پنڻ جو منظم ڪاروبار ۽ مافيا جو ڪردار!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2020۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    پنڻ جو منظم ڪاروبار ۽ مافيا جو ڪردار!

    حبيب مرکنڊ

    ڏٺو وڃي ته معاشي ضرورتون هر انسان جون هونديون آهن ۽ پيٽ جي تقاضائن کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي، پر هن ڳالهه جو هي مطلب هرگز ناهي ته محنت جي رستي کي ڇڏي ڪري پنڻ جي رستي کي اختيار ۽ قبول ڪيو وڃي. ڪا به قوم ترقي يافته، مهذب، باشعور ۽ باعزت نٿي سڏرائي سگهي جيستائين ان قوم جا فرد عزت نفس جي دولت سان مالامال نه هجي. اڄ ڪلهه پنڻ جو رجحان ايتري قدر عروج تي وڃي پهتو آهي جو غريبي کي ظاهر ئي نٿو ڪري ۽ نه وري بيروزگاري کي ظاهر ٿو ڪري، بلڪ هي ته اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جي نااهلي جو ظاهر ظهور ثبوت آهي، جنهن طرف توجهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. اسان جا حڪمران پنهنجي آرام گاهن مان صرف ان لاءِ نڪرندا آهن ته جيئن ٽي وي جي اسڪرين تي ظاهر ٿي سگهون ۽ هن کان علاوهه انهن کي ملڪ ۽ قوم سان خاص ڪا دلچسپي ناهي. انهن کي ملڪ ۽ قوم جا مسئلا نظر نه ٿا اچن!.اسان جي ملڪ ۾ بيشمار بيمارين مان هڪ پنڻ جي به بيماري موجود آهي، جيڪا ڏينهون ڏينهن اسان جي معاشري ۾ هڪ بيماري جيان عام ٿيندي پئي وڃي. پنڻ جو سهارو مجبور، معذور، بيواه عورتون، يتيم ٻارڙا ۽ لاچار ماڻهون وٺندا آهن، ڇو ته هو ڪنهن ٻئي طريقي سان ڪمائي ڪري پنهنجي زندگي بسر نٿا ڪري سگهن، پر اڄ پنڻ جي طريقي کي هڪ ڪاروبار جي طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ صرف افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. دين اسلام به پنڻ جي عمل تي مذمت ڪري ٿو. اسانجي آخري پيغمبر حضور ڪريم صلعم جن ماڻهن کي ڪمائي ڪري کائڻ جي تلقين ڪئي آهي. ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ ڪو آسان ڪم ناهي بلڪ وڏو شرمناڪ عمل آهي. پنڻ وارن جا هجوم ڏسي ڪري ائين لڳندو آهي ته هن شعبي کي اختيار ڪري تمام خوش ۽ پرسڪون زندگي گذاري رهيا آهن.

    پنڻ جي وڌڻ جون ڪافي سبب آهن. پهريون سبب جيڪو اسان جي دماغ ۾ هن لفظ جي ٻڌڻ کان بعد ڦورن ايندو آهي اُها آهي غربت. هن حقيقت کي تسليم ڪجي ٿو ته غربت جي چڪي ۾ جيڪي ماڻهون پيسجي رهيا آهن اُهي پنهنجي روزمرهه جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن جي اڳيان پنهنجا هٿ جھليندا آهن. پر افسوس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن طاقتور ۽ صحت مند نوجوان به ٻين جي اڳيان هٿ جھليندي نظر ايندا آهن، اُهي ڪمائڻ کي ته ترجيح نه ڏيندا آهن بلڪ هي آسان ڪم ڳولي ڪري پنهنجي سموري زندگي گذاري ڇڏيندا آهن. ان جو هڪ مثال گهوٽڪي ضلعي جا سفيد پٽڪن وارا نوجوان هيوي ويٽ سيد آهن. هو سيد سڏائي پنڻ کي حق ٿا سمجهن. پنڻ وارن جا ڪيترائي قسم آهن. پهرين نمبر تي اُهي آهن جيڪي واقعي ئي ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪوشان هوندا آهن ۽ انهن ۾ معذور ۽ لاچار ماڻهون شامل هوندا آهن. ٻيو قسم اُهي ماڻهون آهن جيڪي عادي طور تي پنندا آهن، يعني انهن جو پيءُ، ڏاڏو به پنڻ وارو ڪم ڪندا هئا ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين انهن جو خانداني ڪم شمار ڪيو وڃي ٿو. اهڙا ماڻهو ڪو ٻيو ڪم يعني محنت، مزدوري ڪرڻ جو ته سوچيندا به ناهن، انهن جي دماغن ۾ صرف پني ڪري کائڻ هوندو آهي. ٽيون قسم ان پنڻ وارن جو هوندو آهي جن جي پويان هڪ مڪمل پورو نيٽ ورڪ ڪم ڪري رهيو آهي، اهڙن ماڻهن کي ڄاڻي واڻي معذرور ڪيو ويندو آهي. ڪنهن جا هٿ ته ڪنهن جا پير، ڪنهن کي اکين جهڙي عضون کان محروم ڪري انهن کي پندڙ بڻائي ڪري بازارن، اسٽاپن، گھٽين، پارڪن، رستن، ۽ مسجدن يعني مشهور جڳهن تيماڻهن جي همدردي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويهاريو ويندو آهي ۽ شام جو سمورا ڏوڪڙ ان مافيا جي اڳواڻ جي حوالي ڪيا ويندا آهن ۽ انهن کي هڪ ڏينهن جي مزوري ڏني ويندي آهي. ان مافيا جا شڪار ماڻهون جيڪڏهن هن ذليل ۽ شرمناڪ شعبي کي ڇڏي ڪري ڀڄي به نه ٿا سگهن، جيڪڏهن اُهي ائين ڪندا ته انهن جي وارثن کي مختلف سزائون ڏيندا آهن انهن جي خاندانن کي تنگ ڪيو ويندو آهي. مجبورن هن مافيا جا شڪار ماڻهون هن پنڻ واري عمل کي جاري و ساري رکيون ايندا آهن. هن ڪم جي لاءِ ٻارن جو به سهارو ورتو ويندو آهي. ننڍڙن معصوم ٻارن کان انهن جو ننڍپڻ ڇني ڪري انهن کي ماڻهن جي اڳيان پنڻ جي لاءِ موڪليو ويندو آهي، جن جي عمر اسڪول ۾ وڃي ڪري تعليم حاصل ڪرڻ جي هوندي آهي ان عمر ۾ اُهي روڊن رستن تي پنندي نظر ايندا آهن. جتي غربت پنڻ جي سببن مان بنيادي وجهه آهي ته اتي بي روزگاري جي شرح ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن کان علاوهه سستي ۽ ڪاهلي به غريب ماڻهن کي هن طرف رجوع ڪرڻ سبب بڻجي ٿي. ماڻهو محنت، مزدوري کي ٻوجهه سمجهندا آهن ۽ هٿ ڦهلائي ڪمائڻ کي آسان سمجهندا آهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته پنڻ وارا عام ماڻهن کان زيادهه ڪمائي وٺندا آهن. اڄ معاشري ۾ اسان کي جڳهه جڳهه تي پنڻ وارا نظر ايندا، اسپتالن، پارڪن، روڊن رستن، بازارن، مسجدن ۽ هر جڳهن تي پنڻ وارن جا ٽولا ۽ هجوم هوندا آهن. انهن ۾ وڏي عمر وارا، عورتون، جوان ۽ ٻار به شامل هوندا آهن. هي پنڻ وارا ماڻهن جو توجهه حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪندي نظر ايندا آهن ڪوئي معذوري جو بهانو ڪندو آهي ته عورتون وري پنهنجي ننڍن ننڍن ٻارن کي هنج ۾ کڻي ڪري معصوميت ۽ مظلموميت واري تصوير اختيار ڪري هن ڪاروبار کي اڳتي وڌائينديون آهن. هڪ تحقيق جي مطابق ته پاڪستان ۾ 25 فيصد ماڻهن پنڻ واري موذي بيماري کي اختيار ڪيو آهي. پنڻ جي وجهه جي ڪري معاشري ۾ مختلف قسمن جي برايون ڦهلجي رهيو آهن ۽ ان سان چوري چڪاري، نشي وارن شين ۾ به ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. گھڻا ماڻهون پني ڪري نشو خريد ڪندا آهن ته گھڻا وري ماڻهون پنڻ وارن جو روپ اختيار ڪري گھرن مان چوري چڪاري ڪندا آهن پنڻ واري مافيا سان تعلق رکڻ وارا اڪثر ٻار اغوا ڪري انهن جي جسم جي مختلف حصن کي ڪٽي ڪري انهن کي پنڻ تي هيرائيندا آهن. معاشري کي هن لعنت کان بچائڻ لاءِ حڪومت کي سخت قدم کڻڻو پوندو. ۽ ان حوالي سان فلاحي ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ زڪوات ۽ صدقي جي صورت ۾ ضروتمندن جي مدد ڪري ان پيشي کي ختم ڪري سگهجي ٿو.اهڙي طرح اليڪٽرانڪ، پرنٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي مدد سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي ته اُهي صرف مستحق ماڻهن کي پيسا ڏين. مختلف جڳهن تي ويٺل پنڻ وارن جي مدد ڪرڻ جي ضرورت ناهي. صحت مند ۽ نوجوانن کي هرگز نه ڏيڻ گھرجي ڇو ته ان سان انهن جي حوصله افزائي ٿئي ٿي ۽ اهي محنت ۽ مزدوري جو سوچي به نه ٿا سگهن. پنڻ وارو ڪاروبار ڪجهه گروهه منظم انداز ۾ ڪن ٿا، هاڻي ته شهرن جا وڏا چوڪ ٺيڪن تي آهن ۽ ڪيترن معاملن ۾ ته انهن کي پوليس جي به پٺڀرائي حاصل هوندي آهي. ڪراچي ۾ هڪ دوست ٻڌايو ته اڳ ۾ فقير سڄو ڏينهن پنڻ بعد ايڌي ايمبوليس وارن کي فون ڪندا هئا ته همراهه بيمار آهي کيس گهر پڄايو. ڪجهه اسان جا سنڌي جوان ڳاڙهي ٽوپي ۽ بوسڪي جو وڳو پائي عورتون ساڻ ڪري کيسو ڪٽجي وڃڻ ۽ ڪرايو ڪري ڳوٺ پهچڻ جي بهاني به پنندي ڏٺا ويا. هاڻي ته ڪراچي کان اسلام آباد تائين هي ڪاروبار منظم انداز ۾ ڪيو ٿو وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو