ڪيمياگر ئي ته آهيان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2020۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    مير سردار چنڙ
    ڪجهه خواب توهان جي ڪاميابي جو سبب هوندا آهن جن کي اسان تمام دير سان سمجهي سگهندا آهيو پر جيڪي وقت تي سمجهي ويندا آهن اهي ڪڏهن مايوس ناهن ٿيندا اهي جلد ڪامياب ٿي ويندا آهن ۽ شهرت انهن لاءِ آتي هوندي آهي ۽ اهي ماڻهو دنيا ۾ تمام ٿورا آهن جيڪي وقت تي پنهنجي خواب کي سمجهي سگهن ان خواب جي تڪميل لاءِ نڪري پون اهي ماڻهو به دنيا ۾ تمام ٿورا آهن جيڪي پنهنجي مستقبل جو رستو ننڍپڻ ۾ ڳولهيندا آهن انهن عظيم انسانن مان پائلو ڪولهو پڻ هڪ آهي جنهن پنهنجي مستقبل جو خواب ننڍپڻ ۾ ئي ڏٺو هو ۽ ان جي تڪميل لاءِ ننڍپڻ ۾ ئي رستي تي نڪري پيو ۽ ان پيچري تي هزارين تڪليفن کان پوءِ منزل تي پهتو پائلو ڪوئلهو 24 آگسٽ 1947ع ۾ برازيل جي شهر ريو ڊي جينرو Rio De Janeiro ۾ هڪ انجينيئر جو گھر اندر جنم ورتو پائلو ڪوئلهو جو پيءُ انجنيئر هو سندس پيءُ سميت سڀني گھر وارن جي خواهش هئي ته پائلو ڪوئلهو انجنيئر ٿئي پر پائلو ڪوئلهو صاف انڪارڪندي چيو ته مان انجيئر نه ٿيندس پر مان ليکڪ ٿيڻ چاهيان ٿو منهنجي منزل ادب ئي آهي مونکي ليکڪ ئي ٿيڻو آهي گھر وارن هن کي چيو ته لکڻ پڙهڻ ادب جو ڪم ته انجنيئرنگ کان پوءِ فارغ وقت ۾ به ٿي سگهي ٿو ليکڪ جو ڪم صرف لکڻ آ سو ڪنهن وقت به لکي سگهجي ٿو پر پائلو ڪوئلهو انڪار ڪيو پائلو ڪوئلهو جو تعلق ڪيٿولڪ خاندان سان هو سندس وڏا مذهبي عقيدي جي باري ۾ تمام سخت هئا مذهب بابت تر جيترو به برداشت نه ڪندا هئا پر پائلو منطقي ۽ معقول ماڻهو هو هو هڪ آزاد خيال شخص هو ننڍپڻ ۾ ئي هن کي هر موضوع تي ڳالهائڻ تي عبور حاصل هو جڏهن به ڪنهن موضوع تي بحث ڪرڻ شروع ڪندو هو ته اڳيان ويٺل مخالف کي دليلن سان خاموش ڪري سوڀارو ٿي ويندو هو ۽ سندس گھروارن کي ان کان خوف هو ته ڪٿي هي ليکڪ بڻجي بغاوت نه شروع ڪري وجهي. ڪٿي اسان جي خاندان جون ريتون رسمون ٽوڙي نه وجهي گھروارن جي زور زبردستي سان پائلو ڪوئلهو کي قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ مشهور قانون (Law) ڪاليج ۾ داخل ڪرايو جتي هن جي دل نه لڳي رهي هئي ڇاڪاڻ ته هن جي زندگي جو مقصد اڃا ٻيو هو هن وڪيل ٿيڻو ئي نه هو ٺيڪ هڪ سال پورو ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج کي الوداع ڪري آيو سندس گھر وارن پائلو ڪوئلهو کي نفسياتي مريض ڄاڻائي چرين اري اسپتال ۾ 3 دفعا داخل ڪرايو جتان هو ٽئي دفعا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ويو. پائلو ڪوئلهو ڪجهه وقت لاءِ ليکڪ ٿيڻ جو خواب ڇڏي ڏنو ۽ زندگي هڪ هپي وانگر گذارڻ لڳو پائلو ڪوهلو اڪيلو هجڻ ڪري سير سفر لاءِ نڪري پيو 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڏکڻ آمريڪا، اتر آفريڪا، ميڪسيڪو ۽ يورپ جو سفر ڪري آيو ۽ پائلو ڪوهلي منشيات استعمال ڪرڻ شروع ڪيو
    1974ع ۾ پائلو واپس وطن برازيل ۾ آيو جتي کيس شاعري جو شوق ٿيو جنهن کان پوءِ برازيل جي هڪ مشهور ڳائڻي ۽ گيت جي ليکڪ راوٰل سان گڏ پاپ ۽ راڪ ميوزڪ جي غزل لکڻ شروع ڪيا ۽ گانانگار جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو هن جي گانن جي مواد ڇڙواڳ هوندي به جادوئي هو جيڪو برزايل ۾ تمام گھڻو پسند ڪيو ويو هو انڪري هن جي گانن تي اڪثر الزام لڳندو هو ته هن هن جا گانا پرڏيهي گانن جا ريپ هئا جيڪي هن وقت برزايل ۾ چيل آهن .
    1974ع ۾ برازيل ۾ فوجي حڪومت قائم هئي جنهن تي هي تنقيد ڪرندو رهندو هو ۽ فوجي حڪومت پائلو کي ”تخريبي“ سرگرمين جي الزام ۾ گرفتار ڪري، هن جي غزلن کي کاٻي ڌر ۽ بغاوت جو الزام هڻي تمام گھڻو تشدد ڪيو ڪري مختصر عرصي لاءِ قيد ڪيو هو .
    پائلو ڪوئلهي 1980ع ۾ 34 سالا آرٽسٽ ڪرشينا اوٽيڪيڪا سان شادي جي ٻڌڻن ۾ ٻڌجي ويو هن پنهنجي زندگي جو نئون سفر شروع ڪيو ان سفر جو تقريبن اڌ سال پنهنجي اباڻي ڳوٺ ايو دي جينرو برازيل ۾ گذاريو هو ۽ ٻيو سال فرانس جي پئرينس جبلن ۾ واقع گھر اندر گذارڻ بعد هن جوڙي مستقل لاءِ جينيوا سوئٽرزلينڊ ۾ پنهنجو مڪان ٺاهيو جتي اڄ تائين رهائيش پذير آهن
    پائلو ڪوهلو پنهنجي لکڻين کان اڳ اداڪار صحافي ۽ ٿيٽر صحافي جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪري چڪو هو پائلو ڪوئلهو م عجيب موڙ تڏهن آيو جڏهن ايمسٽرڊ جي ڪيفي ۾ اچانڪ هڪ اجنبي سان ملاقات ٿي جنهن کيس اسپين جي روحاني سفر جي هدايت ڪئي جنهن 1982ع ۾ هن پهريون ڪتاب دوزخ آرڪيوز HELL ARCHIEVES لکيو جيڪو سندس جي روحاني مشاهد ۽ تجرنم تي مشتمل هو جيڪو سماج اندر اثر پيدا ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي ويو تنهن تي هن همت نه هاري. 1986ع ۾ ڪوئلي اتر اولهه اسپين ۾ سانٽيگو ڊِ ڪامپوسٽلا جي 500 کان وڌيڪ ميل روڊ تي هلندو هو رستي ۾ هن کي روحاني يڪجھتي هئي جنهن کي هن حجاز ۾ آٽوبيوگرافڪ طور بيان ڪيو آهي . پائلو ڪوئلهو 1990ع واري دور ۾ خدمت شروع ڪئي جنهن ۾ هن 1996ع ۾ پائلو ڪائلهو انسٽيٽيوٽ قائم ڪئي جنهن ذريعي ٻارن ۽ بزرگن جو مدد ڪندو آهي ٻارن ۽ بزرگن کي تعليم کاڌ خوراڪ صحت پناه گاهه (رهائش) سميت مختلف هر قسم جي سهولتون ميها ڪندو آهي
    1987ع ۾ پائلو ڪوئلهو ڪيمياگر Alchemist نالي هڪ ناول لکڻ شروع ڪيو جيڪو جلد ئي لکڻ ۾ ڪامياب ويو 1987ع ۾ هن برازيل جي هڪ نجي پبلڪيشن هائوس وٽان 900 ڪاپين تي مشمتل اهو ناول مارڪيٽ ۾ آندو جيڪو ٿوري عرصي ۾ ئي مارڪيٽ مان رڪرو ٿي ويو هن وري ان تي ڌيان نه ڏنو پائلو ڪوئلهو کي هڪ وڏو پبلڪيشن مليو جنهن هن کي ڪيمياگر ناول ٻيهرشايع ڪرائڻ لاءِ راضي ڪيو آخر 1994ع ۾ ٻيهر ڪيمياگر Alchemist هڪ وڏي اداري طرفا شايع ٿيو جيڪو ٿوري وقت ۾ بين القوامي International سطح تي وڪرو ٿيڻ لڳو.
    پائلي پنهنجي لکڻ واري ڪيريئر واري بيوقفيت واري دور کي دور ڪرڻ دوران پائلي چيو ته جڏهن آئون هڪ اڇو کنڀ ڏٺو ته اها نشاني هئي ته الله تعالي مونکي ڏات ڏئي رهيو آهي ۽ مونکي هڪ وڌيڪ ڪتاب لکڻ گھرجي پائلي ڪوئلهي هڪ دڪان تان پنڌ ويندي هڪ اڇو پنو لڌو ۽ هن ان ڏينهن کان لکڻ شروع ڪيو ڪيمياگر جي اشاعت کان وٺي پائلو ڪوهلو هر ٻن سالن جي مفاصلي ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪتاب لکي سگهيو آهي انهن مان سندس چار ڪتاب حجازي،هپي،دي والڪيري ۽ اليفي آٽوگرافڪ آهن جڏهن ته باقي سندس ڪتاب جي اڪثريت وسيع افسانوي آهي
    ڪيماگر
    پائلو ڪوئلهو جي هن ناول بابت مشهور آهي ته پاڻ هن ناول کي صرف ٻن هفتن جي عرصي لکي ۾ تيار ڪيو هيائين ڪيمياگر ناول هڪ انڊلس جي هڪ شيدي ڇوڪر بابت هو جيڪو هڪ صوفياتي سير جي پيروي ڪندو هو جنهن ۾ هو دنيا جو ٻولي ڳالهائڻ سکي ٿو اهو اندلسي ڇوڪر ريڍار آهي جنهن جو موقف آهي ته مان رڍن جي ٻولي ڄاڻان ٿو هن ناول ۾ ليکڪ ڇوڪر کي پوري زندگي گذارڻ لاءِ هڪ نصيحت ڪري ٿو ۽ اها نصيحت ڇوڪر کي هر ڪم ۾ ڪامياب ڪري ٿي اها نصيحت هيءِ آهي ته ”جيڪڏهن اوهان ڪنهن شي کي دل سان ماڻڻ جي ڪوشش ڪيو ٿا ته پوري دنيا اوهان سان ان شي کي ماڻڻ ۾ گڏجي پوي ٿي“ هن ڇوڪر هن نصيحت کي ورد جيان ياد ڪيو ۽ زندگي جي وسيع سفر ۾ اهو ورد کائيندو رهيو ۽ سدائين ڪامياب ويو برحال پائلو ڪوئلهو جو ڪي ڪتاب تمام گھڻو لاجواب آهي جيڪو نه صرف فطرت جي رنگ ڏيکاري ٿو پر زندگي جي اٽل آرادن تي پڻ جوش بخشي ٿو هن ۾ اهو واضع سبق ملي ٿو ته اوهان ۾ جيڪڏهن سگهه آهي ته دنيا جي هر شي ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا .
    آمريڪا جي مشهور اخبار ڊي ٽائيمز نيوز The Timez News هن ناول بابت لکيو هو ته هن ناول کي نظرانداز ڪرڻ تمام ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته ڪيمياگر Alchemist ماڻهن زندگيءَ سان ڀريل رستو ڏيکاري ٿو ٻن هفتن جي عرصي ۾ لکيل پائلو ڪوئلهو جي هن ناول جو ڀاڳ تڌهن کليو جڏهن فرانس جي بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل ٿي ويو نيئن سر ترجمن ۽ اصلي ڪتابن جي جو ڇپرائڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو هن ناول جو پوري دنيا ۾ پڙهڻ جو رحجان وڌي ويو جو ڪجهه ئي عرصي ۾ هن ڪتاب جون پوري دنيا اندر 80 ملين (8 ڪروڙ) کان مٿي ڪاپيون وڪرو ٿي ويو ن ۽ هن ناول جو سنڌي سميت دنيا جي 70 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي سنڌي ۾ ٻڻ ليکڪن هن ناول جو الڳ الڳ ترجمو ڪيو هڪ فهيم اختر ميمڻ ۽ ٻيو احرار يوسف الڳ الڳ ترجمو ڪيو آهي اهڙِي طرح پائلو جو تخليقي ڪم دميا جي 170 ملڪن ۾ پڙهيو وڃي ٿو سندس مداح پوري دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ ڇانيل آهن سندس سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪتابن ۾ يارنهن منٽ ، شيطان ۽ ڳوٺاڻي ڇوڪري ، عڪرا مان مليل مسودو ، ڪيمياگر شامل آهن
    22 ڊسمبر 2016ع ۾ پائلو ڪوئلهو برطانيه ۾ قائم ڪمپني ريڪٽوپيا پاران قائم ڪيل 200 بااثر متاثرين همعصر ليکڪن جي فهرست ۾ 2 نمبر تي موجود آهي هن جو مواد هميشه تڪراري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هو ڪيٿوليڪ گھراڻي ۾ پرورش پذير هو جيڪو پڻ مذهبي هو هن جي مواد ته اڪثر اعتراض ٿيندا رهيا آهن پر هن انجن اعتراض کي ڪڏهن محسوس ئي نه ڪيو آهي 2016 ۾ هن باسڪيٽ بال جي رانديگر ڪوبي برائيٽ رابطو ڪيو جيڪو هن سان ٻارن سان ڪتاب جي منصوبي تي بحث ڪرڻ چاهيندو هو هنن گڏجي ڪتاب لکڻ شروع ڪيا پر جنوري 2020 ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ برائن جي موت جي منهن ۾ هليو ويو هن ان جي موت خبر ٻڌي انهن ڪتابن کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو 2018 ۾ هن پنهنجي ناولن جي ڪردارن تي فلم جي پڻ دسخط ڪئي هئي. پائلو ڪولهو جا هن وقت تائين 30 کان مٿي ڪتاب لکيل آهن پاڻ آخري وصيعت ڪئي اٿائين
    منهنجي مرڻ کان پوء سندس خاڪ کي سندس گهر واري ال سيبريرو نالي جاء تي هوا ۾ اڏائي ويندي سندس لکيل لکڻين کي ڪير به نه ڇپرائيندو ۽ رائلٽي جي مد ۾ ملندڙ رقم فائونڊيشن حوالي ڪئي ويندي. 73 سالا پائلو ڪوئلهو کي هن وقت قومي بين الاقوامي 20 مان مٿي وڏا ايوارڊ ملي چڪا آهن هن وقت هي ماضي ۾ چريو قرار ڏنل دنيا جو عظيم ليکڪ پنهنجي خاندان سان جينوا سوئٽيزرلينڊ ۾ رهائش خوشگوار زندگي گذاري رهيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو