• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نيب پنجاب جي وڏي وزير کي شراب جو غيرقانوني لائسنس جاري ڪرڻ تي طلب ڪري ورتو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ سوبيا
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

سوبيا

سينيئر رڪن
06-agust-wadowazirtalabahepanjab.jpg

قومي احتساب بيورو(نيب) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي شراب جي غيرقانوني لائسنس جاري ڪرڻ جي الزام ۾ طلب ڪري ورتو.

نيب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي طلب ڪندي 12 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. عثمان بزدار کي شراب جا لائسنس غيرقانوني طور تي جاري ڪرڻ تي 12 آگسٽ ڏينهن جو 11 وڳي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

عثمان بزدار مٿان الزام آهي ته هن ڊي جي ايڪسائيز جي اختيارن کي غيرقانوني طور تي پاڻ استعمال ڪيو ۽ لاهور جي هڪ خانگي هوٽل کي شراب جو پرمنٽ جاري ڪيو.

نيب ذريعن موجب طلبي جو نوٽيس جاري ٿي چڪو آهي جيڪو اڄ شام تائين پنجاب جي وڏي وزير کي ملي ويندو. عثمان بزدار کان شراب جي لائسنس بابت جاچ ڪئي ويندي.
https://onlineindus.com/sindhi/103006
Sindhi News
 
Back
Top