اچو ته! ڪتابن سان دوستي رکون!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2020۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    اچو ته! ڪتابن سان دوستي رکون...!!
    حبيب مرکنڊ (وارهه)

    سڀ کان وڌيڪ اهم هوندو آهي معاشرو، جيڪڏهن اسان جي معاشري جو نوجوان لکيو پڙهيو هوندو ته پوء ِئي انهن جي اندر ڪتابن جي مطالعي جو جذبو به جنم وٺندو، جيڪڏهن اسان جي معاشري جو نوجوان جاهل،اڻ پڙهيل هوندو ته پوءِ علم کان سواءِ ڪيئن اسان جي اندر ڪتابن جو جذبو پيدا ٿيندو؟ ڏٺو وڃي ته اسان پنهنجي معاشري کي پاڻ هٿ سان تباهيءَ ۽برباديءَ جي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي جو اسان پنهنجي ننڍڙن معصوم ٻالڪن کي جيڪي اسان جي ملڪ جي مستقبل جا سرواڻ، ليڊر ۽ رهنما بڻجندا، تن کي اسان علم کان محروم ڪيو آهي، جو انهن کي ننڍپڻ ۾ قلم، ڪتاب ڏيڻ جي بجاءِ ڪهاڙي، بندوقون۽ (انهن جي صحت جا دشمن) سمارٽ فون کين هٿن ۾ ڏئي ڇڏيا آهن ڪاش! اسان پنهنجي نوجوانن کي ننڍپڻ کان ئي قلم، ڪتاب هٿ ۾ ڏيون ھا ته يقيناً اڄ اسان جي معاشري جي نوجوانن ۾ ڪتاب جو ذوق ۽ شوق هجي ها!
    اها بلڪل حقيقت آهي ته جنهن سماج۾ علم جي مقابلي ۾ دولت کي فوقيت حاصل هجي، ان سماج ۾ جهالت عروج تي نظر ايندي آهي. ڏٺو وڃي ته قومن جي ترقي ۽ بقاء ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار شامل رهيو آهي، اهو نوجوان جيڪڏهن ڪتاب دوست آهي ته پوءِتعليم يافته معاشرو جنم وٺندو آهي، هڪ ٻئي کي ٻُڌڻ، سمجهڻ جي روايت پيدا ٿيندي آهي. ان جي برعڪسنوجوان جيڪڏهن ڪتاب دوستي کان دور آهي ته ان سماج ۾ بداخلاقي، حرام خوري، بدعنواني، انتها پسندي ۽جهالت ڏينهون ڏينهن وڌندي ويندي آهي پوءِ اهڙي ئي سماج کي ڪنهن هٿيار سان ختم ڪري نه ٿو سگهجي، بلڪه ان سماج جي نوجوانن کي ڪتاب ۽ قلم ڏئي ڪري سماج ۾ سڪون، امن، ميٺ محبت، ڀائپي ۽ همدرديءَ جهڙيون اهم شيون جنم وٺي سگهن ٿيون.
    اسان جڏهن ماضي جي ورقن کي کولي ڏسئون ٿا ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته مسلمان، هر دور ۾ هميشه ڪتب خانن کي وڏي اهميت ڏيندا رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي سال مسلمانن برصغير ۾ حڪمراني ڪئي ۽ لاتعداد ڪتب خانا قائم ڪيا، جڏهن مسلمانن جو زوال شروع ٿيو ته انگريزن مسلمانن جي ڪتب خانن مان ناياب ڪتاب کڻي ويا ۽ انهن ڪتابن مان فائدو وٺي ڪري دنيا کي نت نيون ايجادون فراهم ڪيون.
    انسان ڪتابن جي مطالعي ۾ نه صرف پنهنجي پريشانين، تڪليفن ۽ غمن کي وساري ڇڏيندو آهي پر ان جي سوچ ۾ ڪشادگي، شوق ۾ اضافو ۽ احساس ۾ واڌارو پيدا ٿيندو آهي ان جو دامن علم سان گڏوگڏ فضيلت جي موتين سان ڀرجي ويندو آهي. ڪتاب هڪ بهترين دوستَ هوندا آهن انسان، انسان کي ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو، پر ڪتاب ڪڏهن به ڌوڪو نه ٿو ڏئي سگهي. ڪتاب هڪ ورق ۽ سچو ساٿي هوندو آهي ڪتاب هڪ بهترين صلاحڪار ۽ معتبر رهنما هوندو آهي ڪتاب علم جو نور ۽ قلم جي عظمت جو خوبصورت اظهار هوندو آهي. ذهانت ۽ خوداعتمادي وڌائڻ ۾ ڪتابن جو اهم ڪردار آهي. ڪتابن جو مطالعو صلاحيتن ۾ واڌارو ڪري ٿو ۽ زندگيءَ جي حقيقتن کي سمجهڻ توڙي بهتر مستقبل لاءِ منصوبابندي ڪرڻ ۾ مددگار بڻجي ٿو.
    هڪ عام چوڻي مطابق ته ڪتاب انسان جو اهڙو دوست آهي جو ان جي هوندي ڪنهن به ٻئي دوست جي ضرورت نه پوندي آهي.
    هزارين سالن کان وٺي اڄ تائين ڪتاب لکجن ۽ پڙهجن پيا، ڪتابن ۾ گذريل زمانن جا واقعا، قصا، ڪهاڻيون، جنگين جا احوال، بادشاهن، وزيرن، درويشن، چڱن انسانن ۽ سپهه سالارن جي ڪارنامن بابت معلومات سان گڏ وڏوسبق به ملي ٿو ۽ مستقبل جي رٿا بندي ۽ حال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. ڪتاب پڙهڻ جو مشغلو هونئن به پاڻ سان گڏ وڏي دلچسپي رکي ٿو. ڪتاب پڙهندڙ اجايو فالتو ويهڻ کان بچي پنهنجو پاڻ ۾ مصروف رهي ٿو، جنهن ڪري هو شيطاني خيالن ۽ وسوسن کان به بچيل رهي ٿو، ٻئي ڪنهن جي ڪمن ڪارين ۽ عادتن ۾ دخل نٿو ڏئي، پنهنجي علم ۾ اضافو ڪري ٿو ۽ اجاين، بي سود ڳالهين کان پاسيرورهي ٿو.
    ڪتاب، شاعري، ناول، مضمون، ڪهاڻي،افسانو، قصو، داستان، لوڪ ادب يا ڪتاب سماجي، سياسي، معاشرتي،معاشي، اخلاقي ۽ تاريخي، معلومات تي مارڪيٽ ۾ ملن ٿا. مان اڪثر ڪري مذهبي ۽ تاريخي ڪتاب خريد ڪري پڙهندو آهيان.
    حقيقت ۾ ڪتاب تمام گهڻا قيمتي هوندا آهن. ڪتابن جي اهميت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي. اڄ جي هن جديد دور ۾ جتي انٽرنيٽ ذريعي دنيا هٿن ۾ آهي، ان جو فائدو وٺندي به ڪتاب انٽرنيٽ ذريعي خريد، پڙهي سگهجن ٿا، کوڙ سارا ڪتاب موجود آهن پر تنهن هوندي به اصل ڪتاب جو ڪو به مٽ ڪونهي. ڪتاب ڪلچر کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪتابن جي بازار جي اهميت تمام گهڻي آهي. وڏن وڏن محققن کان وٺي عورتون ۽ ٻار به بازار ۾ معياري ڪتابن جي ڳولا ڪندي نظر اچن ٿا.
    دنيا ڏينهون ڏينهن پنهنجي تيز رفتاريءَ سان ترقي ڪري رهي آهي، سائنس نت نيون ايجادن سان پنهنجا پير کوڙيندي وڃي پئي ۽ ان ڳالهه کان ڪوبه انڪارنه ٿو ڪري سگهي ته هي دور ايجادن جو آهي جيئن انٽرنيٽ، موبائيل فون، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ٻيون به آهن پر انجي باوجود به جيڪا اهميت ۽ ترجيح ڪتاب پڙهڻ کي آهي اها ٻئي ڪنهن کي به ناهي. ڇو ته هن دؤر ۾ ٿيل مختلف ايجادن جي باوجود ڪتابن جي اهميت ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي.
    ڪتاب انساني زندگيءَ ۾ مختلف صلاحيتون ۽ گڻ پيدا ڪندو آهي، ڪتاب انسان جي سوچن ۾ ڪشادگي ڏيندا آهن ۽ غور فڪر جو نئون دروازو کوليندا آهن.
    ڪتاب بي بها خزانا هوندا آهن. ڪتابن ۾ ٻارن لاءِ خوشي ۽ راحت آهي. ڪتاب ۾ جوان لاءِ ترقيءَ جو راز آهي. ڪتاب بالغ لاءِ رهبر آهي. ڪتابَ پوڙهي لاءِ وندر آهن. ڪتابَ قوم لاءِ فخر ۽ شان آهن.
    هڪ ڏاهي جارج برنارڊشا جو قول آهيته "ٻه ڀيرا دنيا جي سير ۽ سفر کانپوءِ اهو احساس ٿيم ته مون اهو سڄو وقت ضايع ڪيو. ان کان بهتر اهو هوته لائبريري ۾ ويهي ڪتاب پڙهان ها تهان سفر کان هزار دفعا زياده علم ۽تجربو حاصل ڪريان ها!". ڪتابن مان انسان گھڻو ڪجهه پرايو آهي، ڪتابن مان انسان هن دنيا ۾ ترقي سان گڏ عزت ماڻي آهي، مان جڏهن به ڪنڊياري مان ڳوٺ يا ڪنهن ٻئي سفر تي ويندو آهيان ته ڪوشش اها ڪندو آهيان ته ڪتاب يا رسالو گڏ کڻي، سفر جي ختم ٿيڻ کان پهرين ان ڪتاب کي پڙهي وٺندو آهيان، ڪتابن سان پنهنجي ڪافي وقت کان دوستي رهي آهي، شروعات ۾ الاصلاح پبليڪيشن دادو جي طرفان شايع ٿيندڙ ٽي مهيني ۾ سنڌي رسالو الاصلاح گھرائي چاهه سان پڙهندو هيم، جنهن رسالي ۾ درس قرآن، درس حديث، درس مثنوي، درس مڪتوبات سميت ۽ ٻين مختلف موضوعن تي مقالا، مشهور اديبن جا دلچسپ ۽ اهم معلومات تي مشتمل مضمون پڙهڻ جي لاءِ ملندا هئا، ان کان بعد ڪتابن جي لڳندڙ اسٽالن تان يا ڪتابن جي دڪان تان ڪتاب خريد ڪندو رهندو آهيان. جنهنجي ڪري هن وقت مون وٽ مختلفموضوعن تي تقريبًا 500 کان مٿي ڪتاب موجود آهن، جيڪي هڪ ڪٻٽ جي سونهن بڻيل آهن، جن مان منهنجا لکيل پڙهيل ڪافي دوست ۽ آئون پاڻ فائدو حاصل ڪندو آهيان.
    هن لاڪ ڊائون دوران مختلف ڪتابن تي دوستن طرفان ڪيل تبصرا سوشل ميڊيا تي پڙهڻ واسطي مليا آھن، جنهن مان ثابت ڪري سگهجي ٿو ته هن وقت بهڪافي نوجوان دوست ڪتاب خريد بهڪن ٿا ۽ ڪتاب پڙهن به ٿا.
    ڪتابن جهڙا دوست پوري دنيا ۾ نٿا ملي سگهن، ڇو ته ڪتابن سان ٿيلڪچهري ڪنهن ٻئي شخص کي نه ملي سگهندي آهي. ڪتابن جي اهميت هر دؤر ۽ هر ملڪ ۾ تمام شاندار رهي آهي، علم دوست معاشري ۾ ڪتابن جي مطالعي جو عام رواج ڪندا آهن. ڪتابن مان زندگي گذارڻ جا اصول، ڪتاب انسان کي سٺي رستي تي هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. ڪتاب جي محبت دنيا جي عظيم طاقت رهي آهي، ڪتاب دنيا جا عظيم خزانا هوندا آهن جن ۾ دولت ۽ پئسو ته نه ملندو آهي پر علمي طاقت ضرور ملندي آهي. ڪتاب، گھر جي لاءِ لازمي آهن، جن سان گھر جو ماحول بهتر ٿيندو آهي ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته "ڪتابن کان سواءِ گھر ايئن آهي جيئن روح کانسواءِ جسم" اڄ اسان پنهنجي گھرن جي ماحول جي طرف نظر ڪنداسين ته گھرن ۾ تعليم جو ڪو به ماحول جوڙيل ناهي، اسان جي گھرن ۾ ٽيليويزن ته موجود آهي پر ڪتابن جي لاءِ ڪا به جاءِ مقرر ٿيل ناهي جتي پاڻ ويهي صحيح نموني سان ڪتاب پڙهي سگهون، پر ٽيليويزن جي لاءِ الڳ جاءِ مقرر ڪيل هوندي آهي جتي پوروخاندان ويهي ڪري نشرياتي پروگرام ڏسندو آهي جنهن ۾ صرف وقت جو نقصان ۽ اکين جي روشنيءَ ذيان هوندو آهي، پر ان جي بجاءِ جيڪڏهن ڪتابن پڙهڻ جي جاءِ مقرر ٿيل هجي، جتي سموري فيملي ويهي ڪتابن جو مطالعو ڪري ته انهن کي علم جي دولت ضرور ملندي. ٽيليويزن تي نشر ٿيندڙ پروگرامن ۽ هر وقفن (ڪمرشل اشتهارن) ۾ جيڪڏهن ڪتابن جو تعارف ۽ اسان جا لکندڙ ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس جڏهن ته معاشري جي تبديل ٿيڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن پر انهن کي عرض ڪجي ٿو ته اوهان جا لکيل ڊراما ڪهاڙي، بندوق ۽ وڏا هٿيار استعمال ڪري سگهن ٿا ته اتي ڪتابن جي موضوعن تي لکيل مواد ۾ قلم، ڪتاب ۽ لائبريري جو ڏيک به ڏيکاري سگھن ٿا، جنهن سان پاڻ سمجهون ٿا ته ڪتابن جو معيار اڃان به بهتر بڻجي سگهي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اچو ته! ڪتابن سان دوستي رکون. نوجوان معياري ڪتاب ۽ رسالا پاڻ پڙهڻ ۽ پنھنجي دوستن کي شادي توڙي سالگرهه جي موقعن تي ڪتاب تحفي طور ڏين ته ان سان اسانجي معاشري ۾ ڪتاب دوستي زنده بڻجي ويندي ۽ نوجوانن ۾ ڪتاب جي مطالعي جو شوق ۽ جذبوجاڳندو.....!!
    نوٽ: روزاني ڪوشش، روزاني فاسٽ ٽائمز، روزاني ارادو، روزاني سرواڻ، روزاني سنڌ لائين ۽ سوڀ اخبار ۾ ڇپيل...
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو