنم 27 صفرالمظفر 1296 هجري، وفات 15 رجب المرجب 1355 هجري) قائم ڪيو. ”قِراني“ لفظ جي معنيٰ آهي، ”ٻن شين جو گڏجڻ.“ نجومين جي اصطلاح ۾، ان کي ”ٻن ستارن جو گڏجڻ“ چئبو آهي يعني جڏهن هڪ وقت ۾، هڪ برج ۾، ٻه ستارا اچي گڏجن، ته ان کي ”قِرآن السعدين“ چئبو آهي. مطلب ”نيڪ بخت ۽ سعادت وارو.“ علامه محمد عثمان ”قِراني“ جو جنم، ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي تعلقو جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) ۾ ٿيو. ستن سالن جي عمر ۾، پنهنجي ويجھي ڳوٺ اميد علي خان رند ۾، مولوي ميان سيد حاجي احمد شاھ وٽ قرآني تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويٺو. فارسي تعليم ڳوٺ سيد لاکو شاھ ۾، ميان محمد علي صاحب کان حاصل ڪيائين. عربي تعليم ٽنڊي مير غلام علي ۾، حضرت مخدوم قاضي القضات مولانا مولوي لعل محمد متعلوي وٽ شروع ڪيائين. آخر ۾ دستاربندي ۽ سند تحصيل علم به، مولانا مولوي لعل محمد وٽان عطا ٿين. ٿوري وقت جي لاءِ، سماع، حديث شريف ۽ علم تفسير بابت اضافي علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ، مدرسه قاسميه دارالعلوم ديوبند ۾ به ويا. ان کان علاوه پنجاب ۽ هندوستان جي مختلف عالمن ۽ اديبن کان به فيض حاصل ڪندا رهيا. سن 1315 هجريءَ ۾، جيئن ئي ”مدرسه مجدديه“ قائم ٿيو، ته ان جي اندر ڪتب خانو به قائم ڪيو ويو. هن ڪتب خاني ۾ ڪافي سارا ڪتاب ته گڏ ٿيندا رهيا، پر هتي باقاعده قلمي نسخن لکڻ جو بندوبست ۽ اهتمام به ڪيو ويو.
علامه محمد عثمان ”قِراني“ مرحوم جي باري ۾ معلوم ٿيو، ته پاڻ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب تصنيف ڪيائون ۽ ڪيترن ئي وڏن ڪتابن تي شرح ۽ حاشيا به لکيائون. سندن اشعار عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن. سندس لکيل ڪتابن ۽ مسودن جو وڏو ذخيرو، هن ڪتب خاني ۾ موجود آهي. هيءَ علمي ۽ ادبي ذخيرو، وقت جي ڪمي ۽ اُجلت سبب ڏسي نه سگھياسين. حضرت مولانا صاحب جن جي تخلص مبارڪ سان منسوب، هڪ عدد علمي رسالو ”قِراني“ به ڪنهن وقت ۾ شايع ڪيو ويندو هو، جيڪو اڳتي هلي، ڪن مجبورين ۽ سببن جي ڪري بند ڪيو ويو. هن مدرسي جي مهتمم ۽ مدرس سان ملاقات ٿي، جنهن پنهنجو اسمِ گرامي نور محمد ٻڌايو. هن اسان جي علم ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي فرمايو، ته هن مدرسي ۾ حضرت مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جن به اچي قيام پذير ٿيندا هئا. هتي ٿورو عرصو رهي، علماءِ هند جي عالمن ۽ مدرسي جي وڏن طالبِ علمن کي، تقريرن ۽ تحريرن وسيلي، سياسي ۽ فڪري درس ڏيندا هئا. انگريز سرڪار جي سخت چوڪسي ۽ سختيءَ سببان، جلد ئي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ٿي ويندا هئا. مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جو جنم 12 محرم الحرام سن 1289 هجريءَ موجب، 10 مارچ 1872ع ۾ ٿيو ۽ وصال جو سال 22 آگسٽ 1944ع آهي. پاڻ پنهنجي وقت جا وڏا انقلابي، سياستدان، قرآن الڪريم ۽ حديث پاڪ جا عالم، علم شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي منزل جا صاحب، تاريخ، تصنيف ۽ تصوف جا ماهر، فلسفي، پاڪ دل صوفي ۽ عارف بزرگ ٿي گذريا آهن. پاڻ هندوستان ۽ سنڌ مان سفر ڪندا، افغانستان، ترڪي ۽ يورپ کان ٿيندا، عربستان جي شهر مڪي معظمه ۾، سانده ٻارنهن سال رهيا. سندن ساٿ ۾، مولوي عبدالله لغاري (پاڙو ڪالواڻي) سانگھڙ وارو ۽ مولوي مفتي عبدالقادر لغاري (پاڙو احمداڻي) باکوڙي وارو به شامل ٿيندا رهندا هئا.
”مدرسه مجدديه“ جي ”قِراني“ ڪتب خاني ۾، ڪاٺيءَ جي الماڙين جون قطارون ۽ لوھ جا ڪٻٽ ڏٺا ويا. جيڪي همه وقت قيمتي ڪتابن ۽ رسالن سان سٿيل، ڀريل ۽ ٽُٻ ٽُوڻ رهن ٿا. قديمي قيمتي قلمي نسخن بابت معلوم ٿيو، ته هتي اهڙا ڪتاب ڪافي تعداد ۾ موجود آهن، جن جي مٿان ڪپڙي ۽ چمڙي جا جلد چڙهيل آهن. قرآن الڪريم جي هڪ حمائل سائيز قلمي نسخي جي زيارت به نصيب ٿي. هي نسخو بغداد جي ڪنهن ڪاتب جو، اندازن هڪ هزار سال پراڻو لکيل هو. عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ لکيل ڪيترن ئي ڪتابن سان، الماڙيون ۽ ڪٻٽ ڀريل هئا. ڪجھ قلمي نسخا اهڙا به ڏٺا ويا، جيڪي هٿرادو ٺاهيل پني تي تحرير ڪيل هئا. پراڻي زماني ۾، جڏهن ڪاغذ جي ڪمي هوندي هئي، تڏهن وڻن جي ڇوڏن، پنن، ٻُوٽن جي ٽارين، بُھ، ووڻاٺين، سانگلين، مڪئِي جي سُڪل سِٽن، ٻُچڙن، ڪاني جي ڦوڦن، پلال جي پرپرين ۽ پراڻن پاٺن کي پينهي، مسالو ملائي، لُغدو بنائي، ان کي ويلڻ سان ويلي، ڪاغذ تيار ڪيا ويندا هئا. اهي ميرانجھڙا پنا کُرترا، کَهُرا ۽ ٿُلها ٿيندا هئا. اهڙن هٿرادو ڪاغذن تي تحرير ڪيل ڪتاب، ڪيترين ئي علمي درسگاهن، مدرسن، ڪتب خانن ۽ ماڻهن جي ذاتي لائبريرين ۾ اڄ به موجود آهن. اهڙي قسم جا قيمتي قلمي ناياب ڪتاب، علم و ادب جا عاشق، پيار جا پروانا ۽ مطالعي جا ماهي ماڻهو، سيني سان سانڍيندا ٿا اچن.
”قِراني“ ڪتب خاني جي باني، حضرت مولانا محمد عثمان ڀنڀرو صاحب جن جي باري ۾ وڌيڪ معلوم ٿيو، ته سندن رهڻي ڪهڻي سادي ۽ فقيراڻي هوندي هئي. مشڪل مسئلا مختصر لفظن ۾ سمجھائيندا هئا. حضرت ”قِراني“ صاحب مُجاهد، متقي، فقيه، عابد، زاهد، پرهيزگار، پارسا ۽ محڪم علم وارا هئا. سندن مدرسي جو تعليمي نصاب، بعينيه دارالعلوم ديوبند وارو هو. مولانا صاحب جن پنهنجي طالبِ علمن کي، تفسيرِ حديث، فقه، صرف و نحو، منطق صغريٰ و ڪبريٰ، علم حڪمت، هيئت، فلسفو، رياضي، علم ادب، سُلوڪ، تصوف، طب ۽ حڪمت وغيره، سڀ ڪجھ پاڻ پڙهائيندا هئا. هن ڪتب خاني ۽ مدرسي جي مهتمم ۽ مدرس، مولوي نور محمد صاحب جن کي، ڪتب خاني بابت وڌيڪ معلومات مهيا ڪرائڻ واسطي، هڪ عدد معلوماتي پروفارما به ڏنو ويو، البته ڪافي عرصو گذرڻ جي باوجود، ان جو ڪو به تحريري احوال موصول نه ٿيو. ان ڪري هيءَ معلومات، يادداشت جي بنياد تي لکي ويئي آهي ۽ ڪافي سارو مواد، رسالي مهراڻ جي سوانح نمبر تان به اخذ ڪيو ويو آهي.
ustadlaghari333@gmail.com
Return to main page
Copyright © 2006 The Ibrat Group of Publications. All Rights Reserved. Ibrat Building Gadi Khata Hyderabad, Pakistan . Ph: 92-022-2728571-2, 2728703-4, Fax. 92-022-2784300 Email:
ibrat@hyd.wol.net.pk
he