اڻپوري آس

'ڪهاڻيون' فورم ۾ طاھر پٺاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2020۔

  1. طاھر پٺاڻ

    طاھر پٺاڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڪراچي جي معزز ۽ ايماندار وڪيلن ۾ ڳڻيو ويندڙ ايڊووڪيٽ آصف علي شاھ ھڪ وڏي عمارت ۾ قائم پنھنجي خوبصورت آفيس کان ٻاهر نڪري پارڪنگ ۾ بيٺل پنهنجي ڪار وٽ پھتو تہ اوچتو گجگوڙ جو آواز ٻڌي ھن آسمان ڏانهن نهاريو، آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڍڪيل ھو جيڪي وسڻ لاءِ تيار ھئا، ڊرائيور گاڏي جو دروازو کولي ادب ۾ بيھي آصف علي شاھ جي گاڏي ۾ ويھڻ جي انتظار ۾ ھو، ھن ھڪ وڏو ساھ کنيو ۽ ڪار ۾ ويهي رهيو، ھن جي ويھندي ئي ڊرائيور ڪار کي ڊوڙائڻ شروع ڪيو، منجھند جا ٽي وڄي رهيا هئا، ڪار مختلف روڊن تان گذرندي اچي ھڪ سگنل وٽ بيھي رھي، ان ئي مھل برسات شروع ٿي وئي، آصف جلد ڊفينس ۾ پنھنجي گھر پھچڻ پيو چاهي جتي سندس وڏي پٽ جي ايس ايس پي ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ھڪ پارٽي شروع ٿيڻ واري ھئي، گھر ۾ سڀ سندس انتظار ۾ ھئا انڪري ئي ھو پنهنجي آفيس کان جلد روانو ٿيو ھو.
    جيتوڻيڪ اڄ خوشي جو موقعو ھو پر الائي ڇو ھو صبح کان بيچين ھو پر ان بيچيني جو سبب کيس ياد نہ پئي آيو، گاڏي ۾ ويٺي بہ ھن ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ان عجيب بيچيني ۽ بيقراريءَ جو سبب ياد نہ اچي سگھيو، ذھن تي زور ڏيڻ ڪري اھا بيچيني اڃان بہ وڌندي پئي ويس، ان بيچينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ھن ڪار جو شيشو ھيٺ لاٿو، سندس ڪار جي بلڪل ويجھو ھڪ ويگو گاڏي بيٺل ھئي جنھن جي ڊرائيونگ سيٽ تي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهريل ھڪ نوجوان ويٺل هو، ان نوجوان جي گاڏيءَ ۾ سرمد سنڌي جو ھڪ غمگين گيت ھلي رھيو ھو.
    پوءِ يارَ اڱڻ اِيندين جڏهن مُنهَن تي ڪَفن ھُوندو
    ڏُک تُنھنجي جُدائيءَ جو گڏ مُون سان دفن ٿِيندو...
    آصف علي شاھ کي ان گيت جو ھڪ ھڪ لفظ ڪنهن تير ۽ خنجر جيان ڇاتيءَ کي چيري پنهنجي دل ۾ لھندي محسوس ٿيو ۽ ھڪدم کيس پنهنجي بيقراري، بيچيني ۽ اداسي جو سبب پڻ ياد اچي ويو.
    اڄ صبح جو آفيس ۾ جڏهن ھُو ھڪ ڪيس جا ڪاغذ ڏسڻ ۾ مصروف ھو تہ ڳوٺ کان سندس ڀيڻ جي ڪال آئي هئي.
    "آصف ڀاءُ"!، سندس ڀيڻ جي آواز ۾ ڏک ۽ درد سمايل ھو، "ادا اڪبر توهان کي سڏي ٿو پيو، ھر وقت سندس زبان تي توهان جو ئي نانءُ آهي".
    "ادي مان في الحال نٿو اچي سگھان، مون کي ھڪ پل لاءِ بہ واندڪائي نٿي ملي، سڀاڻي بہ ھڪ تمام وڏي ۽ اھم ڪيس جو فيصلو اچڻو آهي جنهن ڪري سڄو ڏينهن عدالت ۾ ئي گذرندو".
    "مون کي خبر آهي ادا! تون تمام سٺو ۽ وڏو وڪيل آھين پر......". سندس ڀيڻ چپ ٿي وئي.
    "منهنجي مجبوري کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو ادي". آصف ڀيڻ کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    "توهان جون سڀئي مجبوريون پنهنجي جڳھ تي پر ادا ايترو ياد رکجو تہ وڏو ادا شايد ڪجھ ڏينهن جو ئي مھمان آهي ۽ ھو مرڻ کان اڳ ھڪ ڀيرو توهان کي ڏسڻ ٿو گھري، ڪيڏا سال گذري ويا آهن توهان پاڻ ۾ ناھيو مليا، ھاڻ پنھنجي دل مان پراڻين نفرتن ۽ رنجشن کي ڪڍي واپس اچو، وڏو ادا توهان کي ڏسڻ لاءِ سِڪي ٿو پيو، جڏهن کان کيس پھريون دل جو دؤرو پيو ھو تنھن ڏينھن کان ھو رڳو توهان کي ئي ياد پيو ڪري پر توھان تہ پراڻين نفرتن کي اڃان تائين پنھنجي اندر ۾ پاليو ٿا پيا......".
    ھوءَ اڃان بہ ڪجھ ڳالھائڻ پئي چاهي پر آصف شاھ بيزاري محسوس ڪندي اوچتو فون بند ڪري ڇڏيو، ھُو ٻيھر ڪاغذن ۽ فائلن ۾ وڃائجي ويو، کيس وسري ويو تہ ڪراچي کان گھڻو پري ھڪ ڳوٺ ۾ بيماريءَ جي بستري تي پيل سندس وڏو ڀاءُ کيس سُڏڪي سُڏڪي ساري ٿو پيو.
    آصف علي شاھ گھڻي دير تائين آفيس ۾ تمام گهڻو مصروف رھيو ۽ کائنس اھو بہ وسري ويو تہ سندس وڏي پٽ جي ايس ايس پي ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ سندس گھر ۾ وڏي پارٽي شروع ٿيڻ واري آهي، ٽين بجي کان ٿورو اڳ سندس ننڍي پٽ فون ڪري کيس پارٽي بابت ياد ڏياريو تہ ھُو جلدي آفيس کان نڪري گھر ڏانهن روانو ٿيو، سندس وڏو پٽ ڪجھ ڏينهن پھريان ڪميشن پاس ڪري ايس ايس پي مقرر ٿيو ھو جنھن جي خوشيءَ ۾ اڄ سندن گھر ۾ ھڪ خوشي جي تقريب ٿي رھي ھئي.
    گاڏي سِگنل تان رواني ٿي تيزيءَ سان سندس گھر ڏانهن وڌي رھي ھئي جتي سندس گھر ڀاتين سميت ڪجھ مٽ مائٽ ۽ ڪافي دوست ھن جي ئي انتظار ۾ ويٺل ھئا پر ايڊووڪيٽ آصف علي شاھ جي دل ۽ دماغ وچ ۾ ھڪ جنگ ڇڙي چڪي ھئي، ھڪ پاسي سندس گھر ۾ خوشيءَ جو ماحول ھو تہ ٻئي طرف سوين ميل ڏُور ڳوٺ ۾ سندس بيمار ڀاءُ موت سان جنگ وڙھي رھيو ھو، اڄ ستاويھ سالن کان پوءِ اچانڪ ڀاءُ سان ملڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ھن جي دل تڙپڻ لڳي ھئي، ھن کي لڳو ڄڻ سندس ڀاءُ کيس واڪا ڪري سڏي ٿو پيو.
    "گاڏي روڪ"، آصف شاھ اوچتو رڙ ڪري چيو تہ ڊرائيور گھٻرائجي ھڪدم ڪار کي روڊ جي پاسي ۾ بيھاريو ۽ ھن کي ڏسڻ لڳو، ڄڻ کيس ٻئي حڪم جو انتظار ھجي، آصف کيس ڪجھ پئسا ڏئي گاڏيءَ تان لاهي گھر موڪليو ۽ پاڻ ڊرائيونگ سيٽ تي ويھي تيزيءَ سان ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي ويو، ھو ڪراچيءَ جي حدن کان مس ٻاھر نڪتو تہ سندس موبائل جي گھنٽي وڄڻ لڳي، ڪال اٽينڊ ڪيائين تہ سندس گھرواريءَ جو آواز آيو.
    "ڪٿي آهيو؟، ھت سڀ توهان جي ئي انتظار ۾ آھيون".؟
    "منهنجو انتظار نہ ڪجو"، آصف شاھ وراڻيو، "آئون ڳوٺ وڃان پيو جتي منھنجو ڀاءُ ورھين کان منهنجون واٽون پيو نھاري".
    "پر آصف......." آصف سندس ڳالھ پوري ٿيڻ کان اڳ ئي فون بند ڪري موبائل کي پوئين سيٽ تي اڇلائي ڇڏيو، ان کان پوءِ بہ وقفي وقفي سان موبائل جي گھنٽي وڄندي رهي پر ھن ڪنھن سان بہ نہ ڳالهايو.
    ھو تمام تيز رفتار سان گاڏي ھلائي رھيو ھو پر ان کان بہ وڌيڪ تيزيءَ سان کيس گذريل وقت ياد اچڻ لڳو، ھن جي ماضيءَ جي ڪتاب جا ورق اٿلڻ لڳا ھئا.
    آصف شاھ جڏهن حويليءَ جي پڌر تي اڃان زندگيءَ جا پھريان قدم کڻڻ سکي رهيو ھو تہ ھڪ رات سندس پيءُ شھر کان واپس ايندي واٽ تي ڦورُن سان مزاحمت ڪندي گولين جو کاڄ بڻجي ويو، معصوميت ۾ ئي پيءُ جي وڇوڙي سبب پيءُ جو پيار تہ ڇا پر ان جو چھرو بہ سندس ذھن تي نقش نہ ٿي سگهيو ھو، اھو ڏک کيس اڪثر تڙپائيندو ۽ روئاريندو هو، وري جڏهن ڏھن سالن جي عمر کي پهتو تہ ڪنھن بيماريءَ سبب سندن ماءُ بہ کين ڇڏي ھن دنيا مان ھلي وئي، ان وقت سندس وڏي ڀاءُ اڪبر شاھ جي عمر سورهن سال ھئي، پيءُ ۽ ماءُ جي وڇوڙي بعد اڪبر شاھ پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي سنڀال ڪرڻ شروع ڪئي، اڪبر شاھ پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي اھڙي تہ پرورش ۽ پالنا ڪئي جو کين پيءُ ماءُ جي ڪمي محسوس ئي نہ ٿيندي هئي، اڪبر شاھ ٻنهي کي پنهنجي جان کان بہ وڌيڪ عزيز رکي پالي جوان ڪيو، ھونئن تہ کين ڪنهن بہ شيءَ جي کوٽ نہ ھئي، پراڻي طرز جي ٺھيل شاندار حويلي، سئو جريب زرخيز زمين، ھڪ جيپ، ڪجھ بھترين نسل جا گھوڙا، حويليءَ ۾ نوڪرياڻيون ۽ اوطاق تي نوڪر پڻ رکيل ھئا پر پيءُ ۽ ماءُ کان سواءِ ھو ٽيئي پاڻ کي اڪثر اڌورو ۽ اڻپورو ڀائيندا هئا، پيءُ ماءُ جي محبت ۽ ڇانوَ کان سواءِ زندگي جون تقريبن سڀئي آسائشون کين ميسر ھيون.
    آصف علي شاھ ننڍپڻ کان ئي جوشيلي ۽ ضدي طبيعت جو مالڪ ھو، کيس تعليم سان بہ ڏاڍو لڳاءُ هو ۽ ھو وڪيل بڻجڻ پيو چاهي، سندس شوق کي ڏسي اڪبر شاھ کيس ڪراچيءَ جي هڪ مشھور لاء ڪاليج ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو.
    لاء ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ھن ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ٻڌائڻ بنا ڪراچي جي ھڪ واپاري خاندان جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ڇڏي جيڪا ھن سان گڏ ئي لاء ڪاليج ۾ پڙھندي ھئي، وڪالت جي ڊگري وٺي جڏهن آصف شاھ ڳوٺ واپس وريو تہ ھن سان گڏ سندس گھرواري بہ ھئي جنھن کي ڏسي سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻ ڏاڍا ڏکارا ٿي ويا، سڀ مٽ مائٽ بہ کانئن تمام گهڻو ناراض ٿي ويا ڇو تہ آصف شاھ جي مامي جي ڌيءَ ننڍپڻ کان ئي سندس مَڱ ھئي جنھن کي ڇڏي ھن گڏ پڙھندڙ ڇوڪري سائرا سان شادي ڪئي ھئي پر اڪبر شاھ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي خوشيءَ خاطر مٽن مائٽن جي ناراضگي کي تہ برداشت ڪيو پر پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ڪجھ بہ نہ چيو.
    سائرا روشنين جي شهر ڪراچيءَ ۾ ڄائي ۽ نپني ھئي انڪري ڳوٺ جي خاموشين ۽ اونداھين ۾ سندس دل نہ لڳي سگهي، ٻھراڙيءَ جي ماڻهن ۽ ماحول کان کيس چڙ تہ اڳ ۾ ئي ھئي پر آصف شاھ جي ڳوٺ ۾ رھندي ڪجھ ئي ڏينهن ۾ اھا چڙ نفرت ۾ بدلجڻ شروع ٿي وئي، ھن آصف کان ڪراچي ۾ گھر وٺي رھڻ جو مطالبو ڪيو پر آصف جي لاءِ پنھنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کان ڌار رھڻ ڏاڍو ڏکيو ھو تنھن ڪري ھن ڳوٺ کي ڇڏڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سائرا کي پڻ ڳوٺ ۾ سڪون سان رهڻ جي تلقين ڪئي پر سائرا کي سڪون ڪٿي ھو، ھوءَ ڳوٺ ۾ رھڻ لاءِ بلڪل بہ راضي نہ ھئي، ٻھراڙي ھن جي لاءِ قيدخاني مثل بڻجي پئي ھئي، آھستي آھستي سندس مزاج ۾ تلخي ۽ سختي وڌندي وئي جنهن ڪري ھن روز روز گھر ۾ جھيڙو ڪرڻ شروع ڪيو ڪڏهن آصف سان تہ وري ڪڏهن آصف جي ڀيڻ يا ڀاڄائيءَ سان.
    ان ڏينهن بہ سائرا آصف جي ڀيڻ ۽ ڀاڄائيءَ سان جھيڙو ڪيو ھو، جھيڙي دوران سائرا آصف جي ڀيڻ کي ڳل تي ھڪ چماٽ ھنئي، اتفاق سان ان ئي مھل اڪبر شاھ گھر ۾ داخل ٿيو ۽ پنھنجي ڀيڻ کي سائرا پاران چماٽ لڳندي ڏسي ورتو، سائرا جي اھڙي حرڪت سبب اڪبر شاھ جي سھپ جواب ڏئي ڇڏيو، ڀيڻ جو روئڻھارڪو چھرو ڏسي ھن کان برداشت نہ ٿي سگهيو ۽ ھن ڪاوڙ ۾ ٻہ چماٽون سائرا جي ڳل تي ھڻي ورتيون.
    ان ڏينھن شام جو ڪاوڙ سان ڀريل آصف شاھ سڀني گھر ڀاتين آڏو ھميشہ جي لاءِ حويليءَ ۽ ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اھو اعلان ٻڌي ھن جي گھرواري تہ خوشيءَ ۾ ٻهڪي پئي پر اڪبر شاھ جي چھري جو رنگ ئي اڏامي ويو ڇاڪاڻ تہ ھو چڱي طرح ڄاڻي پيو تہ آصف شاھ تمام گهڻو ضدي آهي ۽ ھو جيڪو چوندو آهي سو ضرور ڪندو آهي.
    ڪجھ ئي ڏينهن اندر آصف شاھ پنھنجي حصي جي ٻني وڪڻي ڇڏي ۽ گھرواريءَ کي ساڻ ڪري ڪراچي ھليو ويو، وڃڻ کان اڳ ڀاءُ ۽ ڀيڻ کيس منٿون ڪري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر آصف شاھ ڪنڌ ورائي پوئتي نھاريو بہ ڪين، آلين اکين ۽ ڏڪندڙ آواز سان اڪبر شاھ کيس چيو ھو۔
    "منهنجي مرڻ کان اڳ ھڪ ڀيرو مون سان ملڻ ضرور اچجانءِ".
    آصف شاھ ڪراچيءَ جي سڀ کان خوبصورت ۽ مهانگي علائقي ڊفينس ۾ گھر خريد ڪيو ۽ وڪالت شروع ڪيائين، وقت گذرندو رهيو، ڪجھ سالن اندر ھو ڪراچيءَ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، کيس ٽي پٽ ۽ ھڪ ڌيءَ جو اولاد ھو، ڪيترائي سال گذري ويا، زمانو بدلجي ويو، دنيا تبديل ٿي وئي، سندس اولاد بہ ھاڻ جوان ٿي ويو، ڳوٺ ۾ سندس ڀيڻ جي پنھنجي سؤٽ سان شادي ٿي وئي پر آصف شاھ ڪڏھن بہ ڳوٺ پنھنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ ڏانهن لڙي نہ ويو، اڪبر شاھ پوڙھو ٿي چڪو ھو، سندس ڀيڻ پنهنجي مڙس ۽ اولاد سان گڏ خوش زندگي گذاري رھي ھئي، سندس مڙس ڪم ڪار سانگي اڪثر ڪراچي ويندو رھندو ھو ٻہ سال پھرين اتفاق سان ڪراچي جي ھڪ مارڪيٽ ۾ ھن سان آصف شاھ ملي ويو، انھيءَ اتفاقي ملاقات کانپوءِ ئي آصف شاھ جو پنھنجي ڀيڻ سان اڪثر فون تي رابطو ٿيندو رھندو ھو پر ھو ڀاءُ سان ڪڏهن بہ فون تي ڳالهائڻ جي ھمت نہ ڪري سگھيو. ڏک، ڪاوڙ، انا ۽ شرمندگيءَ جي ھڪ ديوار ھئي جنھن کيس ڀاءُ کان اڃان تائين الڳ ڪري رکيو ھو، ھوڏانھن اڪبر شاھ بہ وڏو ھجڻ سبب ننڍي ڀاءُ سان ڳالهائڻ جي اڳرائي نہ پيو ڪري، ايئن ئي ستاويھ سالن تائين ٻيئي ڀائر ھڪٻئي کي ڏسڻ تہ ٺھيو پر فون تي ڳالهائڻ کان پڻ رھيل ھئا، ڪجھ مھينا پھريان جڏهن اڪبر شاھ کي دل جو دؤرو پيو ھو تڏھن کان ھو پنھنجي پٽن ۽ ڀيڻ جي ذريعي آصف شاھ کي ڳوٺ اچڻ لاءِ چئي رھيو ھو، کيس سڏي رھيو ھو مگر آصف شاھ ھر ڀيري ڪو بھانو ٺاھي ڀاءُ ڏانھن وڃڻ کان لنوائيندو رھيو، پر اڄ پورن ستاويھ سالن کان پوءِ الائي جي ڪيئن ڀاءُ کي ڏسڻ لاءِ سندس من ماندو ٿي پيو ھو، روح تڙپڻ لڳو ھئس ڀاءُ کي سيني سان لڳائڻ لاءِ، ھو اڄ پنهنجي اندر ۾ وڏو بدلاءُ محسوس ڪرڻ لڳو ھو، انا، ڪاوڙ ۽ ڏک جي جنهن ديوار کيس صدين کان ڀاءُ کان جدا ڪري رکي ھو سا ڀت اڄ ھڪ پل ۾ ئي ڀڄي ڀور ٿي پئي ھئي، بس ھاڻ رڳو چند ڪلاڪن جو ئي سفر ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ رھجي ويو ھو جيڪو بہ آصف شاھ جي لاءِ انھن ستاويھ سالن کان ڊگھو بڻجي ويو ھو.
    آصف شاھ تمام تيزيءَ سان گاڏي ھلائي ڳوٺ وڃي رهيو هو، زندگي ۾ اڳ ڪڏهن ھن ايڏي تيز ڊرائيونگ نہ ڪئي ھئي، ھو جلد کان جلد پنهنجي ڀاءُ سان ملڻ پيو چاهي پر سفر ھو جو ختم نہ پئي ٿيو، ذھن ۾ طرحين طرحين جا خوفناڪ خيال ۽ وسوسا آيس پئي ان ڪري مسلسل ڀاءُ جي سلامتيءَ جو دعائون گھرندو تيزيءَ سان ڳوٺ ڏانهن وڌي رهيو هو..
    آصف شاھ جڏهن لاڙڪاڻي ويجھو رائيس ڪئنال جي ڪپ تي اڏيل پنهنجي ڳوٺ پھتو تہ ان مھل اولھ ۾ کيرٿر جي جبلن پٺيان سج غائب ٿي چڪو هو، حويليءَ جي مک دروازي تي گاڏي بيھاري ھو گھر ۾ داخل ٿيو، آڳر تي ھڪ کٽ جي چوڌاري عورتن ۽ مردن جو ھجوم ڏسي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويس ۽ ٽنگون ساٿ ڇڏڻ لڳس، پير سوين مڻ ڳرا ٿي پيس پر ھمت ڪري ھو اڳتي وڌڻ لڳي ٿو، ھجوم جي ويجھو پھتو ئي ھو تہ اوچتو ڪجھ عورتن جي سڏڪن ۽ روئڻ جو آواز ٻڌي ھن جي جسم مان ساھ ڇڏائي ويو، ھجوم مان جڳھ ٺاهي ھو کٽ تي ليٽيل ڀاءُ جي مٿان اچي بيٺو، ڀاءُ کي ڏسڻ کان اڳ ئي اڪبر شاھ جو دم پرواز ڪري چڪو هو پر سندس اکيون شايد ستاويھ سالن کان وڇڙيل پنھنجي ڀاءُ کي ڏسڻ لاءِ اڃان تائين کليل هيون، اڪبر شاھ جي ھڪ پٽ آرام سان پيءُ جي چھري تي ھٿ ڦيريو تہ اھي کليل اکيون ھميشہ ھميشہ لاءِ بند ٿي ويون، اڪبر شاھ پنهنجي ڀاءُ سان ملڻ جي اڻپوري آس کڻي ھن دنيا مان وڃي چڪو هو ۽ آصف شاھ پنھنجي ڀاءُ جي ڇاتيءَ تي ڪنڌ رکي اوڇنگارون ڏئي روئندو رهيو...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو