تنھائي بھتر لڳندي آ

وائي
حيدر علي سرمد ڀيو

محفل ۾ دل گهٻرائي ٿي
تنھائي بھتر لڳندي آ
تنھائي بھتر لڳندي آ
مان ڏيئو وسائي ڇڏيو آ
اونڌاھي بھتر لڳندي آ
تنھائي بھتر لڳندي آ
ڏسي عقل جا فتنا دنيا ۾
چريائي بھتر لڳندي آ
تنھائي بھتر لڳندي آ
تنھنجي فرقن واري مذھب کان
گمراھي بھتر لڳندي آ
تنھائي بھتر لڳندي آ
تون ڏاڍو آن پر "سرمد" کي
ھيڻائي بھتر لڳندي آ
تنھائي بھتر لڳندي آ
 
Back
Top