مولانا محمد عثمان قراني

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محبوب علي پلي طرفان آندل موضوعَ ‏21 جولائي 2020۔

?

پنھنجي راء کان ضرور آگاه ڪندا

راءِ شماري ‏8 سيپٽمبر 2020 17:03 وڳي تي ختم ٿي ويندي.
  1. بھترين

    0 ووٽ
    0.0%
  2. تمام سٺو

    0 ووٽ
    0.0%
هڪ کان وڌيڪ ووٽ ڏئي سگهجن ٿا.
  1. محبوب علي پلي

    محبوب علي پلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2016
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    ٻار پڙہائڻ
    ماڳ:
    شادي پلي
    سونڊن جا سونهارا (قسط 5)

    %مولانا غلام علي شاه سونڊوي رح%

    تحقيق: سائين محمد موسيٰ حفظه الله-
    ترتيب: قاضي حماد-

    مولانا غلام علي ولد محمد علي شاه جن جي ولادت 11صفر 1336هه ۾ ٿي- شروعاتي تعليم مدرسه فيض احمدي سونڊا ۾ مولانا عبدالحڪيم، حافظ محمد محفوظ جن وٽ حاصل ڪئي۔

    وڌيڪ تعليم لاء 1349ھه ۾ مدرسه دارالفيوض هاشميه سجاول جو رخ ڪيو۔ جتي مولانا محمدنور پنجابي، مولانا فتح علي جتوئي، مولانا شمس الحق افغاني رح ۽ ٻين جيد عالمن سڳورن وٽ تعليم حاصل ڪئي۔ 1352 ھه ۾ مدرسه مجدديه عرف ڀنڀره نزد شادي پلي ۾ مولانا محمد عثمان قراني وٽان فراغت حاصل ڪئي، مولانا قراني رح جن پنهنجي پڳ کين برڪت لاء ڏني۔

    1353هه ۾ شيخ التفسير مولانا احمد علي لاهوري رح وٽان دوره تفسير ڪري ترجمه القرآن جي سند حاصل ڪري واپس ڳوٺ وريا۔
    1354ھه ۾ مولانا قراني جي مدرسي ۾ صدر مدرس منتخب ٿيا ۽ زبردست نظم هلايو۔

    1358هه ۾ صدات تان استعفا ڏئي پنهنجي ڳوٺ واپس وريا ۽ ڪجه ئي عرصي بعد جواني ۾ ئي وفات ڪيائون ۔
     
    آخري ترميم: ‏21 جولائي 2020
  2. محبوب علي پلي

    محبوب علي پلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2016
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    ٻار پڙہائڻ
    ماڳ:
    شادي پلي
    نيڪ ڏٺاسون ناري ۾

    مولانا محمد عثمان قراني 1936ع ۾ وصال فرمايو ـ
    جميعت علماء نارو جي صدارت مولانا محمد علي جوڻيجو حوالي ٿي ـ ھنن مولانا قراني جي ياد ۾ "قراني" رسالو ڪڍيو ـ جيڪو 1936ع کان 1938ع تائين سڄي سنڌ ۾ عام جام ھليو ـ انهيَ دوران جميعت علماء ھند جي اثر ڪري جميعت علماء نارو ان ۾ ضم ٿي وئي ـ
    جميعت علماء ھند ضلع ٿرپارڪر جي نئين باڊي مولانا محمد علي جوڻيجو جي قيادت ۾ چونڊي وئي
    سڄي دنيا ۾ اٿل پٿل سبب برصغير ۾ سياسي تحريڪون زور وٺي رھيون ھيون ـ اھوئي دور ھو جڏهن ھندو مسلم اتحاد جو وڏو داعي محمد علي جناح گانگريس کي ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي چڪو ھو ـ ھندو مسلم تضاد تيز ٿيڻ لڳو ھو ـ پوري برصغير جيان 1922ع ۾ ٺھيل شيخ الھند مولانا محمودالحسن جي جميعت علماء ھند ٻن حصن ۾ ورھائجي چڪي ھئي ـ جميعت علماء ھند جي مولانا حسين احمد مدني قيادت ڪري رھيا ھئا جيڪا گانگريس جي اتحادي ھئي ۽ ان جي مقابلي ۾ ڪلڪتي ۾ جميعت علماء اسلام جو بنياد رکيو ويو ' ان جي قيادت مولانا اشرف علي ٿانوي ڪري رھيا ھئا ـ ھن جميعت ۾ مولانا قاسم نانوتوي جو پوٽو قاري طيب ' مولانا شبير احمد عثماني ' مولانا ظفر احمد عثماني ' شير بنگال مولانا عبدالحق سميت پير غلام مجدد سرھندي وارا شامل ھئا ـ جيڪي ڪانگريس بجاء مسلم ليگ سان اتحاد جا حامي ھئاـ ان ورھاست جي ڪري سنڌ ۾ به بيچيني ھئي ـ ٿرپارڪر ۾ پير غلام مجدد سرھندي جي مريدي جو سلسلو ھو ـ سيد شاھ مراد شاھ جيڪو مقامي علماء سان ھروقت ساٿ ۾ ھوندو ھو ـ پر سندس تعلق مسلم ليگ ۽ خانبھادر وساڻ سان ھو ـ تنهن ڪري انهن ماڻهن جي اثر ڪري 1938ع ڌاري جميعت علماء ھند ٿرپارڪر مان جميعت علماء اسلام جنم ورتو ـ تڏهن سنڌ ۾ جميعت جي قيادت مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ حڪيم فتح محمد سيوھاڻي ڪري رھيا ھئا ـ ھنن مولانا حسين احمد مدني کي ڪراچي ۾ کڏي واري مدرسي ۾ گھرايو ـ اتي سڄي سنڌ مان عالم سڳورا آيا ' ميٽنگ ٿي ـ ان ميٽنگ ۾ مولانا حسين احمد مدني 46 دليل ڏنا ته مسلمانن کي ۽ جميعت علماء ھند کي ڪانگريس جي مدد ڪرڻ گھرجي ـ انهيَ جي مقابلي ۾ ٿرپارڪر جي عالم مولوي مبارڪ پلي جيڪو نوجوان ۽ نھايت ذھين عالم ھو ـ ان دليل ڏيڻ شروع ڪيا ته مسلمانن کي ۽ جميعت علماء ھند کي ڪانگريس بجاء مسلم ليگ جي مدد ڪرڻ گھرجي ـ جيئن ته سڄي سنڌ ۾ مولانا محمد صادق وارن جي اڪثريت ھئي ـ تنهن ڪري ٿرپارڪر جي جميعت علماء اسلام جي باڊي سميت جميعت علماء اسلام جي حامي ڪجھ ٻين عالمن به اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيوـ ان کانپوء جميعت علماء ھند صوبي سنڌ جي قيادت جميعت علماء ھند ٿرپارڪر جي باڊي ٽوڙي ڇڏي ۽ ان جي جاء تي مولانا محمد صادق کڏي واري جميعت علماء ھند ضلع ٿرپارڪر جا ھيٺيان عھديدار مقرر ڪيا ـ
    صدر :- پير اسماعيل جان روشن ولد پير حسين جان سرھندي ٻوئلي وارو
    ناظم :- مولوي قاضي نور محمد پلي ڊيٻي وارو
    نائب امير :- مولانا محمد سعيد ولد مولانا محمد عثمان قراني
    حڪيم فتح محمد سيوھاڻي ۽ سندس ڀاء قاضي قيوم ((قاضي عابد وارن جو والد)) وارن سان قاضي نور محمد جو تمام ويجهو ۽ گھريلو تعلق ھو ـ تنهن ڪري ھنن ٿرپارڪر جي جميعت علماء اسلام جي باڊي کي زير بار ڪرڻ لاء حيلا ھلايا ـ نيٺ قاضي نورمحمد راوتسر جي ھڪ چانڊئي کان ڇاڇري ۾ ڪيس ڪرايو ـ جنهن ۾ مولانا محمد علي جوڻيجو ' مولانا سيد ڪريم ڏنو شاھ ' مولانا عزيز الله ساند ' مولانا عبدالڪريم ساند ۽ مولانا عبدالحڪيم ميمڻ کي جوابدار ڄاڻايو ويو ـ سياسي تضادات تيز ٿي رھيا ھئا ـ تڏهن سياسي نظريا پنهنجي ذات جي مفاد بجاء اجتماعي مفادن سان واڳيل ھئا ـ جڏهن پنهنجي نظرئي سان سچائي ھوندي آهي ته پوء سياسي اختلاف ' ڪڏهن ڪڏهن ذاتي اختلاف به بنجي ويندا آهن ـ
    تڏهن ڍورونارو ۾ به وڏي سياسي اٿل پٿل ھئي ـ ڪانگريس ' مسلم ليگ ' خاڪسار تحريڪ ' ھاري ڪميٽي ۽ ٻيون سياسي توڙي سماجي تنظيمون سرگرم ھيون ـ
    مھاتما گانڌي ' جواھر لال نھرو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح ھن ريلوي ٽريڪ تان گذرندي ڍورونارو ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي آيل پنهنجي حمايتين کي پيا خطاب ڪندا ھئا ـ قائد اعظم محمد علي جناح جڏهن ھتان کان گذرندي ڍوري ناري ريلوي اسٽيشن تي پنهنجي حامين کي خطاب ڪيو ته پير غلام مجدد سرھندي سندس استقبال لاء پنهنجا مريد گڏ ڪرايا ھئا ۽ قاضي نور محمد پنهنجا ماڻهو گڏ ڪرائي ' قائد اعظم جو ڪارن جھنڊن سان استقبال ڪرايو ھو ـ
    اھي ھڪڙي دور جا نظرياتي ۽ فڪري اختلاف ھئا
    ماڻهو اختلاف ڪندا ھئا ته انهن ۾ منافقي ڪونه ھوندي ھئي ـ
    تحرير.جلال ڪوري
     
  3. محبوب علي پلي

    محبوب علي پلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2016
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    ٻار پڙہائڻ
    ماڳ:
    شادي پلي
    حضرت محمد عثـمان قراني رح
    قسط پنجين

    ھزارون سال نرگس اپنی بینوری پہ روتی ھے ...
    تبھین جاکے ھوتا ھے چمن م دید ور پیدا .....
    واقعی اقبال جي ان شعر م وزن آھي پاڻ پنھنجي پسگردائيي م جيڪر نظر ڦيرائينداسين تہ چند ماڻھو اھڙا نظر ايندا جن جو ڪم نالو نظر ايندو باقي آيا، رھيا، ء ويا ....
    اسين پنھنجي علائقي م سٺي ڇاپ ڇڏيندڙن جي فھرست ٺاھيو تہ اول نمبر چاھيندي نہ چاھيندي .....
    مولانا قراني کي ڏينداسين .....
    جنھنجو ذڪر ايندي وات م ڄڻ مصري تڙ اچيو وڄي ....
    ۱۸۷۶ جو سال ھن علائقي لاء ڀلارو رھيو ان سال حافظ ڄام ڀنڀرو ڳوٺ عمر ڀنڀرو م مدرسو کوليو انھي سال کيس نرينہ اولاد ٿيو جنھنجو نالو رکيائين محمد عثمان ......
    محمد عثمان بنيادي تعليم پنھنجي والد حافظ ڄام کان حاصل ڪئي ء مدرسہ مٽياري کان دستار بند عالم ٿي1890 م اچي پنھنجي ڳوٺ واري مدرسي م استادي جا فرائض انجام ڏنائون ....
    سندن شاگرن م جتي ناري پٽ جو وڏو زميندار امير انسان قاضي نور محمد پلي رھيو تہ غريب انسان محمد قاسم اميري بہ رھيو
    سندس شاگرد مولوي مبارڪ عربي م فقہ متعلق ڪتاب لکيو جيڪو عرب ملڪن م بيحد مقبول ويو ..... جنھن لاء مولانا مھيري لکيو تہ مبارڪ اھو ڪتاب لکي سنڌي مسلمانن کي بارگاھ رسالت م سرخرو ڪيو آھي ....
    مھيري جي قد ڪاٺ لاء ڊاڪٽر بلوچ جو اھو حوالو ئي کوڙ آھي تہ لاڙ پٽ جا ٻہ شاعر ٻہ عالم ملاح چنڊ تہ مھيري سج...
    قراني صاحب جي شاگردن ولھيٽ م مدرسو کوليو ....ء ولھيٽ مان رسالہ قراني شايع ڪيو جنھن عوام م شعور بيدار ڪرڻ م اھم حصو ڳنڊيو ......
    قراني صاحب کي نثر و نظم لکڻ تي ڪمال مھارت حاصل ھئي پاڻ شاعري جا ٻہ مجموعہ بياض قراني، ديوان قراني لکيائون ......
    ساڻن منسوب ٻہ مشھور حوالہ ھيٺ ڏجن ٿا ......
    سندس ننڍو ڀاء نور محمد مجذوب سندس حياتي م ديوبند مدرسي م تعليم حاصل لاء ويا تہ ان وقت مدرسي جي استاد جنھن وٺ مولانا آزاد بہ تعليم حاصل ڪئي .....
    اھو استاد محمود الحسن صاحب تنھن نور محمد کان تعارف پڇيو تہ پاڻ ٻدايائون ٿرپارڪر جو ڀنڀرو تنھن تي مولانا صاحب چيو تہ ڇا قراني وفات ڪري ويا آھن نور چيو نہ حيات آھن تنھن تي مولانا محمود چيو پوء اتي ئي وڄي پڙھ جيڪو تون لاء وڌيڪ بھتر آ ...........
    ٻئين روايت مولانا قراني جي فرزند محمد سعيد سان منسوب آھي جيڪي قراني صاحب جي وفات کانپوء جڏھن تعليم حاصل ڪرڻ لاء مدرسہ ديوبند ڏانھن ويا ء ڪجھ وقت کانپوء مزيد تعليم سنڌ مان ئي حاصل ڪرڻ لاء سنڀريا تہ ان وقت مدسہ ديوبند جي استاد برصغير م وڏو نالو رکندڙ مولانا حسين احمد مدني صاحب ، محمد سعيد کي گھرائي چيو تہ اسان وٽ ھزارين شاگرد آيا ء ويا پر اسان ڪنھن کي مزيد اسان وٽ پڙھڻ لاء منٿ نہ ڪئي پر تونکي منٿ ڪريون ٿا تہ اسانکي مزيد استادي جو شرف بخش ڇو جو تون سنڌ جي علمي گورنر مولانا قراني جو پٽ آھين ...... محمد سعيد بہ کائس پوء وڏي عزت، شھرت حاصل ٿي ......مولانا محمد سعيد جي شاگرد نيڪ محمد نھڙي ٻڌايو تہ سائين جنھن گلاس م پاڻ پاڻي پيندا ھئا انھي گلاس م ساڻن ملڻ ايندڙ ھندو کيتو ميگھواڙ ء ٻين کي بہ انھي گلاس م پاڻي پياريندا ھئا ........
    مولانا قراني جو مدرسو ھيئر سندس پوٽي مولانا نور محمد جي سنڀال ھيٺ ھلنڌڙ آھي انھي مدرسي جي لائبريري م قران مجيد جو 361ھجري جو قديم قلمي نسخو موجود آھي جيڪو قراني صاحب بغداد کان کڻي آيا ھئا .........
    تحرير.خادم علي پلي
     
  4. محبوب علي پلي

    محبوب علي پلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2016
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    ٻار پڙہائڻ
    ماڳ:
    شادي پلي
    نيڪ ڏٺاسون ناري ۾

    حضرت مولانا محمد عثمان قراني ڪير سڏائي!؟

    انگريز پوري برصغير کي گوڏي ھيٺان ڏيئي
    الوليون ڪري رھيو ھو ـ
    سنڌ پنھنجي ماٺيڻي مزاج سان تماشو ڏسي رھي ھئي ـ ملڪ ۾ ماٺار ھئي ـ
    ناري پٽ جي ڪک ۾ ڪو عالم پلجي رھيو ھوـ
    سندس سعادتمند ماء خواب ڏٺو ته
    ھڪ درياء ۾ مسجد بيٺل آهي جنهن ۾ طالب ويٺا پڙھن ـ
    ان خواب جو تعبير 1879ع ۾ ان ماء کي ڄاول
    اھو ڀاڳن وارو ٻار ھو ـ
    جيڪو مولانا محمد عثمان قراني جي نالي سان
    ھند سنڌ ۾ مشھور ٿيو ـ
    پاڻ ابتدائي ديني تعليم کانپوء
    سنڌي عالمن واري سند جي وڏي عالم
    قاضي القضات مولانا لعل محمد متعلوي رح
    وٽان علم جي تحصيل ڪيائون ـ
    ڪجھ وقت لاء ديوبند به ويا ـ
    پنجاب ۽ ھندستان جي عالمن کان فيض پرايائون ـ
    ھو وجيھ ۽ خوبصورت شخصيت جو مالڪ ھو ـ
    20 سالن جي عمر ۾ 1899ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ عمر ڀنڀرو ۾ مدسو قائم ڪيائون ـ
    دارالعلوم ديوبند کان به ڪي وڌيڪ ڪتاب
    سندن نصاب ۾ شامل ھئا ـ
    ھو علم جو درياء ۽ جامع الڪمالات بزرگ ھو ـ
    پنهنجي مدرسي ۾ صرف ' نحو ' منطق ' علم ادب '
    علم حڪمت ' فقه ' فلسفو ' رياضي ' طب ' سلوڪ ' تصوف ' تفسير ' توڙي حديث سڀ پاڻ پڙھائيندا ھئا ـ
    سندس مدرسي ۾ ڪڇ کانوٺي بلوچستان ' پنجاب ' خراسان ۽ ھندستان جا شاگرد فيضياب ٿيا ـ سندس سڀ شاگرد وڏي پايي جا جيد عالم ٿي گذريا آهن ـ
    ان دور جا سنڌي سند وارا عالم ھڪ طرف علم جا سمنڊ ھئا ته ٻئي پاسي عاجزي ' انڪساري ' سادگي ۽ روحانيت جي وڏن مقامن جا صاحب ھئا ـ
    تنهن ڪري ماڻهو پنهنجن معاملن جي حل لاء ڪورٽ يا ٿاڻي بجاء عالمن ڏي رجوع ڪندا ھئا ـ
    عوام جي اھڙي رجحان ۽ رش کي ڏسي ناري پٽ جي عالمن جميعت علماء نارو جو بنياد رکيو ـ
    ان جو امير متفق ٿي مولانا محمد عثمان قراني رح
    کي چونڊيائون ـ
    سندس سرپرستي ۽ سربراھي ۾
    مولانا عزيز الله ساند ولھيٽ وارو '
    مولانا عبدالڪريم ساند ولھيٽ وارو '
    مولانا محمد علي جوڻيجو عالم پلي وارو '
    مولانا ڪريمڏنو شاھ کاروڙي سيد وارو '
    مولانا عبدالحڪيم چيلھ وارو '
    مولانا مبارڪ پلي کيرل وارو '
    مولانا عبدالخالق پلي ((سائين معمور يوسفاڻي جو وڏو ڀاء)) شامل ھئا ـ
    دارالقضات جو پورو رڪارڊ رکيائون ـ
    صوفي فقير ۾ صوفي حاجي محمد وٽ
    حيات مسيح عليه السلام تي عيسائي پادرين سان
    مناظرو ڪيائون ـ
    منهنجي خوش قسمتي آهي ته
    آئون سنڌي سند واري ان وڏي عالم جو
    پڙپوٽو شاگرد آھيان ـ
    سندس پيارو شاگرد مولانا محمد علي جوڻيجو
    وري منهنجي استاد مولوي محمد صديق ڪوري جو
    استاد ھو
    ڪتاب به لکيائون ۽ ڪيئي وڏن ڪتابن تي
    شرح ۽ حاشيا به لکيائون ـ
    شاعري به ڪيائون ـ
    پر سڀ اڻ ڇپيل پيو آهي
    ڪفن ھميشھ گڏ رکندا ھئا ـ
    ناري پٽ جي علمي فضيلت کي ھند سنڌ کان خراسان تائين اجاگر ڪري پاڻ 1936ع ۾ وڇوڙي جا وڍ ڏيئي
    وڃي اصلي وطن وسايائون ـ
    ڪل شيء يرجع الا اصله
    تحرير.جلال ڪوري
     
  5. محبوب علي پلي

    محبوب علي پلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2016
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    ٻار پڙہائڻ
    ماڳ:
    شادي پلي
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    [​IMG]

    ڀنڀرو محمد عثمان

    ڀنڀرو، محمد عثمان:عمرڪوٽ ضلعي جي مشهور عالم علامه محمد عثمان جي ڪُنيت ”ابوالسعيد“ ۽ تخلص ”قراني“ هو. هن جو تعلق ڀنڀرا ذات سان هو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 27 صفرالمظفر 1294هه مطابق 1877ع ۾ ڳوٺ ڍينگاڻ ڀرڳڙي تعلقي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد)، ضلعي ٿرپارڪر (هاڻي ميرپور خاص) ۾ ٿي. جڏهن ستن سالن جو ٿيو ته سندس والد کيس حاجي احمد شاهه وٽ قرآن پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. فارسيءَ جي تعليم ميان محمد علي پٺاڻ (ڳوٺ سيد لاکي شاهه) وٽ ٿوري عرصي اندر حاصل ڪيائين. ميان محمد عليءَ کي شعر گوئي ۽ نظم سنجيءَ ۾ ڪافي دسترس هئي، تنهنڪري سندس صحبت ۾ شعر گوئي ۽ نظم چوڻ ۾ وڏو ملڪو حاصل ڪيائين. فارسيءَ جي تعليم مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ عربي تعليم مخدوم قاضي القضاة مولانا محمد متعلويءَ وٽ ٽنڊي مير غلام عليءَ ۾ ورتائين. صرف ۽ نحو شرح ملا جاميءَ تائين ۽ علم فقه ۾ ”هدايه“ پڙهيائين. علم منطق ۽ نحو مولانا خير محمد وٽ پڙهيائين. آخر دستاربندي ۽ سند تحصيل علم مولوي محمد متعلويءَ کان ورتائين. تحصيل علم کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ 1315هه/1897ع ۾ پنهنجي ڳوٺ عمر ڀنڀري لڳ اسٽيشن شادي پلي (تعلقي ساماري ضلعي ميرپور خاص) ۾ ”مدرسه مجدديه“ (ڀنڀري) قائم ڪري، ٿر جھڙي پوئتي پيل علائقي ۾ خلق خدا کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. هن 15 رجب المرجب 1355هه/1936ع تي سومر جي ڏينهن وفات ڪئي. کيس سندس وصيت مطابق مدرسي جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.

    هن صفحي کي شيئر ڪريو
    ShareFacebookTwitterPrintEmailFacebook Messenger

    هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن
    عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون
    پير الاهي بخش انصاري محبوب الاهي
    ٻاگهلائي علي محمد مولوي
    شمس الدين فقير
    شيخ محمد اچي قاضي
    ٺٽوي مخدوم عبدالرحمان
    امام ابو دائود
    سيد عبدالرحيم شاهه سجاولي
    شيخ فتح محمد
    ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
    احمد رضا بريلوي
    عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون
    سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري وٽ سَڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن
     
  6. محبوب علي پلي

    محبوب علي پلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2016
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    ٻار پڙہائڻ
    ماڳ:
    شادي پلي
    سنڌ جا ڪتب خانا ۽ لائبريريون
    Ustad Bukhari
    [​IMG]
    (چوٿين قسط)

    ”قِراني“ ڪتب خانو، شادي پلي، تعلقو سامارو

    سال 2019ع جي اوائل ۾، هن ڪتب خاني کي ڏسڻ جو موقعو مليو، منهنجي ساٿ ۾، سنڌ جو مشهور سُگھڙ ۽ شاعر تاج محمد هاليپوٽو ۽ حڪيم امام بخش منڱريو شامل هئا، هتي هڪ مدرسو موجود آهي، جنهن جو نالو ”مدرسه مجدديه“ ٻُڌايو ويو. هي مدرسو سن 1315 هجريءَ ۾، ڳوٺ محمد عمر ڀنڀري، لڳ شادي پلي، علامه محمد عثمان ولد حافظ ڄام ذات ڀنڀرو، تخلص ”قِراني“ (جنم 27 صفرالمظفر 1296 هجري، وفات 15 رجب المرجب 1355 هجري) قائم ڪيو. ”قِراني“ لفظ جي معنيٰ آهي، ”ٻن شين جو گڏجڻ.“ نجومين جي اصطلاح ۾، ان کي ”ٻن ستارن جو گڏجڻ“ چئبو آهي يعني جڏهن هڪ وقت ۾، هڪ برج ۾، ٻه ستارا اچي گڏجن، ته ان کي ”قِرآن السعدين“ چئبو آهي. مطلب ”نيڪ بخت ۽ سعادت وارو.“ علامه محمد عثمان ”قِراني“ جو جنم، ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي تعلقو جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) ۾ ٿيو. ستن سالن جي عمر ۾، پنهنجي ويجھي ڳوٺ اميد علي خان رند ۾، مولوي ميان سيد حاجي احمد شاھ وٽ قرآني تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويٺو. فارسي تعليم ڳوٺ سيد لاکو شاھ ۾، ميان محمد علي صاحب کان حاصل ڪيائين. عربي تعليم ٽنڊي مير غلام علي ۾، حضرت مخدوم قاضي القضات مولانا مولوي لعل محمد متعلوي وٽ شروع ڪيائين. آخر ۾ دستاربندي ۽ سند تحصيل علم به، مولانا مولوي لعل محمد وٽان عطا ٿين. ٿوري وقت جي لاءِ، سماع، حديث شريف ۽ علم تفسير بابت اضافي علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ، مدرسه قاسميه دارالعلوم ديوبند ۾ به ويا. ان کان علاوه پنجاب ۽ هندوستان جي مختلف عالمن ۽ اديبن کان به فيض حاصل ڪندا رهيا. سن 1315 هجريءَ ۾، جيئن ئي ”مدرسه مجدديه“ قائم ٿيو، ته ان جي اندر ڪتب خانو به قائم ڪيو ويو. هن ڪتب خاني ۾ ڪافي سارا ڪتاب ته گڏ ٿيندا رهيا، پر هتي باقاعده قلمي نسخن لکڻ جو بندوبست ۽ اهتمام به ڪيو ويو.

    علامه محمد عثمان ”قِراني“ مرحوم جي باري ۾ معلوم ٿيو، ته پاڻ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب تصنيف ڪيائون ۽ ڪيترن ئي وڏن ڪتابن تي شرح ۽ حاشيا به لکيائون. سندن اشعار عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن. سندس لکيل ڪتابن ۽ مسودن جو وڏو ذخيرو، هن ڪتب خاني ۾ موجود آهي. هيءَ علمي ۽ ادبي ذخيرو، وقت جي ڪمي ۽ اُجلت سبب ڏسي نه سگھياسين. حضرت مولانا صاحب جن جي تخلص مبارڪ سان منسوب، هڪ عدد علمي رسالو ”قِراني“ به ڪنهن وقت ۾ شايع ڪيو ويندو هو، جيڪو اڳتي هلي، ڪن مجبورين ۽ سببن جي ڪري بند ڪيو ويو. هن مدرسي جي مهتمم ۽ مدرس سان ملاقات ٿي، جنهن پنهنجو اسمِ گرامي نور محمد ٻڌايو. هن اسان جي علم ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي فرمايو، ته هن مدرسي ۾ حضرت مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جن به اچي قيام پذير ٿيندا هئا. هتي ٿورو عرصو رهي، علماءِ هند جي عالمن ۽ مدرسي جي وڏن طالبِ علمن کي، تقريرن ۽ تحريرن وسيلي، سياسي ۽ فڪري درس ڏيندا هئا. انگريز سرڪار جي سخت چوڪسي ۽ سختيءَ سببان، جلد ئي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ٿي ويندا هئا. مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جو جنم 12 محرم الحرام سن 1289 هجريءَ موجب، 10 مارچ 1872ع ۾ ٿيو ۽ وصال جو سال 22 آگسٽ 1944ع آهي. پاڻ پنهنجي وقت جا وڏا انقلابي، سياستدان، قرآن الڪريم ۽ حديث پاڪ جا عالم، علم شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي منزل جا صاحب، تاريخ، تصنيف ۽ تصوف جا ماهر، فلسفي، پاڪ دل صوفي ۽ عارف بزرگ ٿي گذريا آهن. پاڻ هندوستان ۽ سنڌ مان سفر ڪندا، افغانستان، ترڪي ۽ يورپ کان ٿيندا، عربستان جي شهر مڪي معظمه ۾، سانده ٻارنهن سال رهيا. سندن ساٿ ۾، مولوي عبدالله لغاري (پاڙو ڪالواڻي) سانگھڙ وارو ۽ مولوي مفتي عبدالقادر لغاري (پاڙو احمداڻي) باکوڙي وارو به شامل ٿيندا رهندا هئا.

    ”مدرسه مجدديه“ جي ”قِراني“ ڪتب خاني ۾، ڪاٺيءَ جي الماڙين جون قطارون ۽ لوھ جا ڪٻٽ ڏٺا ويا. جيڪي همه وقت قيمتي ڪتابن ۽ رسالن سان سٿيل، ڀريل ۽ ٽُٻ ٽُوڻ رهن ٿا. قديمي قيمتي قلمي نسخن بابت معلوم ٿيو، ته هتي اهڙا ڪتاب ڪافي تعداد ۾ موجود آهن، جن جي مٿان ڪپڙي ۽ چمڙي جا جلد چڙهيل آهن. قرآن الڪريم جي هڪ حمائل سائيز قلمي نسخي جي زيارت به نصيب ٿي. هي نسخو بغداد جي ڪنهن ڪاتب جو، اندازن هڪ هزار سال پراڻو لکيل هو. عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ لکيل ڪيترن ئي ڪتابن سان، الماڙيون ۽ ڪٻٽ ڀريل هئا. ڪجھ قلمي نسخا اهڙا به ڏٺا ويا، جيڪي هٿرادو ٺاهيل پني تي تحرير ڪيل هئا. پراڻي زماني ۾، جڏهن ڪاغذ جي ڪمي هوندي هئي، تڏهن وڻن جي ڇوڏن، پنن، ٻُوٽن جي ٽارين، بُھ، ووڻاٺين، سانگلين، مڪئِي جي سُڪل سِٽن، ٻُچڙن، ڪاني جي ڦوڦن، پلال جي پرپرين ۽ پراڻن پاٺن کي پينهي، مسالو ملائي، لُغدو بنائي، ان کي ويلڻ سان ويلي، ڪاغذ تيار ڪيا ويندا هئا. اهي ميرانجھڙا پنا کُرترا، کَهُرا ۽ ٿُلها ٿيندا هئا. اهڙن هٿرادو ڪاغذن تي تحرير ڪيل ڪتاب، ڪيترين ئي علمي درسگاهن، مدرسن، ڪتب خانن ۽ ماڻهن جي ذاتي لائبريرين ۾ اڄ به موجود آهن. اهڙي قسم جا قيمتي قلمي ناياب ڪتاب، علم و ادب جا عاشق، پيار جا پروانا ۽ مطالعي جا ماهي ماڻهو، سيني سان سانڍيندا ٿا اچن.

    ”قِراني“ ڪتب خاني جي باني، حضرت مولانا محمد عثمان ڀنڀرو صاحب جن جي باري ۾ وڌيڪ معلوم ٿيو، ته سندن رهڻي ڪهڻي سادي ۽ فقيراڻي هوندي هئي. مشڪل مسئلا مختصر لفظن ۾ سمجھائيندا هئا. حضرت ”قِراني“ صاحب مُجاهد، متقي، فقيه، عابد، زاهد، پرهيزگار، پارسا ۽ محڪم علم وارا هئا. سندن مدرسي جو تعليمي نصاب، بعينيه دارالعلوم ديوبند وارو هو. مولانا صاحب جن پنهنجي طالبِ علمن کي، تفسيرِ حديث، فقه، صرف و نحو، منطق صغريٰ و ڪبريٰ، علم حڪمت، هيئت، فلسفو، رياضي، علم ادب، سُلوڪ، تصوف، طب ۽ حڪمت وغيره، سڀ ڪجھ پاڻ پڙهائيندا هئا. هن ڪتب خاني ۽ مدرسي جي مهتمم ۽ مدرس، مولوي نور محمد صاحب جن کي، ڪتب خاني بابت وڌيڪ معلومات مهيا ڪرائڻ واسطي، هڪ عدد معلوماتي پروفارما به ڏنو ويو، البته ڪافي عرصو گذرڻ جي باوجود، ان جو ڪو به تحريري احوال موصول نه ٿيو. ان ڪري هيءَ معلومات، يادداشت جي بنياد تي لکي ويئي آهي ۽ ڪافي سارو مواد، رسالي مهراڻ جي سوانح نمبر تان به اخذ ڪيو ويو آهي.


    ustadlaghari333@gmail.com



    Return to main page
    [​IMG]
    Copyright © 2006 The Ibrat Group of Publications. All Rights Reserved. Ibrat Building Gadi Khata Hyderabad, Pakistan . Ph: 92-022-2728571-2, 2728703-4, Fax. 92-022-2784300 Email: ibrat@hyd.wol.net.pk
    he
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو