ننڌڻڪو شھر ٺري ميرواھ

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ نديم حيدر شر طرفان آندل موضوعَ ‏28 آگسٽ 2020۔

  1. نديم حيدر شر

    نديم حيدر شر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏28 آگسٽ 2020
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    Lawyer
    ماڳ:
    Karachi
    ھن وقت ٺري ميرواھ جو ڌڻي ٿيڻ جي ضرورت آهي ٺري ميرواھ ھن جديد دور ۾ اڄ ب ميرن ۽ پيرن جي ڪالوني آهي مير ۽ پير ھن شھر کي پنھنجي جاگير سمجھي لٽيندا رھيا آھن اڄ تائين ھنن ميرن ۽ پيرن کي ووٽ ڏيندڙ عوام سان اڄڪلهه ڇا پيو ٿئي. سياست جي ميدان ۾ عوام جي ضمير جو شڪار ڪندڙ ھنن شڪارين جو ھاڻي وقت پورو ٿي چڪو آھي ھنن کي ٺري فيضگنج ۽ نارا جي غريب ۽ لاچار عوام جي لڙڪن ۽ دردن جي ڪا ڄاڻ ئي ناھي؟؟ ٺري ميرواھ جي کاھوڙي ڪردارن ضياءَ الحق جهڙي آمر جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کان ڊڄڻ بجاءِ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون پر ھاڻي ھن جدي دور ۾ ميرن ۽ پيرن سان مھاڏو اٽڪائڻ ۽ پنھنجو حق ڇني وٺڻ ۾ الائي ڪھڙو خوف ٿو ٿئي؟؟؟ ٺري ميرواھ جي درد ستايل ماڻهن ڏانهن اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ کان سوا۽ اڄ ڏينهن تائين ڪو مير پير ناهي آيو ھي وقت سڄاڳ ٿيڻ جو آھي ميرواھ فيضگج ۽ نارا جي عوام کي ھاڻي گھري ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ گھرجي ھنـن ڦورن کي ٺري ميرواھ جي سياست مان ڊوڙائي ڪڍڻ گهرجي ٺري ميرواھ جي عوام کي ھاڻي اھو سوچڻ گھرجي ت سياست جا تصور تبديل ٿي ويا آهن. هاڻي سياست نعريبازي بجاءِ نتيجن ڏيڻ واري ٿي وئي آهي هاڻ سياست جي ميدان ۾ قربانين ڏيڻ ۽ وٺڻ سان گڏوگڏ سٺي حڪمرانيءَ وارو سوال غير معمولي اهميت اختيار ڪري ويو آهي، ھاڻي ٺري ميرواھ فيضگنج ۽ نارا جي اصلي وارثن کي ويچارڻ گهرجي، قدتي وسيلن سان مالا مال ٽنھي تعلقن جو مسيڪن عوام ڪيتري اذيتن واري زندگي گذاري رھيو آھي ھاڻي سجاڳي جو وقت اچي چڪو آھي اچو ت ٺري ميرواھ کي ضلعي جو درجو ڏياري پنھجا ماڊل ڳوٺ ۽ شهر ٺاهڻ جي شرعات ڪيون آءُ بار بار ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندو رهيو آهيان ته پيرن ۽ ميرن کي اسانجو ڪو فڪر ڪونھين اھي واڳون جيڪي سرڪاري اسپتالن جو دوائن وڪڻڻ لاء پھچن جيڪي مليريا جي روڪٿام لاءِ ايندڙ بجيٽ به ڳڙڪائي ٿا وڃن جيڪي ٽائون ڪاميٽي ۽ يوسين جي بجيٽ ب پنھنجن ڀڀن ۾ وجھن انھن کي ٺري ميرواھ جي عوام جو ڪھڙو فڪر؟؟؟؟ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ موت سستو ۽ زندگي مهانگي ٿيندي پئي وڃي. مون معدني وسيلن سان امير ناري ۾ اهڙا غريب ماڻهو به ڏٺا آهن، جيڪي روز اٽي جي ٿيلهي گهر کڻي وڃن ٿا ۽ رڳو ايترو کائي سگهن ٿا ته جيئن فقط جيئرا رهي سگهن، ان قدرتي وسيلن سان مالا مال ناري جي غريب ماڻهن جي ڪير واهر ڪندو.؟ ٺري ميرواھ جي ترقي پسند ماڻهن، اديبن، دانشورن سياسي سماجي ورڪرن صحافين کي ھاڻي ننڊ مان اٿڻ گھرجي ۽ ٺري ميرواھ کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ لاء ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ھاڻي ننڌڻڪي ٺري ميرواھ جو ڌڻي ٿيڻ جي ضرورت آهي
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٺري ميرواھ وارن کي جدوجھد جي ضرورت آھي ۽ ميرن پيرن ۽ وڏيرن جي اٽڪل بازي کان ٻاھر اچڻو پوندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو