ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شعري مجموعي "چنڊ به منھنجو رانديڪو" تي سرسري نظر....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏2 آڪٽوبر 2020۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    230
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شعري مجموعي "چنڊ به منھنجو رانديڪو" تي سرسري نظر.....!
    فقير محمد سنڌي :
    هلي ٿو اڃان هيءَ قصو پراڻو،
    ڪڏهن آهي مڪلي، ڪڏهن لاڙڪاڻو.
    ڪَچي جو نجو حسن، پنھنجو ئي آهي،
    لسي کير، ماکي ۽ مکڻ جو چاڻو.
    ( ذوالفقار سيال )
    مشھور روسي ليکڪ رسول حمزه توف، شاعر کي پنھنجي ذهني خاڪي سان هن نموني سان پيش ڪيو ٿو. "شاعر خانه بدوش پنڇي ناهن هوندا. ڌرتي، محبوب دل ۽ گھر کان سواءِ بي پاڙي ول ۽ بنا آکيري پکيءَ وانگر هوندا آهن" ڳالھ آھي زندگي جي جا ننڍپڻ کان پنھنجو آغاز ڪري ٿي. ماءُ جي لولي ۾ پنهنجي ٻولي، پنڌ ڪرڻ ويل ڌڪو کائڻ، ڳالهائڻ جي شروعات ۾ ٻاتا ٻول ٻار جي حصي ۾ لازمي طور تي اچن ٿا. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادب ۾ ٻاڙاڻي ادب تي مسلسل طڀع آزمائي ڪندو پيو اچي، جنھن جو ثبوت" چنڊ به منهنجو رانديڪو" آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ٻاراڻي ادب ۾ هيءُ 11هون ڪتاب آهي. جيڪو ڊاڪٽر سيال ۽ ٻاراڻي پيراھ ۾ لکندڙ دوستن کان اوچي پڌ تي بيٺل نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ ڪل 27 نظم آهن جيڪي ٻار جي ذهن جي خالي بورڊ کي آسانيءَ سان حوصلو ڏئي سگهن ٿا. ڪتاب جو 26هون نظم" قَلَمُ"آهي.
    منھنجي هٿ ۾ آهي قلم،
    عِلم جو هي آهي عَلَمُ.
    ڪلڪ، پٽيءَ جو دور نه آهي،
    اسڪولن ۾ بورڊ لکان ٿو.
    قَلَمُ بنا انسان نه پورو،
    ڄڻ هي آهي باب اڌورو.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻار کي هڪ مڪمل طور خوشي ۽ خوشبوءِ جو ڪارڻ سمجھي ٿو. ڊاڪٽر جي اندر جو ٻار اڃان تازو توانو آهي.
    گھر گھر ۾ خوشبوءِ ڦهلايو،
    رنگ برنگي گلڙا ميڙي،
    گلڙن سان دل لڳايو. ( 18)نظم.
    شيخ سعدي رح جي چوڻي ٿي ياد اچي ته : "ٻارن ۾ سٺا اخلاق پيدا ڪريو، کين گندي زبان استعمال ڪرڻ کان روڪيو، خاص ڪري ناز سان پليل ٻارن ۾ ساديون عادتون وجھو. کين علم جي دولت سان مالا مال ڪريو "
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به گھڻي حد تائين ٻارن جي مناسب اصلاح هيٺين نظمن ۾ ڪئي آهي. ٻار کي پهريان مالڪ سائين جي توحيد جو درس ڏئي ٿو.
    اي ﷲ، اي ﷲ،
    منھنجا مٺڙا ﷲ.
    نانءُ تنهنجو مٺو،
    ڪنھن نه توکي ڏٺو.
    پوءِ به محسوس ڪيو،
    تون سڀني کان سُٺو.
    عقل واري نظم ۾:
    ساھ سڀن جو،
    ساڳيو آهي،
    کائڻ، پيئڻ،
    هڪ جھڙو آهي.
    "قصو" نظم ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا خيال ڪجهه هن ريت آهن:
    اهو به آهي سچ ته دنيا مٽيءَ آ،
    ڏنو آهي ڪمپيوٽر ئي هي وراڻو.
    سنڌ جو سڃاڻ ليکڪ پريل دايو لکي ٿو ته :" منھنجو بابا، پياري امان، ڪار، ٽنڊڻي، چيڪلو ۽ چوڏيل ۽ منھنجو ڳوٺ سميت هن ڪتاب ۾ شامل ٻين اهڙن ٻولن جي اڪثريت شامل آهي. جن ۾ ٻارن جون ٻوليون ۽ ڳالھيون ٻارن جي زباني چيل آهن".
    ڪتاب" چنڊ به منھنجو رانديڪو " تي سنڌ جو ناليوارو ليکڪ نواز علي شوق لکي ٿو ته :" ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي هن ڪتاب ۾ نظمن جا جيڪي عنوان آهن، سي سڀ ٻارن جي دلچسپيءَ وارا آهن. انھن جي ٻولي سھڻي آهي ته انھن ۾ لوڪ ادب واري چاشني به آهي ته رِدم ۽ موسيقي به آهي، تنهن ڪري اهي دلڪش ۽ پيارا لڳن ٿا" . ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻارن کي پاڻي ۽ ڊيم جي متعلق آغائي نظم جي صورت ۾ ڏئي ٿو.
    سنڌ سُڪي ٿي،
    سنڌ رڙي ٿي،
    بنا پاڻيءَ جي،
    پوک سڙي ٿي.
    پاڻي زندگيءَ جو جياپو آهي، پاڻيءَ کوٽ کي سڄي سنڌ جي شاعرن محسوس ڪيو آهي ۽ لکيو به آهي. محمد علي پٺاڻ سنڌوءَ جي پاڻيءَ بابت لکي ٿو ته :
    هاڻي سنڌوءَ ۾ اڏي واري پئي،
    مست ڇوليون وهڪرا ڪاڏي ويا.
    پاڻي کوٽ تي سنڌ جي ناليواري شاعر جواد جعفريءَ جون سٽون به ياد ٿيون اچن ته :
    فرق ئي هاڻي نٿو محسوس ٿئي،
    سنڌ جي يا ڪربلا جي ڳالھ آ.
    سنڌي ادب جو سريلو نانءُ قربان منگي لکي ٿو ته :"
    ذوالفقار سيال جو تخليق ڪيل ٻالڪ ڪويتا وارو ڪم ڏهاڪن تي ڦھليل آهي، ان ڪري انهيءَ سنڌ جي ڪيترن نسلن جي ذهني آبياري پئي ڪئي آهي" .
    ڪتاب جو بيڪ ٽائٽل سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر مختيار ملڪ لکيو آهي، لکي ٿو ته :"هڪ تحقيق موجب هن ماحول ۾ ٻارن جي شاعري جي ترنم جي ڪشش اڄ به کين انهن گيتن ۽ نظمن سان سلهاڙي رکڻ ۽ هاڻوڪي سماجي وهنوار ۾ ڪو ڪارج نڀائڻ جي سگھ بخشي سگھي ٿي ۽ ذوالفقار سيال ان جو ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي".
    ڌرتي سڀ کان اتم آهي ۽ ڌرتي ئي ماءُ جو درجو رکي ٿي. ان ماءُ جي روشن خيال ٻار کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال محنت ۽ محبت جو ڌڳ سمجائي ٿو.
    محنت، محبت،
    ساڻ سدائين ،
    ديس جو اوچو،
    نانءُ ڪندين تون.
    توسان ڌرتيءَ،
    جو آ نالو،
    دولھ دودي،
    جو تون حوالو.
    ڪتاب" چنڊ به منھنجو رانديڪو" جو مهاڳ هند جي ناليواري شاعر کيمن يوُ موڪلاڻي لکيو آهي، لکي ٿو ته : "شاعر سنسار جي پراڻين جانورن، پکين ۽ انسانن ۾ هڪ جھڙائي ڏيکاري اڻ سڌي طرح ٻارن کي سڀني سان پيار ڪرڻ جي سکيا ڏني آهي. ٻار پيار جي پتلو هوندو آهي، اهو سڀني جيون سان پريم ڪندو آهي، هو نفرت ڪرڻ ڪونه ڄاڻي".
    ڪتاب چنڊ به منھنجو رانديڪو، 40 صحفن تي مشتمل آهي، شاعر ڪتاب جو انتساب، ماءُ پيءَ ۽ استادن جي نالي ڪيو آهي. مرڪندڙ انسان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ آخر ۾ هيءَ شعر ته :
    دل ۾ خيالي زلف ورخ يار ٿي ويو،
    واليل والضحي سان سروڪار ٿي ويو.
    تنھنجي ثنا ڪيم ته شعر بڻيا شاهڪار،
    ٻيو شعر ڪو چيم ته سو بيڪار ٿي ويو..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو