ذاتين جي بنياد تي اتحادون جوڙڻ واران ڏانهن کليل خط

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نديم حيدر شر طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2020۔

  1. نديم حيدر شر

    نديم حيدر شر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏28 آگسٽ 2020
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    Lawyer
    ماڳ:
    Karachi
    آل پاڪستان شر اتحاد جي چيئرمين خالد حسين شر سميت ذاتين جي بنياد تي اتحادون جوڙڻ واران ڏانهن کليل خط

    افسوس صد افسوس انهن گروهن تي جيڪي هر ڏينهن نوان اتحاد قائم ڪن ٿا، مختلف اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي سنگت جن جا ٺهيل اتحاد نروار ٿي ڪري ڏسڻ وٽان ملن ٿا، جنهن تنهن کي ڏسو پنهنجي ذات جي نالي سان اتحاد جوڙيو ويٺو آهي، ادا سائين جڏهن اسين سڀ متحده طور هڪ قوم آهيون تہ پوءِ اسان کي ذاتين جي حوالي سان اتحادن جي قائم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اوهين ان ڳالھ کي سمجهو ڇو نہ ٿا، اسين مشترڪ طور هڪ قوم آهيون جنهن کي دنيا سنڌي قوم جي نالي سان سڃاڻي ٿي، تہ پوءِ اسان کي اتحادن جي جوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، قومن جي اندر ذاتين جي بنياد تي اتحادن جو جوڙڻ سٺو سنوڻ هر گز ڪونہ آهي، اتحادون تہ اُتي قائم ٿينديون آهن جتي ڪنهن وجود کي خطرو لاحق هجي ۽ پوءِ اُهي پنهنجي نسل جي بقاءُ خاطر اتحاد جوڙيندا آهن

    ڀلا ڪڏهن ائين ٻڌو اٿئو تہ جهرڪين ٻين پکين جي خوف کان پنهنجي الڳ اتحاد جوڙي هجي، جهڙوڪ آل سنڌ جهرڪي اتحاد، يا ڀلا هرڻن شيهن جي خوف خاطر پنهنجي بچاءُ ۾ الڳ آل سنڌ هرڻ اتحاد قائم ڪئي هجي، يا ڳيرن بازن جي شڪار جي خوف سبب پنهنجي الڳ آل سنڌ ڳيرا اتحاد قائم ڪئي هجي، انهن پکين جي وجود کي تہ هردم خوف ۽ خطرو هوندو آهي اُهي ڪڏهن بہ ڪٿي بہ ڪنهن شڪاري جو شڪار ٿي سگهن ٿا پر پوءِ بہ ويچارا خاموش بڻيل آهن، اوهان تہ حضرت انسان آهيو پنهنجي ڌرتي جا مالڪ بڻيا ويٺا آهيو، ٿورو پاڻ سڃاڻون، پنهنجي ڌرتي جي وارثي ڪريو، اتحادن جي جوڙڻ سان اوهان کي ڪجھ ڪونہ ورڻو آهي الٽو ٻيا اوهان کي ڪمزور ۽ هيڻو سمجهندا، اوهان سچ ۾ ئي اڪيلا ٿي ويندا، انهن ڳالهين کي سمجهڻ کان پوءِ بہ وتو ٿا اتحادون قائم ڪندا، آخر انهن اتحادن جوڙڻ جو بنيادي سبب ڪهڙو آهي

    ڇا اوهان جي وجود کي خطرو آهي

    يا سند اندر رهندڙ ٻين ذاتين تي پنهنجو داٻو ۽ دهمان بيهارڻ خاطر وتو ٿا اتحاد جوڙيندا تہ جئين ٻين ذاتين وارا اهو تاثر وٺن تہ هي سڀ هڪ ڪرا آهن سندن پاڻ ۾ ٻڌي آهي، انتهائي افسوس ٿيندو اٿم جڏهن مختلف ذاتين جي نالي سان اتحاد قائم ٿيل ڏسندو آهيان، آخر اسان جي قوم کي ٿي ڇا ويو آهي جو اڃان تائين پنهنجي پاڻ کي سڃاڻي نہ سگهيا آهن، شايد اڃا تائين ان ٻڏتر جو شڪار آهن تہ هو ڪي ٻاهريان آهن يا وري پاڻ هن ڌرتي کي دل سان پنهنجو چمن قبول نہ ٿا ڪن پاڻ کي اڃا تائين پرايو سمجهندي وتن ٿا اتحادون قائم ڪندا تہ متان ڪٿي ڪنهن ٽائيم کين تڙيو ڌڪيو، ٻاهر ڦٽو نہ ڪيو وڃي ان لاءِ پاڻ کي مضبوط ڪري وٺون، منهنجي سنڌ جي شعوري فردن کي اهو عرض آهي تہ هُو انهي ذهنيت کي تبديل ڪرڻ خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ سنڌ جي هر هڪ فرد کي اهو يقين ڌياني ڪرائن تہ اوهان ئي هن ڌرتي جا مالڪ ۽ مختيار آهيو، اوهان ئي هن چمن جا گل آهيو، سڀاڻ اوهان جي نئي نسل جا فرد هن ڌرتي تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪندا، اگر جي اوهان اڄڪلھ جي هن سماجي ماحول ۾ ٻوسٽ محسوس ڪريو ٿا تہ پوءِ اٿو متحد ٿيو، ذاتين، ڪٽبن ۽ قبيلن جي زنجيرن کان پاڻ کي آزاد ڪري هڪ صف ۾ بيهي ڪري سنڌي قوم سڏايو ۽ پنهنجي ڌرتي جي وارثي لاءِ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪريو تہ جئين آئينده اوهان جي نئي نسل کي ان ساڳي فڪر ۽ فهم جو شڪار نہ ٿيڻو پوي جنهن جا هن مهل اوهان شڪار آهيو ۽ پنهنجي بقا خاطر وتو ٿا اتحادون قائم ڪندا
    ترقي پسند ڌرين کي انهن غلط رجحانن جي ڀرپور نموني سان مخالفت ڪرڻ گهرجي. ڇو جو انهن رجحانن پکڙجڻ سان مظلوم قومن جي اتحاد کي ڇيهو رسي ٿو، منجهن قومي شعور ۽ پنهنجن مجموعي قومي مفادن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جي خيال کي سخت ڌڪ لڳي ٿو ۽ قومي ڏڦيڙ وڌي ٿو، جيڪو اڳتي هلي متحد قوم جي عوام کي پاڻ ڀري ٿيڻ لاءِ غلط رستن تي وٺي وڃي ٿو ۽ اجتماعيت بدران انفراديت زور وٺي ٿي

    سنڌ ۾ هڪ وڏو الميو اتم ذات سمجهڻ ۽ ٻين ذاتين کي گهٽ سمجهڻ جهيڙن جهڳڙن جا پڻ سبب رهيا آهن اسان سنڌين کي قوم پرستي، ذات پرستي، ڏاڍ پرستي، انا پرستي ، زنا پرستي، حيوان پرستي، بت پرستي ۽ قبر پرستي ۾ ورهايو ويو آهي قوم پرستي هر چوراهي تي ملندي پر انسان پرستي اسان ۾ آهي ئي ڪان ڇو ته وڏي وقت کان ميرن جي دور ۾ ذات پرستي جو نفرتي ٻج ڇٽيو ويو جيڪو سنڌيت جو موت آھي ذاتين ۽ برادرين جا اتحاد ايڪويهين صديءَ ۾ ڀٿر جي دور ۾ واپسي جي راهه هموار ڪرڻ کان سواءِ ڪجھه به ڪونهي اٻوجهه ماڻهون معمولي ڳالهين تي ڏٽن ڪوڙن دلاسن تي بيوقوف بڻجي ويندا آهن ان ڪري ئي جڏهن ۽ جتي جنهن شيءِ جي اشد ضرورت هوندي آهي ان کي بلڪل نظر انداز ڪري ڪنهن فضول تماشي ۾ مشغول ٿي ويندا آهن هي جيڪي وڏيرا ڀوتار ذاتين جي بنياد تي سياست ڪن ٿا پرحقيقت ۾ ذات جي بنياد تي سياست ڪندڙن جي ڪا به عوامي سياست ناهي هوندي نه عوام جي عام ڀلائي لاءِ بلڪه ماڻهن کي ذاتين تائين محدود ڪرڻ آهي ته جئين پنهنجا مقصد حاصل ڪيا وڃن ۽ پاڻ کي معتبر ڀوتار پيش ڪيو وڃي، اڳ سنڌين ۾ ڪي به قبيلا نه هئا ذاتيون جيڪي اڄ تائين بھ عام آهن اهي پنهنجي هنر ۽ پيشي سان سڃاتيون وينديون هيون سونارا، لوهار، ڪنڀار، ڊکڻ، ملاح شر وغيره سڀ هنر ۽ پيشا هئا قبيلا نه هئا، ان جي ڪري ته خاندان جا سڀ فرد هڪ جهڙا ۽ هڪ جيترا محترم به هوندا هئا ۽ انهن ۾ قدرتي طور هڪ ٻئي سان پيار محبت جو جذبو به وڌيڪ هوندو هو هاڻي ته الاءِ سنڌ سڳوري کي هي نئين جنريشن جا ماڻهو ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن ڪٿي شر اتحاد سومرا اتحاد، ڪٿي چنا اتحاد، ڪٿي سيد اتحاد، ڪٿي لغاري اتحاد ڪٿي پنهور اتحاد ڪٿي چانڊيو ته ڪٿي ڪهڙو اتحاد ٻي ڳالهه اها ته ذات پرستي ڪا سُٺي ڳالهه ناهي ڇو جو ذات تي ڏات ناهي هوندي صرف هڪ قبيلي جي مخصوص ماڻهن کي گڏ ڪري سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪري چند عنصرن اسان جي امن جي وادي سنڌ جو وڏو نقصان ڪري رهيا آهن ارمان اهو آ ته ذات پرستيءَ جي ڪُنَ ۾ ڦاسندڙ سنڌين کي اها خبر ئي ناهي ته اسان پنجوڙ ۾ ڦاسندا وڃون ٿا اگر ائين سنڌي ماڻهو پنهنجي پنهنجي ذاتين تائين محدود ٿي ويندي ته پوءِ هي سڄي سنڌ ۾ لڳل هر قسم جي ظلم جي باهه کي ڪير وسائيندو؟
    ڇا ٻين انسانن تي ٿيندڙ ظلم جي مذمت صرف انجي ڪري نه ڪندا ته اهي اسان جي قبيلي جا يا اسان جي ذات جا ناهن، معنٰي اتحاد جي مخصوص ماڻهن جا جتي به مقصد ۽ مفاد هوندا اتي اهي سڀ گڏ ٿيندا باقي جيڪو غريب طبقو هجي اتحاد کان الڳ هجي اهو ڀلي مري وڃي ڇو ته اسان جي ذات جو ناهي مطلب انسانيت ختم ٿي ويندي ذات پرستي ۾ جيڪي خوني جهيڙا ٿيندا انهن ۾ وڏو نقصان ٿيندو ڇو ته سڀ ڪو چوندو اسان جو اتحاد آهي اسان جا وڏا ويٺا آهن اسان جي ذات گهٽ ناهي اسان جا سردار گهٽ ناهن هلون ٿا هلڪي فلڪي جو پٽڪو لاهيون ٿا اسان جا اڳواڻ ڀوتار ويٺا آهن مطلب ته وري به ڀوتارن جي غلامي ۾ جڪڙجي وياسين آزاد ته نه ٿياسين ان ڪري ذات پات کي ڇڏي ڀوتارن جي چڳل مان نڪري انسانيت کي اوليت ڏجي امن جي وادي سنڌ ۾ امن جو ٻڄ پوکجي سنڌ امن جي وادي آهي ۽ رهندي پر وقتي طور اسان پنهنجي ڪجھ غلطين جي ڪري پنهنجي شناخت وڃائي رهيا آهيون جنهن ۾ اهي سڀ شيون اچي وڃن ٿيون جن معاشري ۾ ذات پرستي قوم پرستي انا پرستي ناهي اهو نظام هر دور ۾ امن سلامتي، آزادي، خودداري، پيار محبت ۽ امن جو ضامن رهيو آهي هڪ ٻئي جي حقن جي حفاظت جو ضامن رهيو آهي مگر معاشري جو اهو نظام صرف تڏنهن قابل عمل ٿيندو جڏنهن قبيلائي، سرداري ۽ جعلي پيري مرشدي واري لعنت مان جان آجي ڪبي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو