سنڌيت جو پرچارڪ ظفر حسن

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    سنڌيت جو پرچارڪ ظفر حسن

    ظفر حسن سيد، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌ ڌرتي سان ”لا شريڪ لھ“ جي حد تائين عشق ڪيو. انهيءَ حوالي سان هو پنهنجي ذاتي توڙي ادبي زندگي ۾ پنهنجي ٺاهيل اصولن کان ڪڏهن به نه هٽيو. ظفر حسن سان انهن اصولن جي آڌار تي اختلاف ڪندڙ ماڻهو به سندس سچائي ۽ ايمانداري کان انڪاري نه هوندا هئا.

    سوانح
    ظفر حسن شاهه ۱۴ آگسٽ ۱۹۳۷ع تي حيدرآباد ۾ سيد نظر علي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. سيد نظر علي شاهه پنهنجي ڳوٺ جو پهريون پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ”واڻڪي وسي“ ۾، پوءِ پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جي تعليمي ادارن نور محمد هاءِ اسڪول مان، ميٽرڪ ۱۹۵۴ع، انٽر آرٽس ۱۹۵۷ع ۾ ايم اي ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. هو ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جاگرافي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو. اڳتي هلي ايسوسيئيٽ پروفيسر، پوءِ پروفيسر ۽ نيٺ جاگرافي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين مقرر ٿيو. جتان ۱۹۹۷ع ۾ رٽائر ڪيائين. وچ ۾ ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۹ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري به ٿي رهيو.

    ادبي سفر
    ظفر حسن جي پهرين ڪهاڻي ڪاليج مخزن ”ڦليلي“ ۾ ۱۹۵۵ع ۾ شايع ٿي، پر باقاعده لکڻ جي شروعات گهڻو پوءِ ڪيائين. طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل سان دوستي هوندي هيس. جنهن جي ڪري سٺو پڙهيائين. شروع شروع ۾ پاڻ انهن سان ڪهاڻي بابت پيو بحث مباحثا ڪندو هو، پر لکڻ ڏانهن ڌيان نه هيس. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي، ظفر حسن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو:

    ”هڪ ڏهاڙي طارق اشرف مون سان بحث ڪيو ته تون ڪهاڻين تي ايترو گوڙ ڪري ۽ ٻين کي رد ۽ صحيح ڪندو ٿو وتين. تون پاڻ ڇو نٿو لکين. نيٺ ڪهاڻي لکيم.“

    ظفر حسن جي اها ڪهاڻي ’رهيل قرض‘جي نالي سان ۱۹۶۶ع ۾ سهڻي جي ڪنهن پرچي ۾ ڇپي. جيڪو انهي وقت طارق اشرف ڪڍندو هو. ظفر حسن ۽ نسيم کرل ساڻس ٻانهن ٻيلي هوندا هئا. اڳتي هلي ظفر حسن ڪهاڻين کانسواءِ کل ٽوڪ، اخباري ڪالم، خاڪا، مضمون، ڊائري ۽ تنقيد به لکي. سندس چونڊ ڪهاڻين جو مجموعو ۱۹۸۱ع ۾ ’رهيلقرض‘ جي نالي سان ئي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ظفر حسن جون ۱۰ڪهاڻيون شامل آهن.
    ظفر حسن جي سڃاڻپ نه رڳو هڪ ڪهاڻيڪار واري رهي، پر هو هڪ سٺو ايڊيٽر ۽ پبلشر پڻ رهيو. پاڻ ۱۹۷۰عڌاري حيدرآباد ۾ ’پرفيڪٽ پرنٽرس‘ قائم ڪيائين ۽ ڪيترا ئي ڪتاب ۽ ڪتابي سلسلا انڊلٺ، ڌرتي، آرسي، سهڻي، عالمي ادب، عام جائزو وغيره ڪڍيائين. ان ئي پريس ۾ ٻيو ڪيترو ئي سنڌي انقلابي ساهت پڻ ڇپجندو هو، جنهن جو ذڪر پاڻ هنن لفظن ۾ ڪيو اٿائين:

    ”پرفيڪٽ پريس منهنجي پنهنجي هئي. ان تي ۸-۱۰ڪيس به ٿيا هئا. ممتاز ڀٽو (ان وقت سنڌ جو وڏو وزير) هڪ ڀيري ڪوٽڙي ۾ ترسيو ۽ حڪم ڪيائين ته ان پريس جي پرنٽر/ مالڪ کي شام تائين حاضر نه ڪيو ته سڀني جو خير ناهي. ان وقت اتي تحريڪ، ملير ڊائجسٽ، اڳتي قدم ۽ ٻيا سڀئي، اصل ۾ جيڪو به انقلابي پرچو توڙي ادب هو، اهو اتي ڇپجندو هو“.

    ظفر حسن جي اها پريس ۽ پبلشنگ ڪڏهن ڌيمي ته ڪڏهن تيز هلندي رهي. طارق عالم جو مشهور ناول ”رهجي ويل منظر“ به پهريون ڀيرو ظفر حسن ئي ”حسينا سيد پبلشرز“ پاران ڇپائي، طارق عالم کي سنڌي ادب ۾ صحيح معنى ۾ متعارف ڪرايو.

    هيٺ ظفر حسن جي شايع ڪيل ڪجهه ڪتابي سلسلن جو مختصر تعارف پيش ڪجي ٿو.

    ڌرتي

    ۱۹۷۴ع۾ ظفر حسن پنهنجي ادارت هيٺ ماهوار ”ڌرتي“ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو، جنهن جو پهريون پرچو مارچ ۱۹۷۴ع ۾ نڪتو. اهو نج ادبي پرچو هو. جنهن ۾ ڪهاڻيون، شعر، مضمون ۽ ٻيو مواد شامل هو.

    ظفر حسن، ڌرتي پبليڪيشن جا ڏهه اصول به مقرر ڪيا، جن تحت اهو پرچو هلڻو هو، جنهن ۾ چيل هو:

    ·ڌرتي جو مقصد سنڌي ادب، فن ۽ سڀيتا پيش ڪرڻ آهي.
    ·ڌرتي جو مقصد سهڻو، صحتمند، پر اميد ۽ تعميري مواد پيش ڪرڻ آهي.
    ·ڌرتي جو مقصد ترقي پسند ۽ انقلابي ادب پيش ڪرڻ آهي.
    ·ڌرتي جومقصد سنڌين لاءِ نئين سوچ، نوان ويچار پيش ڪرڻ آهي.
    ·ڌرتي جو مقصد سنڌين کي محنت، ڪوشش ۽ جدوجهد لاءِ همٿائڻ آهي.
    ·ڌرتي جو مقصد پراڻين،منفي ۽ غير انقلابي روايتن جو خاتمو آڻڻ آهي.
    ·ڌرتي جومقصد پراڻين، صحتمند ۽ مثبت روايتن جي پٺڀرائي ڪرڻ آهي.
    ·ڌرتي جو مقصد نين، ڪارآمد اصولي روايتن کي جنم ڏيڻ آهي.
    ·ڌرتي جو مقصد ڌارين قومن ۽ زبانن مان ڪارآمد مواد ۽ عمل جا نمونا پيش ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي.
    ·ڌرتي جو مقصد سنڌي ادب، فن ۽ سڀيتا کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ آهي.

    ’ڌرتي‘ جو ٻيو پرچو اپريل ۽ مئي جو گڏي ڪڍيو ويو. ’ڌرتي‘ جا ٽوٽل پنج پرچا نڪري سگهيا. پنجون پرچو ڊگهي عرصي کانپوءِ جنوري ۱۹۸۶ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جو مرتب عبدالرحمٰن سيال هو. انهي ۾ ظفر حسن جو نالو اعزازي صلاحڪار طور لڳل آهي. اهي سڀ پرچا ڊبل ڊيمي سائيز ۽ فور ڪلر ٽائيٽل سان هڪ سئو کان به مٿي صفحن جا آهن.

    عالمي ادب

    ظفر حسن جو زرخيز ذهن سدائين سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ نت نيون رٿائون پيو گهڙيندو هو. عالمي ادب به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو ’وليرام ولڀ‘ سان گڏجي جلد وار ڪڍڻ جو پروگرام رٿيائين. انهيءَ ۾ سيهوڳي عالمي ادب مان چونڊ لکڻين کي ترجمو ڪري شامل ڪرڻ جو ارادو هئس. انهي جو پهريون پرچو ڊيمي سائيز ۾ جنوري ۱۹۷۸ع ۾ شايع ٿيو. جيتوڻيڪ انهيءَ جو اهوفقط هڪئي جلد ڇپجي سگهيو، پر اهو هر لحاظ کان چونڊ معياري عالمي لکڻين جو مجموعو هو. پرچي جي واقفيت ڏيندي مرتب لکن ٿا:

    ”سنڌي ٻولي ۾ دنيا جي سيهوڳي تخليقي ادب کي هڪ هنڌ گڏ ڪري جلد وار پيش ڪرڻ جي هيءَ پهرين جاکوڙ آهي. هن کان پهرين جيتوڻيڪ ڪهاڻين جا ڳٽڪا ۽ ائنٿالاجيون الڳ روپن ۾ پبلش ٿينديون رهيون آهن. پر باقاعدههن ڪتاب وانگر سهيوڳي عالمي ادب کي سهيڙڻ جي پهرين وک آهي“.

    آرسي

    آرسي به ظفر حسن ۽ وليرام ولڀ جي گڏيل سهڪاري ساٿ جو نتيجو آهي، جيڪي پڻ جلد وار ڪڍيا ويا. انهي جا ڪل پنج جلد نڪري سگهيا. پهريون مارچ ۱۹۸۳ع ۾ پنجون جنوري ۱۹۸۶ع ۾ نڪتو.
    هن پرچي جي پنهنجي هڪ ڌار ادبي حيثيت هئي. انهيءَجو هر پرچو ڊيمي سائيز جي ٽن سوءَ کان به وڌيڪ صفحن جو هوندو هو، جنهن ۾ سهيوڳي ساهت ۽ ڪلاجي مختلف صنفن کي ڇاپيو ويندو هو.
    هن ڪتابي سلسلي جي هر پرچي جي شروع ۾ لکڻين جي فهرست جامع ۽ تفصيلي آهي. جيڪا هڪ طرح سان ڏسڻي (INDEX) جوڪم به ڏي ٿي.

    عام جائزو

    عام جائزو پڻ مٿين ڪتابي سلسلن وانگر ظفر حسن جي ذهن جي تخليق آهي. جنهن جي جاري ڪرڻ جي پسمنظر جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:

    ”ڪافي وقت کان منهنجي ذهن ۾ اهو ويچار پئي رهيو آهي ته اهڙو ڪتابي سلسلو يا رسالو ڪڍجي، جيڪو جڳ ۾ ٿيندڙ اهم واقعن ۽ مسئلن جي باري ۾ معلومات ڏيندو هجي ۽ اهي اهم واقعا ۽ مسئلا سماج سان واسطو رکندڙ هجن ته جيئن نئين سماج جي مجموعي طرح تبديلي ٿيندڙ شڪل ۽ ان جي پسمنظر ۾ ان کي متحرڪ ڪندڙ قوتن جي خبر پئجي سگهي ۽ اهڙي طرح اسان جي قوم ۾ اها سجاڳي پيدا ٿئي، جيڪا آئون پنهنجي نقطه نظر کان سمجهان ٿو ته ضروري آهي.... ٻي ڳالهه اها آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪا معلومات ڏني ويئيآهي، سا روزاني اخبار مان ورتل آهي ۽ اها به پاڪستان جي انگريزي روزاني اخبار مان ورتل،يعني ته اسان جي سنڌي اخبارن اها معلومات پنهنجي اخبارن ۾ سنڌي عوام تائين نه پهچائي.ان ڪري مون کي خيال آيو ته جيڪو ڪم سنڌي اخبارن کي ڪرڻو آهي، اهو ڪم اسان جون سنڌي اخبارون ته نه ڪري سگهيون آهن ۽ اهو نقطو اسان جي سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن تائين پهچائڻ ۽ انهن کي قائل ڪرڻ مون لاءِ اجائي ڪوشش ٿيندي، جو آئون سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن کي اها ڳالهه سمجهائڻ ۾ سڦل نه ٿي سگهندس. ان ڪري مون سوچيو ته اهو ڪتابي سلسلو/رسالو مون کي ئي برپا ڪرڻو پوندو.“

    انهي جو فقط هڪئي پرچو آگسٽ ۱۹۹۲ع ۾ نڪري سگهيو. هن پرچي جي هڪ خاص ڳالهه اها به هئي ته انهيءَ ۾ مضمونن جي مترجمن جانالا پڇاڙي ۾ ڏنا ويا آهن.
    ظفر حسن جي هڪ ٻي خوبي/ عادت اها هوندي هئي ته هو پنهنجي روزاني ڊائري لکندو هو، جنهن ۾ ٻين ڳالهين کانسواءِ حالتن جو جائزو پڻ وٺندو ويندو هو. اهڙا ڪيترا ئي نوٽ بڪ لکيل اٿس. جنهن جو پهريون جلد ”ظفر حسن جي ڊائري“ جي نالي سان مارچ ۲۰۰۳ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. جيڪو وليرام ولڀ ۽ ظفر جوڻيجي مرتب ڪيو.
    مٿين ڪتابن/ ڪتابي سلسلن کانسواءِ ظفر حسن، اعجاز قريشي سان گڏ ”سماجي سائنسون“ ۾ ٻانهن ٻيلي ۽ ”سائنس ميگزين“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو.

    ظفر حسن 8 مارچ 1998ع تي وفات ڪئي.

    (پندرھ روزه افيئر تان کنيل)
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ظفر حسن : رهيل قرض

    ظفر حسن پٽ نذر علي سيد، 14 آگسٽ 1937 ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو هو ڳوٺ قطب شاه، کٽياڻ روڊ ريلوي اسٽيشن حيدرآباد تعلقي جو رهندڙ آهي. پرائمري تعليم واڻڪي وسي تعلقو حيدرآباد ۽ پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سنڌ ۾ ورتي ۽ 1947 ع ۾ چوٿون درجو سنڌي پاس ڪيو. حيدرآباد سنڌ جي تعليمي ادارن نور محمد هاء اسڪول (مئٽرڪ: 1954 ع )، گورنمينٽ ڪاليج اڳوڻو ڊي.جي نئشنل ڪاليج (انٽر آرٽس: 1957 ع) ۽ سنڌ يونيورسٽي (بي.اي آنرز 1959 ع ۽ ايم.اي 1961 ع ) ۾ تعليم ورتي. 1961ع ۾ ئي سنڌ يونيورسٽي ۾ جاگرافيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ هاڻي ائسوسي ايٽ پروفيسر آهي. انهي وچ ۾ 1977ع کان 1979ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو.
    ڪاليج مخزن ”ڦليليءَ“ ۾ سندس پهرين ڪهاڻي 1955ع ڌاري شايع ٿي پر باقاعدي لکڻ جي شروعات پهرين ڪهاڻي ”رهيل قرِض“ سان 1966ع ۾ ڪئي. ساهت ۾ ڪهاڻين کان سواء کل ۽ ٽوڪ بہ لکي اٿس. تنهن کان سواء ڪجھ اخباري ڪالم، خاڪا، مضمون ۽ تنقيد بہ لکي اٿس.
    ڌرتي ڪتابي سلسلي جا چار ڪتاب، عالمي ادب (ولي رام ولڀ سان ) سهڻي پبليڪيشن (طارق اشرف ۽ نسيم احمد کرل سان) سماجي سائنسون (اعجاز قريشيءَ سان) ترتيب ڏنا اٿس مئگزن جو بہ اسسٽنٽ ايڊيٽر رهي چڪو آهي.
    ”رهيل قرض“ سندس پهريون ڪتاب آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو