توھان ڳوٺ پاٽ ٻڌو آ؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2020۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    [​IMG]
    [​IMG]

    مير سردار چنڙ
    جديد دور ۾ دنيا جي تاريخدان پنهنجي شھرن کي ٻيھر آباد ڪرڻ ۾ مصروف لڳا پيا آهن سندس چوڻ آھي ته جيئن تاريخي شھر ٻيھر آباد ٿيندا ته سياحت کي ھٿي ملندي ۽ ان سان گڏوگڏ ثقافت پروموٽ ٿيندي دنيا ۾ پنهنجي واکاڻ ٿيندي پر اسان جي ھن سونھاري سنڌ ۾ وري ان جي ابتڙ ٿيندي آھي سنڌ ۾ تاريخي شھرن جي ھڪ ته مالڪي نه ٿي انھن رپيئر نه ڪيو ويندو آھي بلڪ جيڪي شھر آباد آهن انھن کي به مسمار ڪيو ويندو آھي. اھڙن ڳوٺن ۾ پڻ پاٽ شريف آھي جيڪو پڻ قديم آھي پاٽ شريف جي تاريخ وسيع آھي پر اڄ کان ڪجھ سال پھريان پاٽ جي تاريخ فقط ڪتابن تائين رھي ھئي سا ھاڻ ته ڪتابن مان به مٽجي پئي وڃي ھاڻ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اسان چونداسين ته ھو ڪو "پاٽ شھر جيڪو وڏو تاريخي ھو"
    تاريخ ڪيئن مٽجي پئي اھو ٻڌايان ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان نائين ڪلاس جي سنڌي ڪتاب ۾ شامل علامه آء آء قاضي جو جنم پاٽ شريف ضلعو دادو لکيل ھو جيڪو ڪيترن ئي سالن کان پڙھندا اچون ٿا ۽ ان ڪتاب جي ڪري ئي نئون نسل پاٽ کان واقف ٿيندو ھو پر سنڌ ٽيڪسٽ وارن 2017واري ڇاپي ۾ لکيو ته علامه آء قاضي حيدرآباد ۾ ڄائو سندس وڏا اصل پاٽ شريف جا ھئا ھنن ڪتاب مان جنم ڏڻ جي شھر جو نالو ھٽائي ڇڏيو جيڪا ھڪ وڏي تاريخي ويساھ گھاٽي آ اڳ به ھنن قائد اعظم جي جنم جو ھنڌ جھرڪ مان ھٽائي ڪراچي رکيو ۽ ھاڻ اسان سڀ چئون ٿا ته قائد اعظم ڪراچي ۾ ڄائو ۽ سڀاڻي چونداسين علامه آء آء آء حيدرآباد ۾ ڄائو سنڌ ٽيڪسٽ وارن پاٽ جي تاريخ تي حملو ڪيو ۽ ھن پاٽ جي تاريخ کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اسان جي بي وسي ۽ خاموشي سبب ھو ڪامياب ويا آهن علامه آء آء قاضي جي جنم جو ھنڌ مٽائيندي ڪنهن ڪو ردعمل نه ڏيکاريو سڀ خاموش رھياسين.
    تازو سنڌ حڪومت ثقافت کاتي پاران سردار شاھ جي سربراھي ھيٺ سنڌ ٽوئرازم Sindh Tourism نالي ھڪ ايليڪيشن تيار ڪئي وئي آھي جنهن ۾ سنڌ جي ننڍن وڏن ڪوٽن قلعن ۽ تاريخي شھر ڳوٺن ۽ وستين جي معلومات رکي وئي آھي ۽ ھر شھر جي تاريخ لڳائي وئي آ ان ايپليڪيشن ۾ دادو ضلعي جا تقريبن تاريخي ماڳ شامل آھن شامل ناھي ته پاٽ شريف شامل ناھي ؟ تنهن مان ثابت ٿيو ته جديد دور ۾ به اسان وسري وياسين اسان جو شھر موجوده سنڌ ۾ ناھي ؟ يا ته سردار شاھ بادشاهه جيڪي تحقيقدان ويھاريا انهن کان ڪتابن مان پاٽ شريف شھر نه لڌو ڇاڪاڻ ته ھو تحقيق ھاڻ گھر ويھي ئي ڪندا آهن . ھاڻ اسان جي پاٽ جي تاريخ به ختم ٿيندي پئي وڃي اھا به ماضي بڻبي پئي وڃي پاٽ شريف وارا ان معاملي کان بلڪل بي خبر آھن توھان کي ٻڌائيندو ھلان ته ھي ٻه مسئلا جيڪي آھي سي تمام اھم آھن اگر اوھان ٻيو ڪجهه بچائي نه سگھيا ته گھٽ ۾ گھٽ تاريخ ته بچايو ڪجهه اک پٽيو . مان سڀني پاٽ شريف جي پڙھيلن سياسي سماجي علمي ادبي ماڻهن کي گذارش ڪندس ته ڪجهه ھيڏانھن به ڌيان ڏيو . ٿورو تاريخ جي مالڪي ڪيو .متان سڀاڻي ايئن چوندا وتو ته ادا اوھان پاٽ ڳوٺ ٻڌو آ اھو وڏو تاريخي شھرھو اتان مان آهيان.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو