ادا قاضي جو ترتيب ڏنل ڪتاب "لطيفي فھم" جو جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2020۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    231
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ادا قاضي جو ترتيب ڏنل ڪتاب "لطيفي فھم" جو جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.
    پٿر سان ٿو سُور سَلي،
    ماڻهو ماڻهوءَ مان بيزار،
    پنڇي شام سَمي پھتو،
    پر ناھي وڻ ۾ سو ڏار.
    رنگن جي سواءِ زندگي بي معني آهي، ڪھاڻي هر دور ۾ تاريخ جو حوالو رهي آهي. شاعريءَ ۾ دنيا جھان، درد جي ڳالھ آساني سان ڪري سگهجي ٿي جيڪا شيءَ شاعر کي شاعري ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي، اھڙي ريت مصور کي مصوري ڪرڻ ۽ سنگتراش کي مجسمہ سازي تي آماده ڪري ٿي، سڀئي پاسا فنون لطیف آهن، پر سڀني بيھڪ مختلف آهي. فن جي ڳاڻاٽي ۾ فرق آهي، استعمال جي شين ۾ فرق آهي. جيڪڏهن ڏسي ته فرق ناهي، اهو هڪڙو فرق ضرور آهي جو فنون لطیف کي استعمال صرف انسان ٿو ڪري. ڪتاب" لطيفي فھم" هيرو پبليڪيشنز لاڙڪاڻو جي اشاعت آهي. جنھن جو سٽاءُ به دل کي ڇوهندڙ آهي. ڪتاب جو مھاڳ منصور قاضيءَ جو لکيل آهي، سٽاءُ ۾ لفظن جي ورکا سنڌ جي ڏات ڌڻين جي ٿيل آهي، جنھن ۾ نظام الدين ڪلهوڙو، عزيز منگي، احمد علي صابر، فقير محمد سنڌي ۽ عزيز بلال بروهي جي ٿيل آهي. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ لطيفي فھم تي سائين ادا قاضي جا 13 مضمون آهن جيڪي لطيف سرڪار جي فن فڪر تي لکيل آهن . ڪتاب جو ٻيو حصو ڪالم ڪٿا تي مشتمل آهي، جنھن ۾ تقريبن 120 مضمون شامل آهن. ڪتاب "لطيفي فھم" جي ارپنا محترم سليم بٽ جي نالي ٿيل آهي. ڪتاب "لطيفي فھم" کان علاوه ادا قاضي هڪ ئي وقت مصور، ڪهاڻيڪار، ۽ ڪالم نگار پڻ آهي ۽ ٻئي پاسي ڏسڻ ۾ ته فقير ماڻهو آهي پر سائين طبيعتن بادشاھ آهي. پائلٽ اسڪول جا پنج سال منهنجي اکين ڪلاس روم جي ڪارڊ بورڊ تي اڇي چاڪ جا ليڪا تمام معني خيز ڏٺا ۽ وري سائين جي گفتگو جيڪا هر وقت اسان کي هڪ نئون تجربو سيکاريندي هئي. سائين ادا قاضي جڏهن به پنهنجي گفتگو شروع ڪندا هئا ته تمام سٺي مزاحيه انداز ۾ شاگردن سان مخاطب ٿيندا هئا. جيڪڏهن سائين جو ڪلاس ۾ ستون پيرڊ ھجي پوءِ ته واھ واھ ٿي ويندي ھئي ۽ سڄي ڏينھن جو ٿڪ لھي ويندو هو، گھر تائين کلندا ويندا هئاسين، هرڪوئي هڪٻئي کي سائين جو مزاحيه انداز ۽ ڳالھ ڪري وري وري کلائيندا هئاسين. ادا قاضي جي سوچ منفرد ۽ هر شيءَ کي پنهنجي نگاھ سان ڏسندو هو ۽ هر وقت نئين انداز ۾ پرک جو نرالو نمونو پيش ڪندو هو. هڪ ڏينهن چيائين ته "زندگيءَ جو رستو تلاش ڪيو، پنھنجو مستقبل ٺاهيو، لڪير جا فقير نه بڻجو. بورڊ تي ٺھيل چاڪ سان تصوير ڪجھ منٽ رهي ٿي، اُن وانگر زندگي نه گذاريو، مضبوط رٿابندي ڪريو. تعليم سان گڏ هنر لازمي آهي. جيڪڏهن توهان کي نوڪري نه ٿي ملي ته هنر، هنر وڏو بادشاھ آهي ۽ توهان پنهنجي زندگي سٺي نموني سان گذاري سگھو ٿا. هنر هوندو ته انسان ٻئي انسان جي آڏو هٿ نه ٽنگيندو. ٻئي جي آڏو هٿ ٽنگڻ دنيا جو بري ۾ برو عمل آهي ".
    ادا قاضي بھترين مصور، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ تمام سٺو مزاحيه پڻ آهي، سائين زندگيءَ جا حسين ڏينهن گذاري هاڻي بزرگي واري زندگيءَ مان لطف ٿو وٺي. وري به سائين کي جس هجي جو پنھنجي مواد جي سھيڙ ڪري رهيو آهي. مون کي طارق عالم جون سٽون ياد پيون اچن ته :

    هيءَ گلاب جي خوشبوءِ،
    ٿي اچي پري تائين،
    ۽سڏي پئي مون کي،
    سمنڊ جي تري تائين.
    **
    مان وڃي چڪو آهيان،
    ڇو ٿي مون کي ڀنڀلائي،
    پيار سان ڳلي لائي،
    هيءَ گلاب جي خوشبوءِ.
    سنڌ ته تاريخي حوالي سان تمام گهڻي شاد آباد آهي پر هن خطي جي فنڪارن، تخليقڪارن ۽ قلمڪارن کي عام ماڻهوءَ وٽان ته ڪجھ داد مليو آهي پر حڪومتي سطح تي سنڌ جي فن جو قدر نالي ماتر به ڪونه ٿو ملي. باقي دنيا جا سڌريل ملڪ جن وٽ پنهنجي فنڪارن، تخليقڪارن ۽ قلمڪارن جي فن جو قدر آهي. يورپ ۾ فن جا ماڻهو تمام سکيا ۽ آراسته آهن. اها شيءَ اسان وٽ اڻلڀ آهي.
    ادا قاضي ادب ۾ گهڻ پاسائي شخصيت آهي، تنهنڪري سائين پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، جنھن لاءِ هر وقت محنت ۽ جستجو سائين جي خمير ۾ سمايل آهي جو پنهنجي فن وسيلي پنهنجو پيغام عام ۽ خاص تائين پھچائي ٿو. سائين جي سھيڙ اسان جي سوچ ۾ ضرور تبديلي آڻيندي ۽ انھيءَ سوچ، ولولي سان ته قوم توهان جي فن مان ضرور لاڀ حاصل ڪندي.
    ڪتاب" لطيفي فھم "جو بيڪ ٽائٽل ،ڊپٽي ڪمشنر، حيدرآباد فياض احمد جتوئي لکيو آهي. لکي ٿو ته :
    "سائين هڪ سچي ۽ کري شخصيت جو مالڪ آهي، سندس اڳ ۾ ڇپيل ڪتاب ڪاري، سام ٽياس، چھر ۽ آخري ڪاغذ ان ڳالھ جو دليل آهن ته سائين پنھنجي لکڻين ۾ سنڌي سماج جي منجھيل مسئلن جو اڀياس تمام سادگيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان ڪري ٿو".
    آخر ۾ انھيءَ شعر سان ته :
    عالمن جي ديس ۾ تون ٿو رهين،
    ڪجھ اُچارڻ کان ته اڳ ۾ سوچجان.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو