تنوير عباسي جو فن ۽ شخصيت
حصو پهريون
ليڪچر: نرگس ملڪ
تنويرعباسي سنڌي ادب جي هڪ گهڻ - پاسائين شخصيت هو، جنهن کي سنڌي شاعري جو وهائو تارو ۽ سنڌي ٻولي جو وليم ورڊس ورٿ به چيو ويندو آھي۔ ان پنهنجي حياتي ۾ سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي لڳ ڀڳ ويھارو کن ڪارائتا ڪتاب ارپيا۔ جن ۾ شعري مجموعن ۾ 1958ع ۾ پهريون ”رڳون ٿيون رباب“ ،ان کان پوءِ 1970ع ”شعر“ ، 1977ع ۾ ”سج تري هيٺان“ ، 1950ع ۾ ”هيءَ ڌرتي“ شامل آھن۔ جن جو ڪُليات يعني گڏيل ڪتاب ”تنوير چئي“ جي نالي سان پڻ شايع ٿيو، جنهن ۾ رڳون ٿيون رباب کان اڳ واري شاعري ڏنل آھي۔ جڏهن ۾ 1997ع ۾ پويون شعري مجموعو ”ساجن سونهن سُرت“ شايع ٿيو۔
هو بنيادي طور تي شاعر هو پر هن جي ادبي تحقيق به ايتري ئي سگهاري آهي۔ خاص طورتي سندس سنڌي ٻولي جي وڏي شاعر ”شاه لطيف جي شاعري جو اڀياس“ هڪ بي مثال ڪارنامو آھي۔ شاه لطيفجي شاعري جلدپهريون 1976ع ۽ ٻيوجلد 1985ع ۾ ڇپيو، بعد ۾ 1989ع ۾ اهي ٻئي ڪتاب هڪ مضمون جي واڌاري سان گڏائي هڪ ڪتاب جي صورت ڇپايو ويو ۔
تنوير عباسي ادبي تحقيق جي کيتر ۾ پڻ پاڻ ملهايو۔ سنڌ جي اساسي ۽ صوفي شاعرن سچل سرمست ، خوش خير محمد ، نانڪ يوسف ۽ ٻين جي ڪلام جو اڀياس ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪيو۔ جن ۾ ”سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ“ 1981ع ، ”نانڪ يودف جو ڪلام“ 1982ع ، ”خير محمد هيسباڻي جو ڪلام“ 1983ع ۾ شايع ٿيا ۔ جڏهن ته 1989ع ”سچل سرمست“ انگريزي ۾ ترتيب ڏنو۔ اهڙي طرح هن سفر ناما پڻ لکيا جيڪي تفريح کانسواءِ بيحد معلوماتي آھن۔ جن ۾ ”ڏوري ڏوري ڏيھ“ يورپ جو سفرنامو ۽ ”مون کي اڳتي وڃڻو آھي“ سندس وفات کان پوءِ 2001ع ۾ شايع ٿيو،جنهن ۾ يورپ ، آمريڪا ۽ دبئي جا احوال ڏنل آھن۔ تنوير عباسي علمي ادبي موضوعن تي ڪيترا ليڪچر يا تقريرون وڏي اهميت جوڳيون آھن،جيڪي پڻ ”سپني کان سهڻي ساڀيا“ جي نالي سان 2002ع شايع ٿيل آھي۔ هن ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ ۽ تبصرا پڻ لکيا ۽ ان کان سواءِ سندس ڪيترائي انٽرويوز ادبي اهميت رکن ۔ جن ترتيب ڏئي شايع ڪرڻ گهرجي۔ ادبي تحقيق ۾ 1981ع ۾ ”جديد سنڌي شاعري“ پڻ مڃتا ماڻي۔
تنوير عباسي ڪيترن ڪتابن جي ترتيب ۽ سهيڙ جو ڪم پڻ ذڪر لائق آھي۔ جن ۾ ريسرچ جرنل ”سرمست“ جا 9 شمارا 1980ع کان 1989ع تائين شايع ٿيا ۔ ان کان سواءِ 1975ع ۾ ”ٻاراڻا ٻول“ به ڇپيو ويو۔ تنوير عباسي جي ادبي مضمونن ۽ خاڪن جا ڪتاب به شايع ٿيل آھن ۔ جن ۾ ”تروا“ 1988ع ۽ ”منهن تنين مشعل“ 1990ع شامل آھن۔
تنوير عباسي گهڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريندو هيو۔ سندس ذاتي لائبريري ۾ سنڌي،انگريزي،اردو، فرينچ ۽ فارسي ٻولين جا اهم ۽ بنيادي ڪتاب دس مطالعي هيٺ رهيا ۔ جنهن سبب کيس هڪ گهڻ- پڙهيو ليکڪ چيو ويندو آھي۔ اها لائبريري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سندس نالي قائم ڪيل ”تنوير عباسي چيئر “ ۾ موجود آھي، ۔جيڪا سندس وفات کان پوءِ وارثن پاران کين ڏني وئي هئي۔