هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾...!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2020۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾...!!
    حبيب مرکنڊ
    اسان جي معاشري ۾ اهڙا ڪيترائي ناڪاري رويا ۽ عمل زندگي جو حصو بڻجندا پيا وڃن، جن جي ڪري هر ايندڙ ڏينهن تي ڪيترائي مسئلا جنم وٺن ٿا، جيڪي دلن کي ڏکوئيندڙ ۽ روئڻ تي مجبور ڪن ٿا. خاص طور تي معصوم ٻارڙن ۽ نياڻين نياڻين سميت غريب ماڻهن سان ٿي رهيو آهي، ان جيءُ جھوري وڌو آهي ته اندر ڪوري وڌو آهي. اڄ جي هن جديد دور ۾ جڏهن به اخبارن جا ورق اٿلائجن ٿا ته رڳو اخبارون خونريزي، جنسي تشدد، گھرنيڪالي، خوني جھيڙن جي آڙ ۾ انساني جانين جو قتلام، روڊ حادثن ۾ ضايع ٿيندڙ جانيون، ڪارو ڪاري، نام نهاد غيرت، خودڪشي، چوري چڪاري، ظلم ستم ۽ ٻين ڪيترن ئي انيڪ مسئلن ۽ واقعن سان ڀريل ملن ٿيون، اهڙا واقعا پڙهڻ کان پوءِ دل سوچڻ تي مجبور ٿئي ته هن ڌرتيءَ تي انسان ته آهن پر انسانيت جو زوال اچي چڪو آهي، منفي ذهن سوچ رکندڙ ماڻهو انسان مان حيواني صفت بڻجي چڪا آهن، انسانن مان انسانيت جو ماڻهپو ته ڏينهون ڏينهن موڪلائيدي نظر اچي رهيو آهي، انسانن جي روپ ۾ بگھڙ اچي ويا آهن جن ۾ انسانيت جو احساس ئي ناهي رهيو، نه وري ڪا شناس رهي آهي، انهن جي ڪرتوتن جي ڪري اسان جو سماج اڄ زوال ڏانهن وڌي رهيو آهي. هي به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته “انسان کي شينهن، چيتن، ۽ بلائن ايترو ڪو نه چيريو، ڦاڙيو ۽ ماريو آهي جيترو انسان پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪيو آهي”.
    اسان جنهن معاشري ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪري رهيا آهيون، اڄ ڪلهه اهو سماج ننڍڙن معصوم ٻالڪن جي لاءِ جهنم بڻجندي نظر اچي رهيو آهي، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي اغوا ڪرڻ، معصوم ٻالڪن سان جنسي زيادتي ۽ تشدد ڪرڻ کان ويندي قتل تائين، ٻارڙن کي وڪڻڻ، ٻين ڪيترن ئي اهڙن انسانيت سوز واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، جنهن ڪري انهن جا والدين ۽ مٽ مائٽ به سخت پريشان ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. هونءَ ته ٻارڙن جي حقن جي حوالي سان قانون جوڙيا ويا آهن پر خبر ناهي ته انهن کي الائي ڪڏهن استعمال ڪيو ويندو؟
    رپورٽن جي مطابق ته پاڪستان ۾ هر روز هڪ کان وڌيڪ ٻارن کي جنسي عمل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.
    عظيم شاعر رابندر ناٿ ٽئگور چيو هو ته! “هر نئون ڄمندر ٻار اهو پيغام کڻي ايندو آهي ته خدا پاڪ انسانيت مان اڃا مايوس نه ٿيو آهي.” ٻارن جي سار سنڀال ڪرڻ رياست، والدين ۽ سماج جي گڏيل ذميواري آهي، ٻارَ، جيڪي روشن مستقبل جا معمار آهن. پر افسوس جو ٻار وقت جا معمار هن سماج ۾ محفوظ نه رهيا آهن، ڪو اهڙو ڏينهن خالي ناهي جو ڪو صغير ٻالڪ ڪنهن وحشي صفت ماڻهن جي تشدد جو شڪار نه بڻيو هجي. پر اسان جي مٿان حڪمراني ڪندڙ پنهنجي ڪرسي ۽ دولت جي نشي ۾ گم آهن پر انهن کي ڪير سمجھائي ته توهان جو نشونما ۽ دولت عوام آهي جنهن جي ڪري اڄ توهان اعلى ايوانن ۾ اعلى عهدن ۽ بنگلن تي ويٺا آهيو، جهڙي نموني سان عوام تي ووٽ ڏيڻ توهان جي لاءِ حق آهي اهڙي نموني سان انهن جي ڏکن، سورن، دردن ۽ تڪليفن جو درمان ڪرڻ ڏکي وقت به انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ ۽ انهن جي سار سنڀال به لهڻ به اوهان تي حق بڻجي ٿو.
    خيرپور جي علائقي ٺري ميرواهه ۾ تازو هڪ اهڙو لقاءُ ظاهر ٿيو آهي، جنهن انسانيت جا ليڪا لٽاڙيندي انسانيت کي لڄائي وڌو آهي، ته معاشري کي جنجهوڙي ۽ ڌوڏي ڇڏيو آهي. هر سوچيندڙ ماڻهو جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن ته اسان جي سماج ۾ ڪهڙا ڪهڙا بگهڙ ڪهڙي ڪهڙي روپ ۾ لڪا ويٺا آهن ۽ معاشري ۾ انهي جي ڪا خبر ئي نه هئي. هڪ ريٽائرڊ ۽ خانگي ٽيوشن سينٽر هلائيندڙ استاد جي هڪ شاگرد سان بدفعلي واري وڊيو وائرل ٿي، جنهن کانپوءِ اهي ڳالهيون به منظر عام تي آيون آهن ته اها هڪڙي وڊيو ناهي ان کان علاوه کوڙ وڊيوز آهن جيڪي پوليس پنهنجي تحويل ۾ ورتيون آهن جن ۾ ٻارن کي هڪٻئي سان اجتماعي بدفعلي وارو عمل ڪندي رڪارڊنگ ڪئي وئي آهي، جهڙو هن درندي انسان ظلم ڪيو آهي اهڙو جانور به ظلم نٿا ڪري سگھن.
    هن وحشي درندي انسان جنهن اخباري رپورٽن جي موجب 132 کان مٿي ٻارن جون زندگيون تباهه ڪري چڪو آهي. زندگي ۾ اهڙا ماڻهو به عام جام ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ملندا آهن جيڪي ظاهر روپ ۾ اڇا اجرا، پر باطن ۾ بگھڙ هوندا آهن، هن دور ۾ اڪثريت اهڙن ئي درندن جي آهي. استاد جنهن تي ٻار پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کانپوءِ وڌيڪ اعتبار ڪري ٿو. پر هن درندي تي استاد جهڙي عظيم پيشي ۾ ڪيترن ئي شڪ شعبن ۾ وجھي وڪوڙي ڇڏيو آهي. جٿي استاد کي ماء ۽ پيء جو رتبو مليل آهي پر هن وحشي انسان ان مرتبي کي ڪيترن ئي شڪ شعبن ۾ وجھي ڇڏيو آهي. ضروت هن ڳالهه جي آهي ته اسان جو سماج اهڙن ڏکائيندڙ واقعن جي خلاف پنهنجو رد عمل ڏيکاري ۽ اهڙن واقعن ۾ ملوث درندن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ آخري گھري تائين جدجهد ڪندو رهي ته يقيناً! اهڙن واقعن جو خاتمو اچي سگهي ٿو. اهڙي ئي نموني سان جيڪڏهن حڪومت اهڙن واقعن جي روڪٿام جي لاءِ قانون جوڙي ۽ ان تي عمل ڪرائڻ ۾ پنهنجي سنجيدگي ڏيکاري ته پاڻ سمجهون ٿا ته سماج مان اهڙا وري واقعا ڪڏهن به جنم نه وٺندا. تنهن ڪري ضرورت هن ڳالهه جي به آهي ته هر ماڻهون معاشري ۾ پنهنجو اخلاقي، قانوني، مذهبي ۽ آئيني ڪردار ادا ڪري ته هن معاشري ۾ پيار ۽ محبت جو ماحول جوڙي سگهي ٿو. ۽ آخر ۾ اهو عرض ڪندم ته والدين کي گھرجي ته پنهنجي اولاد سان دوستاڻون تعلق رکن ڇو ته والدين جو ڪردار انتهائي اهم آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو