نيب پنجاب جي وڏي وزير کي شراب جو غيرقانوني لائسنس جاري ڪرڻ تي طلب ڪري ورتو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سوبيا طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2020۔

  1. سوبيا

    سوبيا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2019
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Media
    ماڳ:
    Pakistan
    [​IMG]
    قومي احتساب بيورو(نيب) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي شراب جي غيرقانوني لائسنس جاري ڪرڻ جي الزام ۾ طلب ڪري ورتو.

    نيب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي طلب ڪندي 12 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. عثمان بزدار کي شراب جا لائسنس غيرقانوني طور تي جاري ڪرڻ تي 12 آگسٽ ڏينهن جو 11 وڳي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

    عثمان بزدار مٿان الزام آهي ته هن ڊي جي ايڪسائيز جي اختيارن کي غيرقانوني طور تي پاڻ استعمال ڪيو ۽ لاهور جي هڪ خانگي هوٽل کي شراب جو پرمنٽ جاري ڪيو.

    نيب ذريعن موجب طلبي جو نوٽيس جاري ٿي چڪو آهي جيڪو اڄ شام تائين پنجاب جي وڏي وزير کي ملي ويندو. عثمان بزدار کان شراب جي لائسنس بابت جاچ ڪئي ويندي.
    https://onlineindus.com/sindhi/103006
    Sindhi News
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪجه ڪونہ ڪندس ....
    مڙئي دل خوش پيا ڪن اپوزيشن جي، ان جي پويان ڪا ٻي ڪھاڻي آھي
     
    بوزدار مصطفى هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو