• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏيکاءُ ڪرڻ ۽ پاڻ وڻائڻ بدران پنھنجي ماڻھن جي ڀلائيءَ لاءِ سوچيو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
Vl7sGAZ.jpg



ھڪ زبردست پيغام اسان سڀني جي لاءِ...

دنيا جي مشهور فٽبالر ساديو ماني سان ملو. سندس تعلق اولھ آفريڪا جي ملڪ سينيگال سان آهي. سندس ھڪ ھفتي جي ڪمائي پاڪستاني رپين۾ تقريبن ٽي ڪروڙ رپيا آهي پر ڪيترين ئي ھنڌن تي کيس ھڪ ڀڳل موبائل ساڻ ڏٺو ويو.
ھڪ انٽرويو دوران جڏهن کانئس انھيءَ باري ۾ پڇيو ويو ته سندس جواب ھو ته ''آئون اھو ٺھرائي وٺندس". جڏھن کانئس اھو پڇيو ويو ته ھو نئون ڇو نٿو وٺي؟ ھن جواب ڏنو ته آئون اھڙا ھڪ ھزار سيٽ وٺي سگھان ٿو، ڏھ فراري گاڏيون وٺي سگھان ٿو، ٻه جيٽ جھاز وٺي سگھان ٿو، ھيرن جواھرن سان سجيل گھڙيون پائي سگھان ٿو پر مون کي انھن شين جي ضرورت ڪھڙي آھي؟؟؟
مون غربت ڏٺي آهي جنھن جي ڪري آئون پڙھي نه سگھيس. اڄ آئون اسڪول ٺھرايان ٿو انھيءَ نيت سان ته ڪوبه معصوم ٻار غربت جي ڪري تعليم جھڙي زيور کان محروم نه رهي. مون وٽ پائڻ لاءِ چپل به نه ھوندي ھئي ۽ آئون اگھاڙن پيرن سان کيڏندو ھوس. مون ڪڏھن به سٺا ڪپڙا نه پاتا ھيا ۽ مون ڪڏھن به پيٽ ڀري ماني نه کاڌي ھئي.
اڄ جڏهن مون وٽ سڀ ڪجھه آھي ته اھو آئون ڏيکاء ڪرڻ ۽ پاڻ وڻائڻ بدران پنھنجي ماڻھن جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ چاھيان ٿو.

(شفيق احمد عباسي جي فيسبوڪ وال تان کنيل)
 
Back
Top