نويد ناز ڀٽي جي شعري مجموعي، جاڳ جي آوارگي جو جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    نويد ناز ڀٽي جي شعري مجموعي، "جاڳ جي آوارگي" تي هڪ نظر.....!
    فقير محمد سنڌي.
    خاموش طبيعت رکندڙ نويد ناز ڀٽي اندر ۾ هڪ سجاڳ رهندڙ فرد آهي. دنيا جي اندر جيڪي به فرد سجاڳ رهيا آهن، انهن پاڻ سان گڏ معاشري جي حالتن جو جائزو ورتو آهي. ان جو مثال نويد ناز جو ڪتاب آهي، "جاڳ جي آوارگي " آهي، جيڪو پنهنجي من سان ۽ دنيا جي منظرن سان هر ويل اڻتڻ ۾ رهي ٿو. خوش قسمتي، محنت جي اولاد آهي. نويد ناز جي خوش قسمتي جو وڏو راز ، "جاڳ جي آوارگي" آهي. جيڪا نويد ناز جي پھرين من جي مراد آهي. جنهن ۾ غزل جي گوهر افشاني ٿيل آهي، غزل ۾ نويد ناز زماني جا عڪس پنهنجي دل جي ڳوڙهن سان پيش ڪيا آهن.

    عمر جي هر هڪ گهٽي ميرانجهڙي،
    ياد جي جنھن ۾ مٽي ميرانجهڙي.

    ٿي پڙهي موهن دڙي جي ناچڻي،
    رقص جي هاڻي چٺي ميرانجهڙي.

    ڪونه اجرو ڪنھن صبح آندو نويد،
    عمر مون پنهنجي ڏٺي ميرانجهڙي.

    ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر علي زاهد لکيو آهي. مهاڳ ۾ لکي ٿو ته : "هڪ شاعر پنهنجي دور جي تاريخ جو تاريخدان به هوندو آهي، هو جڏهن پنهنجي دور جي واقعن ۽ حالتن جو پنهنجي شعرن ۾ ذڪر ڪري ٿو ته اها محفوظ تاريخ بڻجيو وڃي ٿي. نويد به پنهنجي ڪافي شعرن ۾ پنهنجي دور جي تاريخ رقم ڪئي آهي".
    زندگيءَ ۾ سڀ منظر ۽ عڪس سڀني انسانن جي ميراث هوندا آهن، پر انهيءَ جو استعمال رڳو وقت تي شاعر ۽ بادشاھ ڪندا آهن . نويد ناز ڀٽي جي من جي اڇلتا آهي ته :
    دلربا شخص هو ڪو ٻيڙيءَ ۾،
    سوچ جو عڪس هو ڪو ٻيڙيءَ ۾.

    ساز ڇولين وڄايا مستيءَ ۾،
    جل پري رقص هو ڪو ٻيڙيءَ ۾.

    هڪ ندي ٿي شعور ڳڙڪائي،
    جو چڙهيل حرص هو ڪو ٻيڙيءَ ۾.

    سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌي جو پبلشر نوٽ آهي ته :نهايت حساس سڀاءَ جي هن سانوري ڪوي نويد ناز ڀٽيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ هميشه جيون رت جا دکائڪ منظر، اڻپوريون آشائون ۽ محبتي منڊلين جا اهڙا ٽهڪ قلمبند ڪيا آهن، جنھن تي پاڻ مرادو پيار اچڻ فطري ٿيو پوي.
    ڏسو نويد جي غزل جا هي بيت :
    پيرڙن ۾ لڦون ۽ لڦن ۾ وفا،
    پيار جو اي پرين حق ادا ٿي ويو.

    هيٺ ڌرتي ڄڻ ته داسي ٿي لڳي،
    ۽ مٿي هو رام جھڙو آسمان.

    سنڌ جو ناليوارو ليکڪ عيسي ميمڻ ،نويد ناز جي تعارف ۾ لکي ٿو. "نويد ناز ڀٽي جو اصل نالو شفقت آهي، هن جو جنم 15 آڪٽوبر 1978ع تي مظفر علي ڀٽي جي گهر، علي گوهر آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. نويد ناز ڀٽي جديد سنڌي شاعري جي ٽهيءَ جو مهندار شاعر آهي. جنهن وٽ خيالن کي پيش ڪرڻ جو ڪمال جو ڏانءُ آهي".
    نوجوان ٽھي جو شاعر مخمور رضا لکي ٿو ته : "نويد جي شاعري ۾ گهڻي ڀاڳي درد جا حسين حسين نقش چٽيل ملن ٿا جن ۾ محبتن جا رنگ ڀريل آهن".
    نويد جي غزل جو هي بيت مزدور جي سوچ جو ترجمان آهي.

    لُڪ ۾ سڙندڙ ڇڏيو مزدور آ،
    ھر مزي هر عيش جو خالي پنو.

    سنڌ جو ناليوارو ڪوي سعيد ميمڻ لکي ٿو ته :"سندر پيچرن تي پيار جو پنڌ ڪندڙ هي ڪوي محبوب ۽ ماڳ ڏانهن وکون وڌائندو اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان سفر ۾ شاعريءَ جي خوشبو هن سان همسفر آهي" .
    شاعر ۽ ليکڪ حبدار سولنگي لکي ٿو ته :" اڄ جو سنڌي غزل تخليقي نواڻ جي رستي تي سفر ڪري رهيو آهي، ان جي فن جي باليدگي ۽ فڪري سگھ ۽ سونھن حيران ڪندڙ آهي ".
    وليم اي وارڊ جي چوڻي آهي ته :" تحقيق يا کوجنا، علم جي بتيءَ جي وٽ آهي ". درد جي وٽ جهڙا نويد جي غزل جا بيت به آهن.

    درد جو سمنڊ ٿو هڻي ڇوليون،
    رک نظر تون" نويد " ٻيڙي ڏي.

    هي هو هيڏو درد اکين جي ڀاڪر ۾،
    ٿي ويو آهي سرد اکين جي ڀاڪر ۾.

    چنڊ ننگو ٿو رلي احساس جو،
    ديد چولو ٿي سبي آڪاس جو.

    ڏيئو جئن ٿو جاري ۾ جرڪي پيو،
    ائين درد دل ۾ ٿو چمڪي پيو.

    سنڌ جو خوبصورت شاعر جواد جعفري لکي ٿو ته :"نويد جي تخليقي اڏام پنهنجن ڪيترن همعصر کان اڳڀري آهي سندس شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا حقيقي عڪس تخليقي رنگن جي رچاءُ سان ڪائنات جي طلسماتي حسناڪين جا آئينه دار آهن".
    نوجوان ٽھي جو شاعر شوڪت شيخ جي راھ آهي ته :"نفيس خيالن جو مالڪ ۽ سهڻي سوچ رکندڙ، نويد ناز ڀٽي هر دل عزيز شاعر آهي.
    مشھور روسي ليکڪ رسول حمزه توف جو خيال آهي ته :"شاعر خانه بدوش پنڇي ناهن هوندا. ڌرتيءَ محبوب دل ۽ گھر کان سواءِ شاعر بي پاڙي ول ۽ بنا آکيري پکيءَ وانگر هوندا آهن ".
    ڪتاب" جاڳ جي آوارگي" جو بيڪ ٽائٽل سنڌ جي ٻن سرجڻھارن جو لکيل آهي. وشال لکي ٿو ته :"نويد ناز ڀٽيءَ جو غزل اڀرندڙ سج جهڙو ڀاسندو اٿم، جنھن جو هر ڪرڻو حقيقي نفاست، جماليات، آرٽ آهنگ سان سرشار آهي".
    رضوان گل لکي ٿو ته :" نويد جي شاعري ۾ جتي پوپٽ، خوشبو، ڇوڪريون، رنگ، ٽهڪ، برسات، چوڙيون، چنڊ ۽ ستارن جو ذڪر آهي اتي ڌرتيءَ جي اهنجن ۽ دردن جي به ڳالھ موجود آهي".
    آخر ۾ نويد ناز ڀٽي جي لاءِ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي غزل هي بيت ته :
    سنڌڙي تنهنجي سنڌ ڏسي،
    رات ڀٽائي گهوٽ رنو..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو