علامه محمد ادريس ڏاهري، علم جو پيڪر!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2020۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    (جنم ڏڻ جي مناسبت سان.....)


    حبيب مرکنڊ

    سنڌ هڪ اها عظيم ڌرتي آهي، جنهن هميشه پنهنجي ڪکن مان ڪيترائي صوفي، سالڪ، اديب، شاعر، محدث، عالم، ماڻڪ موتي لال، انمول هيرا ۽ اڻ ڳڻيا نامور انسان پيدا ڪيا آهن، جن علمي، ادبي، سياسي سماجي، ڪاوشون ۽ محنتون ڪري هن دنيا جي ميدان ۾ پنهنجو نالو نروار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڪي انسان پنهنجي مختصر زندگيءَ مان شهرت ماڻي پنهنجو نالو هميشه ٻين جي دلين ۾ زندهه رکندا آهن، اهڙن ئي املهه شخصيتن ۾ سونهاري سنڌ ڌرتيءَ سان والهانه محبت، پيار ۽ عقيدت رکندڙ، موجوده دور جو شيخ الحديث والتفسير، نامور عالم دين، پوري سنڌ ۾ “بلبل باغ مدينا” جي لقب سان شهرت ماڻيندڙ، علامه محمد ادريس ڏاهري به آهي، جنهن کي هن وقت پوري سنڌ جي ھر شهر توڙي واهڻ ۾ سڃاڻي ٿو. علامه محمد ادريس ڏاهري، پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ 17 سيپٽمبر 1947ع تي ڳوٺ مقيم ڏاهري، تعلقي دولتپور ضلعي نوابشاهه (موجوده بينظيرآباد) ۾ بزرگ صفت حاجي رب رکيو ڏاهري جي گھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ۽ فارسي جي تعليم ڳوٺ غلام حيدر ڏاهريءَ ۾ مولانا خان محمد ڏاهريءَ ۽ مولانا عبدالرزاق ڏاهري جن کان ورتي ۽ عربي جي تعليم مدرسه عربيه افضليه ۾ فقيه عالم، علامه محمد اڪتڙائي تنيو رحه جن وٽ حديث، فقه، اصول فقه، منطق، ادب، فلسفي جا ڪتاب مڪمل پڙهيا. درسِ نظاميءَ جو ڪورس مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حيدرآباد جو رخ اختيار ڪيو، جتان دوره حديث مدرسه رڪن الاسلام ۾ پڙهي ڪري سند حاصل ڪيائون. علامه محمد ادريس ڏاهري 1975، 1976ع ۾ حيدرآباد بورڊ ۾ مولوي عربي، عالم ۽ فاضل عربي جا امتحان فرسٽ ۽ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائون. جنهن کان پوءِ پنهنجي استاد محترم علامه محمد اڪتڙائي جي زير نگراني ۾ ڪيترائي سال درس و تدريس جي شعبي ۾ ڪيترن ئي علم جي اڃايلن کي علم جي فيض سان سيراب ڪندا رهيو. علمي دنيا ۾ علامه محمد ادريس ڏاهري جو سنڌ توڙي پرڏيهه ۾ وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو.
    علامه صاحب کي خدا پاڪ ڪيترن ئي بي بها خوبين سان پڻ نوايو آهي. هڪ طرف پاڻ مجسم دين آهن ته ٻئي پاسي حسن اخلاق سان ڀريل شخصيت آهن. پاڻ علوم شرعيه ۽ علوم روحانيه جو مجمع آهن. سندن جو لکيل تفسير ۽ تصانيف پڙهجي ٿو ته پاڻ ڀلا قلمڪار آهن، وري جيڪڏهن تقريرون ٻڌجن ٿيون ته پاڻ بهترين ۽ سٺا مقرر آهن. جڏهين به سندن جي شاعري پڙهجي ۽ ٻڌجي ٿي ته شعر شاعراڻين خوبين سان سينگاريل پڪا پختا، پرسوز، پُرمحبت ۽ پرخلوص آهن.
    علامه محمد ادريس ڏاهري جن سيرت نگار، سوانح نگار سان گڏ ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف آهن. علامه صاحب جن تقريبن ننڍا وڏا پنجاهه ڪتاب جيڪي مختلف موضوعن تي سنڌي زبان ۾ لکيا آهن. سندن جي لکيل ڪتابن ۾ سڀ کان وڏو شاهڪار تصنيف قرآن ڪريم جو تفيسر آهي، جنهن کي پاڻ 20 سالن جي مختصر عرصي ۾ “تفسير احسن البيان في تفسر القرآن” جي نالي سان 9 جلدن ۾ لکيائون، حالانڪ ٻين ڪيترن ئي زبانن ۾ قرآن ڪريم جا تفيسر مارڪيٽ ۾ اچن ٿا پر سندن کي اهو شرف حاصل آهي جو پنهنجي سنڌي زبان ۾ قرآن ڪريم جو تفيسر اچي ٿو. علامه صاحب جن اهو اسان سنڌي قوم تي خاص احسان ڪيو آهي، هي تفسير هر عام و خاص وٽ نهايت مقبول ويو آهي ۽ سنڌ جي ننڍين وڏين لائبريرين ۽ عالمن، مفڪرن سميت مختلف مڪتبي فڪر جي دوستن جي لائبريرين جي زينت بڻجي چڪو آهي. علامه صاحب جي شهرت يافته ڪتابن جو مختصر تعارف هي آهي ته مناقب الصالحين جيڪو 1982ع ڇپيو، الاربعين في فضائل الخلفاءِ الراشدين جيڪو 1983ع ۾ ڇپيو، احسن التشريح لبردت المديح جيڪو 1984 ۾ ڇپيو، جام تصوف جيڪو 1985ع ۾ ڇپيو، الدوله الڪبرى شرح اسماءُ الحسنى جيڪو 1986ع ۾ ڇپيو، سيرت بادشاه بغدادي جيڪو 1986ع ڇپيو، ترجمه مدح نامه سنڌ جيڪو 1991ع ۾ ڇپيو، ماڻڪ موتي لال جيڪو1995ع ۾ ڇپيو، سيرت خلفاء راشدين تي چئن جلدن ۾ پاڻ لکيائون. ان کان علاوهه سيرت حسنين، شاهه جا چونڊ شعر ۽ الفيوضات المصطفوي شرح الشمائل المحمدي جيڪو تفسير کان بعد شاهڪار ڪتاب آهي. هنن ڪتابن کان علاوهه علامه صاحب جا ٻيا به ڪتاب آهن جيڪي مختلف وقتن تي شايع ٿيندا رهيا آهن ۽ اڃا هي سلسلو جاري آهي.
    1971ع ۾ پاڪستان جي بحري جهاز جي ذريعي مڪي ۽ مديني جون زيارتون ڪري حج جي سعادت حاصل ڪئي. انهن کان مختلف موقعن تي پاڻ ست دفعا حج ڪرڻ جي سعادت ماڻي آهي.
    علامه صاحب پنهنجي ڳوٺ ۾ “طيبه لائبريري” جي نالي سان تمام وڏي لائبريري قائم ڪئي، جنهن ۾ قديمي عربي، فارسي ناياب ڪتابن سان گڏ علمي نسخا موجود آهن. علامه ڏاهري صاحب جي زير نگراني ۾ شاھپور جهانيان ۾ “جامعه محمديه” جي نالي سان ادارو ۽ ٻيو ڳوٺ مقيم ڏاهري ۾ ديني مدرسا ھلندڙ آهن جن ۾ حفظ و ناظره سان گڏوگڏ درس نظامي جي تعليم پڻ ڏني وڃي ٿي، هر سال سون جي تعداد ۾ حافظ ۽ عالم سندون حاصل ڪري هن وطن عزيز سان گڏوگڏ دينِ متين جي به خدمت ڪري رهيا آهن.
    وقت جي تقاضائن کي ڏسندي “الاسد پبلڪ اسڪول” جي نالي ادارو قائم ڪيو، جنهن ۾ دنياوي تعليم ڏني وڃي ٿي، سندن جي هي هڪ وڏي ڪاوش آهي. علامه ڏاهري نهايت ئي شفيق، مهربان ۽ ھڪ بھترين محنتي ماڻهون آهن. علامه ڏاهري صاحب جون خدمتون ملڪ، قوم ۽ مذهب جي لاءِ تمام اتم آهن. آخر ۾ ڌڻي در دعا آهي ته الله پاڪ علامه صاحب کي خضري ڄمار سان گڏ صحت ۽ سلامتي واري زندگي عطا فرمائي.. (آمين)
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Ahsan Ali Rind

    Ahsan Ali Rind
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2020
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    Zameendar
    ماڳ:
    Tando muhammad khan
    آمين يا رب العالمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو