پيءُ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ طاھر پٺاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2020۔

  1. طاھر پٺاڻ

    طاھر پٺاڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    اُھا ڊسمبر جي ھڪ سرد صبح ھئي، فضا ۾ ھلڪو ڪوھيڙو ھجڻ ڪري ٿڌ ڪجھ وڌيڪ ھئي، سيءَ کان بچڻ لاءِ اجرڪ ويڙهيل سَٺ سالن جو ولي محمد پنهنجي گھر کان ٻاهر نڪتو ۽ ننڍيون ننڍيون وِکون کڻندو اڳتي وڌندو ٿي ويو، سندس اکين جي اُداسي ۽ چھري ۾ پيل گُھنجن مان ايئن ٿي لڳو ڄڻ پھاڙ جيترا ڏک ۽ غم ھُن جي دل ۽ دماغ تي سوار ھجن، ھلڪي آواز ۾ پاڻ سان ڳالهائيندي ھو ڳوٺ جي ٻاهران چوراھي تي موجود رفيق جي دڪان تي اچي رسيو، رفيق پنهنجي دڪان جي ٻاهران ڪوھيڙي سبب ڦِڪي پر وڻندڙ اُسَ ۾ رکيل بينچ تي ويٺل ھو، سندس دڪان اندر سرمد سنڌي جو گيت گونجي رھيو ھو...
    ھاڻي آءٌ نہ آءُ، اسان پليو آسرو...
    ولي محمد رفيق جي دڪان تي آيو تہ چانھ ۽ کنڊ وغيره وٺڻ لاءِ ھو پر سرمد جو اھو غمگين گيت ٻُڌي ھن کان ڪجھ دير لاءِ ڄڻ تہ سڀ ڪجھ وسري ويو، ھو خاموشيءَ سان رفيق جي ڀرسان بينچ تي ويھي رھيو، رفيق سندس مُرجھايل چھري ۽ اکين جي اداسي کي محسوس ڪري ورتو ھو پر ھُن کانئس ڪجھ پڇڻ مناسب نہ سمجھيو ڇو جو ڳوٺ جي ھر ماڻھو جيان رفيق کي بہ ولي محمد جي ڏکن ۽ پريشانين جي پوري ڄاڻ هئي، رفيق خاموشيءَ سان ھڪ ڀيرو کيس ڏسي پنهنجون نظرون ٻئي طرف ڦيرائي ڇڏيون، سرمد جو گيت ختم ٿيو تہ ولي محمد بہ ڄڻ خيالن جي دنيا مان موٽي آيو، ھو بينچ تان اٿيو ۽ رفيق کان کنڊ ۽ چانھِ وٺي گھر ڏانهن وڃڻ لڳو تہ پٺيان رفيق کائنس پڇي ورتو.
    "چاچا ولي محمد"!، رفيق جي سڏ تي ولي محمد بيھجي ويو ۽ مڙي کيس سواليہ نظرن سان ڏسڻ لڳو. رفيق ڪجھ پل ترسي کائنس پڇيو.
    "اعظم جي ڪا خبرچار ڏيو، ھُو ڪڏهن واپس ايندو"؟. اعظم رفيق جو ننڍپڻ جو دوست هو انڪري اڄ ھمت ڪري ھن ولي محمد کان پڇي ورتو، ھن ڪيترن ئي ڏينهن کان اعظم جي باري ۾ ولي محمد کان پڇڻ ٿي چاهيو پر ولي محمد جي ڏکايل چھري کي ڏسي سندس همت جواب ڏئي ٿي وئي پر نيٺ اڄ رفيق ولي محمد کان پڇي ورتو ھو.
    ولي محمد کي شايد نوجوان رفيق کان اھڙي سوال جي توقع نہ ھئي انڪري ھڪ پل لاءِ سندس چھري تي ڏک ۽ پيڙاءُ جي ھڪ لھر ظاهر ٿي پيئي جنهن کي ھن لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رھيو.
    "اعظم پنهنجي مرضيءَ وارو آهي پُٽٓ"!، ولي محمد ھڪ ڦِڪي مُرڪ مُرڪندي وراڻيو. "جڏهن سندس دل ۾ اسان جي لاءِ احساس جاڳيو تہ پوءِ شايد ھُو واپس ورندو، پر مون کي لڳي ٿو ھُو منھنجي يا وري پنهنجي ماءُ جي مرڻ کان پوءِ ئي گھر موٽندو".
    ولي محمد جو ڏکويل جواب ٻڌي رفيق پنهنجي سيني ۾ ڏک جي ھڪ لھر اُٿندي محسوس ڪئي جنهن ڪري ھو وڌيڪ ڪجھ ڳالھائي نہ سگھيو، ولي محمد ڪجھ گھڙيون خالي نظرن سان رفيق کي ڏسندو رھيو پر رفيق مُنھن ھيٺ ڪري ڇڏيو تہ ولي محمد اُتان ھليو آيو پر رفيق ڪافي دير تائين پنھنجي ڪيل سوال تي پڇتائيندو رهيو.
    ولي محمد جي گھر ۾ ڏکن ۽ پريشانين جي شروعات ٽي سال کن پھريان ٿي ھئي جڏھن سندس وڏي پٽ حميد جي گھرواريءَ جو حميد جي ماءُ ۽ ڀينرن سان جھيڙو ٿي پيو ۽ ان جي ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ حميد پنهنجي زال جي چوڻ تي اڱڻ تي ھڪ وڏي ديوار بيھاري پيءُ ۽ ماءُ کان جدا ٿي ويو، ولي محمد ۽ سندس گھرواريءَ کان پٽ ڇا جدا ٿيو ڄڻ سندن جسمن کان روح ڇِني ڌار ڪيو ويو ھجي، سندن چين ۽ سڪون اڏامي ويو، ننڊون حرام ٿي ويون، ھنن پنھنجي پٽ کي گھڻو ئي سمجھايو پر حميد سندن ھڪ بہ نہ ٻُڌي، حميد جي ماءُ اڱڻ تي پٽ پاران اڏايل ڀِت ڏسي گھڙي گھڙي پئي روئندي ھئي ۽ ان ڳڻتيءَ ۾ بيمار ٿي پئي پر حميد ۽ سندس گھرواريءَ جي دلين تي ڪو بہ اثر نہ ٿيو ۽ حميد کي پنهنجي پيءُ ماءُ کان الڳ ڪندڙ اُھا اُوچي ديوار بيٺي رھي.
    ولي محمد کي ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ھو، حميد سندس سڀ کان وڏو پٽ ھو جنھن کان پوءِ کيس ڌيءَ شھناز ھئي، پوءِ اعظم ھو ۽ ڪلثوم سڀ کان ننڍي ھئي، وڏي نياڻي جي شادي ڪرائڻ لاءِ ولي محمد پنهنجي زمين جو ٽڪڙو کپايو ھو، گھر ۾ اڃان شھناز جي شادي جون تياريون ھليون پئي جو ھڪ ڏينھن اوچتو اعظم پيءُ کي نئين ون ٽو فاءِ (موٽرسائيڪل) وٺي ڏيڻ جي فرمائش ڪئي.
    "موٽرسائيڪل توکي ضرور وٺي ڏيندس پر شھناز جي شادي کان پوءِ". ولي محمد اعظم کي ٿڌي لھجي ۾ چيو ۽ گھر کان ٻاهر وڃڻ لڳو.
    "نہ بابا! مون کي اڄ ئي موٽرسائيڪل گھرجي ٿي". اعظم تڪڙو وڌي پيءُ جو ڄڻ رستو روڪي ورتو، اعظم جي ان بي ادبيءَ ۽ اڍنگي انداز ولي محمد کي لوڏي ڇڏيو ھو.
    "ھن وقت آئون شھناز جي ڏاج جو سامان وٺڻ لاءِ شھر پيو وڃان، مون کي تنگ نہ ڪر اعظم". ولي محمد تکين نظرن سان اعظم کي گُھوريو تہ ھو گھٻرائجي پيءُ جي رستي تان ھٽي ويو ۽ ولي محمد تڪڙو ٻاھر نڪري ويو، ولي محمد جي ويندي ئي اعظم ٻيھر جوش ۾ اچي ويو ۽ ھن گھر جا ٿانوَ ڀڃڻ شروع ڪيا، کٽ تي ليٽيل سندس بيمار ماءُ اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر اٿي نہ سگھي ۽ کٽ تي ئي روئڻ لڳي، شھناز ۽ ڪلثوم خوف سبب اعظم جي ويجھو ئي نہ آيون ۽ ھڪ ڪمري ۾ لڪي ويون، اعظم ڪجھ دير تائين تيز ڳالھائيندو ۽ ٿانوَ ٽوڙيندو رھيو پر کيس ڪير بہ روڪڻ وارو نہ ھو، گھر جو ڪافي نقصان ڪرڻ کان پوءِ ھو پيءُ جي ڪمري ۾ گھڙي ويو ۽ ھڪ پيتي جو تالو ٽوڙي ان منجهان ويھ-پنجويھ ھزار روپيا کڻي ورتائين ۽ پوءِ ٻي ڪمري ۾ اچي پنهنجا ڪجھ ڪپڙا ۽ ٻيو سامان کڻي گھر کان ٻاهر نڪري ويو.
    شام جو جڏهن ولي محمد گھر پھتو تہ گھر ۾ ٽڙيل پکڙيل ٿانوَ ۽ سڀني جا لٿل منهن ڏسي ھو تڙپي پيو، گھر واريءَ کان سڄي ماجرا ٻڌڻ کانپوءِ ھو گھر کان ٻاهر نڪري آيو، گھڻي دير تائين سڄي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي اعظم کي ڳوليندو رهيو پر اعظم کيس ڪٿي بہ نہ مليو، ھو ٿڪجي واپس گھر موٽي آيو، ٿڪاوٽ، مايوسي، ڏک ۽ ڪاوڙ سبب سندس حوصلا جواب ڏيڻ لڳا ھئا پر ھن وڏي ھمت ۽ صبر سان پاڻ کي سنڀالي ورتو، ھڪ ئي وقت کوڙ سارين پريشانين اچي پوڙھي ولي محمد جو دڳ جھليو ھو، گھرواري جي بيماري، وڏي پٽ پاران گھر جي اڱڻ تي ڀت اڏي الڳ ٿي وڃڻ ۽ ھاڻ وري ننڍي پٽ اعظم جو گھر کان ھليو وڃڻ ولي محمد ۽ سندس گھرواري جي لاءِ ڪنهن وڏي امتحان کان گھٽ ڪين ھئا، مٿان سندن وڏي نياڻي شھناز جي شادي جا ڏينهن بہ ويجھو ٿي رھيا ھئا، مضبوط جسم ۽ اٽل ارادن جي مالڪ ولي محمد آڏو وڏيون آزمائشون ھيون پر ھو اڃان تائين انھن آزمائشن ۽ پريشانين آڏو مضبوطيءَ سان بيٺل هو.
    مھينو گذري ويو پر اعظم جي ڪا بہ خبرچار نہ ملي سگهي، سندس موبائل فون پڻ بند ھو جنھن ڪري سڀ گھر ڀاتي ڏينهن رات پريشاني ۾ گذاري رهيا ھئا، نيٺ مھيني کان پوءِ ھڪ ڏينھن اعظم کي شايد پنھنجي گھر ڀاتين تي ترس اچي ويو، ھن فون ڪري پيءُ کي ٻڌايو تہ ھو ڪراچي ۾ آهي، پيءُ ۽ ماءُ کيس واپس اچڻ لاءِ ڪافي زور ڀريو پر اعظم ڳوٺ اچڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ ٿوري دير ڳالھائڻ کان پوءِ هن فون بند ڪري ڇڏيو، ان ڏينهن کان پوءِ اعظم ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ئي فون ڪندو ھو پر واپس ورڻ کان ھن نابري واري ڇڏي ھئي.
    ٻہ سال گذري ويا پر اعظم واپس ڪونہ وريو، ان وچ ۾ سندس وڏي ڀيڻ شھناز جي شادي بہ ٿي وئي، شادي کان ڪجھ ڏينهن اڳ شھناز بہ روئي اعظم کي گھر اچڻ لاءِ منٿون ڪيون پر اعظم کيس بہ جواب ڏئي ڇڏيو، اعظم جي غير موجودگيءَ سبب شھناز جي شادي وقت گھر ۾ خوشي گھٽ پر اداسي وڌيڪ ڇانيل هئي، شھناز جي رخصتي کان پوءِ ولي محمد چپ چپ رھڻ لڳو هو پر سندس گھرواري تہ روئي روئي حال ئي وڃائي ڇڏيا هئا، سندن گھر مان خوشيون وڃائجي ويون ھيون.
    ولي محمد گھر پھچي رفيق جي دڪان تان ورتل سامان ننڍي ڌيءَ ڪلثوم کي ڏنو ۽ پاڻ ڪمري اندر وڃي ھڪ کٽ تي ويٺو، ڀرواري کٽ تي بيمارين سبب ڪمزور ٿي ويل سندس زال ليٽيل هئي، ھو سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏل ھو، سندس دل کي ڪو بہ سڪون ۽ قرار نہ ھو، ڪلثوم اچي سندس آڏو ناشتو رکيو پر سندس دل ڪنھن بہ شيء ۾ نہ پئي لڳي، ٻہ گرھ نڙيءَ کان ھيٺ لاھي ھو اٿيو ۽ گھر کان ٻاهر نڪري آيو، ھو پنھنجي ننڍپڻ جي دوست عنايت وٽ ھليو ويو، عنايت جو گھر ڀرواري ڳوٺ ۾ ھو.
    "اڄ وري ڪھڙي ڳالھ توکي منجھايو آهي جو منھن لٿل اٿئي"؟. ڪچهري دوران اوچتو عنايت ھن کان پڇيو.
    "پيريءَ ۾ مون کي پٽن ڏاڍو ستايو آهي". ولي محمد ڏکويل لھجي ۾ وراڻيو.
    "ڄاڻان ٿو، ادا ولي محمد آئون سڀ ڄاڻان ٿو"، عنايت جي لھجي ۾ تيک ھيو ۽ ھو ڳالھائيندو ويو، "مان اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون جوانيءَ ۾ جيڪو فصل پوکيو ھو ھاڻ اُھوئي لڻين ٿو پيو".
    "چئين ڇا پيو"؟. ولي محمد عنايت کي حيرت ۾ گھوريندي کائنس پڇيو. "تنهنجي ڳالھ منھنجي سمجھ ۾ نہ پئي اچي".
    "ياد ڪر اھي ڏينهن جڏهن جوانيءَ ۾ تون بہ پنهنجي پيءُ کي اعظم ۽ حميد جيان ڏاڍو ڏکائيندو ھئين، ڪيڏو نہ پريشان ڪيو ھو تو پنهنجي پوڙھي کي..!!!". عنايت جا لفظ مترڪا بڻجي ولي محمد جي دل ۽ دماغ تي وسي رهيا هئا، عنايت پنهنجي سچين ۽ کرين ڳالھين سبب سڄي تر ۾ الڳ سڃاڻپ رکندڙ ھڪ سچو ۽ ڪنھن کان بہ نہ ڊڄندڙ شخص ھو جنھن ڪري علائقي جا گھڻا ماڻهو ساڻس ملڻ توڙي ڳالھائڻ کان لنوائيندا هئا پر ولي محمد کي شروع کان ئي عنايت جي سچائي ۽ دليري پسند ھئي، کيس عنايت جي ھر ڳالھ ۾ سچائي نظر ايندي ھئي پر اڄ ان ئي عنايت جو ھر لفظ کيس اذيت پھچائي رھيو ھو پوءِ بہ ھن کي ڪاوڙ نہ پئي لڳي ڇاڪاڻ تہ عنايت جي ھر ھڪ لفظ ۾ سچائي نظر ٿي آئي.
    "اُھو ڏينهن تہ توکي چڱي طرح ياد ھوندو جڏهن تنھنجي پيءُ پنهنجي ٽوپي صوبيدار جي پيرن ۾ رکي توکي لاڪ اپ مان ڪڍرايو ھو ۽ گھر پھچي روئندي توکي چوري جي عادت ڇڏڻ لاءِ ايلاز ۽ منٿون ڪيون ھئائين پر تو سندس ھڪ بہ نہ ٻڌي ھئي، تو سندس منٿن کي لتاڙي چيڀاٽي ڇڏيو ھو". عنايت ڳالھائيندو پئي ويو ۽ ولي محمد جي ذھن جي اسڪرين تي سندس ماضي جا ڪجھ واقعا ڪنهن فلم وانگر ڦرڻ لڳا.
    ھن کي ياد آيو تہ جڏھن ھن جوانيءَ ۾ پير پاتو هو تہ ڪيئن نہ کيس چوري ۽ ڦُرون ڪرڻ جو شوق جاڳيو ھو ۽ وڃي تر جي ڪجھ بدنام ڏوھارين جي ٽولي ۾ شامل ٿيو ھو، پيءُ کيس گھڻو ئي روڪيو ھو پر ھن جي رڳ رڳ ۾ چوري ۽ ڌاڙا هڻڻ جو شوق اھڙو تہ رچي پيو ھو جو ڪيترائي ڀيرا ٿاڻي تي ابتو لٽڪائي صوبيدار بہ کيس اذيتون ڏئي ٿڪجي پيو پر ولي محمد کان ڏوھ ڇڏرائڻ ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيو، روز روز ٿاڻن ۽ ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيندي سندس پيءُ بيزار ٿي پيو ھو، سندن خاندان جي بدنامي بہ ڏاڍي ٿي رھي ھئي، ڳوٺ جا ماڻهو اڳ جيان ھاڻ کين عزت جي نگاھ سان گھٽ ڏسندا ھئا پر ولي محمد کي انھن ڳالھين جي ڪا بہ پرواھ نہ ھئي، جڏهن بہ ھو ڪنهن چوري يا ڦر جي ڪيس جي سزا ڪاٽي گھر پھچندو ھو تہ ڪجھ ئي ڏينهن اندر وري پنهنجي ساٿارين سان گڏجي چوري يا ڦُر جي واردات ڪرڻ لاءِ ھليو ويندو ھو ۽ پوءِ نيٺ ھڪ ڌاڙي جي ڪيس ۾ ولي محمد ۽ سندس ٻن ساٿين کي ڏھ سال قيد جي سزا اچي وئي، ان کان اڳ ھن وڌ ۾ وڌ ھڪ مھينو جيل ۾ گذاريو ھو، جيل ۾ سندس چوٿون سال ئي ھو جو ھڪ ڏينھن کيس پيءُ جي فوت ٿيڻ جي خبر ملي، پيءُ جي آخري رسمن ۾ شرڪت جي اجازت بہ نہ مليس جنهن ڪري ھو جيل ۾ ڏاڍو رنو ۽ تڙپيو ھو پر روئڻ ۽ تڙپڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ بہ سندس وس ۾ نہ ھو، سزا ڪاٽي جڏهن ڏھن سالن کان پوءِ ھو ڳوٺ پھتو تہ سڀ ڪجھ بدلجي چڪو هو، ھاڻ ھن جي جسم ۾ اھا سگھ ۽ ڦڙتي بہ نہ رھي ھئي، جيل ھن جي جسم سان گڏ ڏوھ جي ارادن کي بہ ڪمزور بڻائي ڇڏيو ھو انڪري ھن ڏوھن جي دنيا کي ڇڏي پنهنجي زندگي نئين ڍنگ سان گذارڻ شروع ڪري ڇڏي، پيءُ پاران سندس حصي ۾ آيل ٻنيءَ کي ھن سنڀالي ورتو.
    عنايت اڃان بہ ولي محمد جي ماضيءَ جي ڪارنامن تان پردو ھٽائڻ ۾ لڳل ھو پر ولي محمد ۾ وڌيڪ ٻڌڻ جي ھمت ۽ برداشت نہ بچي ھئي، اوچتو ھو ڀڙڪو کائي اٿي بيٺو ۽ عنايت جي اوطاق کان ٻاهر نڪري آيو پويان عنايت جا آخري لفظ ھن جي ڪنن تائين پھتا.
    "ولي محمد! جيڪو پوکيندين سو ئي لڻندين...".
    ولي محمد ھڪ وڏو ساھ کنيو ۽ وڏا وڏا قدم کڻندو اتان ھليو آيو، ھو پنھنجي پيءُ جي قبر تي وڃي رھيو ھو، سندس ذھن ۾ خيالن ۽ وسوسن جو طوفان برپا ٿي پيو ھو، ھڪ خيال ايندي ئي ھن جي جسم سان گڏ روح پڻ ڪنبڻ لڳو، 'ڇا اعظم ڪراچي ۾ ڌاڙا ھڻندو آھي'؟، 'ڇا منهنجو پٽ بہ مون وانگر چور ۽ ڦورو بڻجي ويو آهي'؟.
    جيتوڻيڪ ڪجھ وقت اڳ ڪراچيءَ کان واپس ايندڙ ڳوٺ جي ھڪ نوجوان کيس اعظم جي باري ۾ ٻڌايو بہ ھو تہ ھو ڪراچيءَ ۾ ڏوھاري سرگرمين ۾ ملوث ٿي ويو آهي پر ولي محمد ان نوجوان جي ڳالھ تي ڌيان ئي نہ ڌريو ھو پر ھاڻ عنايت جي ڳالھين کيس ڊيڄاري ڇڏيو هو، اعظم بابت سوچيندي خوف سبب ھن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي، سويل رفيق جي دڪان تي ٻڌل سرمد جو گيت وري ڪنن ۾ گونجڻ لڳيس ٿو..
    ھاڻي آءٌ نہ آءُ اسان پليو آسرو...
    ڪجھ ئي دير ۾ ولي محمد قبرستان پھچي ويو پر کيس پنهنجي پيءُ جي قبر ڳولڻ ۾ ڪافي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو ڇو جو ھو پيءُ جي مرڻ کان پوءِ سندس قبر تي ٻہ يا ٽي دفعا ئي آيو ھو آخري ڀيرو تہ ھو پندرهن سورهن سال پھرين آيو ھو، ايڏي وقت تائين پيءُ وٽ نہ اچڻ تي ھو ڏاڍو پشيمان پئي ٿيو ۽ پنھنجي اھڙي بيحسيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس، ڪجھ دير جي ڳولا کان پوءِ نيٺ ھن کي پيءُ جي قبر ملي وئي پر سار سنڀال نہ ھجڻ سبب قبر ڊڀن ۽ ٻوٽن سان ڍڪجي چڪي هئي، پيءُ جي آخري آرامگاھ جي اھڙي حالت ڏسي ولي محمد جي اکين مان ڳوڙها وھڻ لڳا، ھن پنھنجي ھٿن سان قبر تي ڦٽي آيل ڊڀ ۽ ٻوٽا پٽڻ شروع ڪيا جنهن ڪري سندس آڱرين مان رت ٽمڻ لڳو پر ھن کي ڪا بہ پرواھ نہ ھئي، ايئن ٿي لڳو ڄڻ ھو سڄي جھان کان بيخبر ٿي ويو ھجي.... پيءُ جي قبر جي صفائي ڪندي ھو پيءُ سان ڳالهائيندو بہ رھيو، گھڻي دير کانپوءِ قبر بلڪل صاف ٿي وئي تہ ھن پريان لڳل نلڪي تان پاڻي ڀري اچي قبر تي ڇڻڪار ڪئي ۽ پوءِ قبر جي ڀرسان ويھي پيءُ سان ڳالهايون ڪرڻ لڳو، روئندي، معافيون وٺندي، شڪايتون ۽ ڏوراپا ڏيندي کيس گھڻي دير گذري وئي، روئي روئي اکيون خشڪ ٿي ويس پر ھو مسلسل روئندو رهيو، گھڻي دير کانپوءِ اوچتو کيس محسوس ٿيو ڄڻ سندس دل جو بار هلڪو ٿي ويو ھجي، روح کي سڪون ۽ راحت محسوس ٿيس، ڀانيائين ڄڻ سندس پيءُ کيس معاف ڪري ڇڏيو ھجي.
    سج لھي ويو ھو پر ولي محمد پيءُ قبر جي ڀرسان ويھي ساڻس ڳالھيون ڪندو رھيو، گھڻي دير کانپوءِ نيٺ ھو اٿيو ۽ گھر ڏانهن وڃڻ لڳو، ھر پاسي اونداهي ڇانيل ھئي، اونداهي ۾ ٿڙندو ٿاٻڙندو ۽ سرديءَ سبب ڏڪندو ھو قبرستان کان ٻاهر نڪري آيو، ھن جي دل مطمئن ۽ روح پرسڪون ھو، ڪنهن ڪنهن مھل بي اختيار چپن تي مرڪ تري آيس پئي.
    جيئن ئي ھو گھر ۾ داخل ٿيو تہ اونداهيءَ ۾ سامھون کيس ھڪ پاڇو نظر آيو جيڪو تيزيءَ سان ڏانھنس وڌڻ لڳو، ھن کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر اونداهي سبب سڃاڻي نہ سگھيو، اوچتو اھو پاڇو سندس پيرن تي ڪري پيو، ولي محمد اڃان حيرت ۾ بيٺل ئي هو جو سندس پيرن ۾ ويٺل اھو پاڇو اٿيو ۽ وڏي آواز ۾ "بابا" چئي کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.
    اعظم جو آواز ٻڌندي ئي ولي محمد سڏڪا ڀري روئي پيو، پنهنجي اکين ۽ ڪنن تي يقين ئي نہ پئي آيس، سڀ ڪجھ ڪنھن خواب جيان لڳس پئي.
    "بابا"!. اعظم ھڪ دفعو ٻيھر کيس پڪاريو تہ ھو ھوش ۾ اچي ويو ۽ ٻن سالن کان پوءِ واپس آيل پنھنجي پٽ کي زور سان ڇاتيءَ سان لڳائي ڇڏيائين...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو