تنھائي بھتر لڳندي آ

'سنڌي شاعري' فورم ۾ حيدر علي سرمد ڀيو طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2020۔

  1. حيدر علي سرمد ڀيو

    حيدر علي سرمد ڀيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 سيپٽمبر 2020
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    گھوٽڪي
    وائي
    حيدر علي سرمد ڀيو

    محفل ۾ دل گهٻرائي ٿي
    تنھائي بھتر لڳندي آ
    تنھائي بھتر لڳندي آ
    مان ڏيئو وسائي ڇڏيو آ
    اونڌاھي بھتر لڳندي آ
    تنھائي بھتر لڳندي آ
    ڏسي عقل جا فتنا دنيا ۾
    چريائي بھتر لڳندي آ
    تنھائي بھتر لڳندي آ
    تنھنجي فرقن واري مذھب کان
    گمراھي بھتر لڳندي آ
    تنھائي بھتر لڳندي آ
    تون ڏاڍو آن پر "سرمد" کي
    ھيڻائي بھتر لڳندي آ
    تنھائي بھتر لڳندي آ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو