ٺري ميرواھ شھر جي درد ڪھاڻي

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ نديم حيدر شر طرفان آندل موضوعَ ‏28 آگسٽ 2020۔

  1. نديم حيدر شر

    نديم حيدر شر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏28 آگسٽ 2020
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    Lawyer
    ماڳ:
    Karachi
    ٺري ميرواھ جون چار ٽائون ڪاميٽيون ڪرپٽ ڪامورن ۽ نااھل نمائندن جي چنبي ۾ ڦاٿل ٽائون ڪاميٽي ٺري ميرواھ ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو مير علي ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي بوزداروڏا ۽ يونين ڪائونسل صبڙ رند جي تاريخي حيثيت رکندڙ ڳوٺن مينگھو فقير شر سميت آسپاس جي سمورن ڳوٺن جو عوام وڏي آزار ۽ تڪليف ۾ گذاري رھيو آھي وڏي آبادي رکندڙن شھرن کي چونڊيل نمائندن ۽آفيسرن مڪمل طورتي نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي صفائي سٿرائي نـ ٿيڻ روڊ رستا اسپتالون ڳوٺ ڪنھن قبرستان جھڙو ڏيک ڏئي رھيا آھن ھر پل ھر گھڙي ماڻھون پريشانين کي منھن ڏيندا رھن ٿا شڪايتن ڪرڻ باوجود ازالو نٿو ڪيو وڃي ڊرينج نظام بـ درست نـ ھجڻ ڪري گندوپاڻي اسان جي گھرن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو اڪثر شھر ۽ مارڪيٽ ۾ ڪنو پاڻي بيٺل رھي ٿو غير مقامي MNA۽MPA ٽائون چيرمين ۽ ٻيا نمائندا ماڻھن جامسئلا حل ڪرڻ بدران آسرا ڏئي ووٽ وٺڻ کانپوء گم ٿي وڃن ٿا انھن وٽ شڪايت کڻي وڃون ٿا تـ پھرين ڳالھ تـ ھو اسان سان ملڻ لاءتيار ناھن اگرجي ملن بـ ٿاتـ اسانجي ڳالھ تي ڪوبـ ڌيان نٿو ڏنو وڃي ٽائون انتظاميا طرفان ورھين کان پنھنجي من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏئي انھن ۾ بـ ناقص مٽيريل استعمال ڪري لوھي سرين جي جاء تي سرن جي ڪانن جون پترون ڏئي ڪجھ ڪراس ۽ پليون ٺاھيون ويون جيڪي ھڪ ھفتو بـ نـ ڪڍي سگھيون وري ٽٽي پيون سموريون گھٽيون ٽٽل آھن روڊ ۾ وڏا وڏا کڏا پيجي ويا آھن آخر اسان کي ڪھڙي ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي سياسي سماجي اڳوڻڻ جون دانھون چيرمين آفيس ۾ ويھڻ لاء تيار ناھن صفائي عملو سفارشي ڀرتي ٿيل ھجڻ ڪري ڪم نٿو ڪري سفيد پوش ماڻھون رڳو پگھارون کڻڻ لاء ٽائون آفيس ايندا آھن انھن کان ڪيرب ڀڇڻ وارو ناھي شھر جي ھن وقت تائين مالڪي ن ٿي سگهي آھي ۽ شھر مسئلن جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آھن جنھن ڪري ھتان جارھواسي پريشانين کي منھن ڏئي رھياآھن چونڊيل نمائندن ب ماڻهن جي مسئلن جي حل لاء ڪوب قدم ناھي کنيو ھتان جي رھواسين جو چوڻ آھي ت شھرجي روڊن رستن جي حالت تمام خراب آھي ڊرينج نظام تباھ ھجڻ ڪري گندوپاڻي روڊن رستن تي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي ٺري ميرواھ ضلع تحريڪ جي اڳواڻن جو چوڻ آھي ت ٽائونن کي ھرمھيني وڏي رقم بجيٽ طور ملي ٿي پر اھا ھڙپ ٿي وڃي ٿي شھر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ ۽ روڊ رستا ٺھرائڻ ت ٺھيو پر پوري طرح صفائي ب نٿي ڪرائي وڃي گندگي جي آزار سبب مختلف بيماريون پکڙجي رھيون آھن ھتان جي رھواسين ڪيترا ڀيرا احتجاج ب ڪياآھن ۽اختيارين ڌڻين اڳيان دانھيو بـ آھي پر پوء بـ ڪوب مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي ھنن وڌيڪ چيوت چيرمينن چونڊجڻ کي چارسال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود شھر جي ھڪ گھٽي ب پڪي ناھي ڪرائي وئي ھي تاريخي شھر کنڊر بڻايا ويا آهن گندو پاڻي دڪانن گھرن آفيسن جي آڏو بيٺل آھي جنھن سبب ماڻھن کي اچڻ وڃڻ ۾سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي چونڊيل نمائندا ۽ ڊي سي خيرپوربـ تدارڪ ڪرڻ لاءتيار ناھن ھنن چيو تـ ٽائون انتظامياجي لاپرواھي سبب ھتان جا شھري سخت پريشان آھن ۽پاڻ صفائي ڪرڻ تي مجبور آھن پر ٽائون انتظاميا کي ڪوب رحم نٿو اچي لکين رپيا صفائي جي عملي تي خرچ ڪيا وڃن ٿا ليڪن انھن کان صرف پنھنجن بنگلن تي صفائي ڪرائي ٿي وڃي ۽ ڊيوٽي کان ڇوٽ ڏني وڃي ٿي جنھن ڪري اڪثر شھرجي مک چوارھن گھٽين ۾گندوپاڻي بيھجي وڃي ٿو ۽ گاڏين ۽ پيادل سفرمشڪل بڻجي ويو آھي ۽ روڊ رستا تباھ ٿي ويا آھن جنھن سبب شھري سک جوساھ نٿاکڻي سگھن ۽ بدبوء سبب ساھ کڻڻ ۾ بـ پريشاني ٿي رھي آھي ھنن وڌيڪ چيوت آخر اسان جو ڪھڙو ڏوھ آھي جو ان جي سزا ڏني ٿي وڃي

    نديم حيدر شر
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو