شھيد امير حيدر شاھ جو وڇوڙو

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ نديم حيدر شر طرفان آندل موضوعَ ‏28 آگسٽ 2020۔

  1. نديم حيدر شر

    نديم حيدر شر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏28 آگسٽ 2020
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    Lawyer
    ماڳ:
    Karachi
    تنهن وقت لڙي ٿا لڙڪ پون ٿي تن ۾ مانڌاڻ مچي
    جنهن وقت گلابي گيتن جو ڪو پنڇي اڏري ويندو آ

    اڄ جي تاریخ 28 آگسٹ 2015, عظيم انسان سيد امير حيدر شاھ جي شھادت جو ڏھاڙو

    سيد امير حيدر شاھ ايڊوڪيٽ پنھنجي نوخيز جواني جي مختصر مدت ۾ ذھني ۽ شعوري سگھ جو ثبوت ڏنو، اھڙي ڪارڪردگي ھر نوجوان ڏئي، سنڌ صدين کان صدين تائين سرسبز رھي. هو ڦوهه جواني ۾ شھادت جو جام پي اسان کان وڇڙي ويو. هو پنهنجي ڪردار، عمل ۽ جذبي جون روشنيون ڪراچي بار ۾ ورھائڻ آيو ھيو سيد امير حيدر شاھ دوستن جو دوست، يارن جو يار پنھنجي پرائي جي مدد ۽ ھمددري لاءِ ھر وقت تيار رھندو ھيو شايد ھن ڪٿي اھو ضرور پڙھي ورتو ھو ته اصل عبادت آھي الله جي مخلوق جي خدمت آھي ھن شھيد جھڙا سجاڳ ۽ ساڃاھ وند، علم جا علمبردار، محبتن جا مشتاق پيار جا پوڄاري الفت جا ديوانا ۽ چاھتن جا چاھيندڙ قومن ۾ شعور جا گل ورھائڻ وارا ڪردار اسان جھڙن ماڻھن جي معاشرن ۾ ڪڏھن ڪڏھن پيدا ٿيندا آھن، شھيد امير حيدر جھڙن انسانن جي وجود سان اسان جا بگڙيل معاشرا محبتن جا مرڪز بڻجندا آھن ، قومن جي اصلاح ۽ ترقي جا نوان گس متعين ٿيندا آھن پر افسوس جي صورت بڻجي ماڻھو تڏھن رھجي ويندا آھن. جڏھن شھيد امير حيدر جھڙا عظيم انسان پنھنجي مِشن جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ھن دنيا مان رخصت ٿي ويندا آھن.

    اسان ھاڻي وسنديون وساري ھلياسين،
    جي ڀلجي به ڳوليو مزارن ۾ ڳوليو.

    ڏسڻ ۾ سھڻو، ڪم جو ڪوڏيو، پيار ڏيندڙ، پيار وٺندڙ انسان ڳالھائي ته ھيانءُ ٺري پوي، ڏسي ته من جا گلاب ٽڙي پون، اسٽيج تي اچي ته پڇڻو پوي ھي ڪير ٿو ڳالھائي، نياز نوڙت اھڙو جھڙو ميوي ڀريل وڻ، کِلمُک ۽ ٻھڳڻو انسان، سدا سٻاجھو، اڳواڻي ڪرڻ جا سمورا ڳڻ ڪچھري جو قابل وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪندڙ، شھيد امير حيدر شاھ ۾ انسانيت جي خدمت جو جذبو نمايان رھيو ۽ ھو زندگي جو متحرڪ ڪردار رهيو، نرمي ۽ مهرباني جي جذبي سان سرشار ھيو، شھيد امير حيدر شاھ اسان جي دلين ۾ سٺن اخلاقن سبب رچيل بَسِيَلُ آھي مختصر وقت ۾ ايڏي شاندار زندگي ۽ جدوجهد شھيد امير حيدر جوئي ڪمال هيو ۽ مختصر ملاقاتن جي باجود دلبر جي مسڪراهٽ، خدمت ۽ جدوجهد هميشه ياد رهندي ۽ ذهن جي پردي ۾ ڦرندي رهندي جيڪا قرباني ڏئي ويو آھي، اھا اسان کان ڪڏھن به نه وسرندي، ھو ھميشه اسان جي دلين ۽ روحن ۾ موجود رھندو، ھو ٻرندي ٻرندي پاڻ ته وسامي ويو پر ان جي ڏنل روشني جو تاثر اسان جي زندگي جي دائمي قدرن ۾ ھڪ روشن واٽ جيان رھندو شھيد امير حيدر شاھ جي قرباني تاريخ جو ورق بنجي ھر باشعور نوجوان لاءِ ھڪ وڏو سبق رھندو ڌڻي در دعا آھي ته شھيد کي جنت فردوس ۾ بلند مرتبي جي جاءِ ڏئي ۽ ان جي عزيزن کي صبر جي تلقين ڏئي. آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو