:-$ غلطيءَ سان سچ لکجي ويو x_x

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2010۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    غلطيءَ سان سچ لکجي ويو

    ملڪ جي موجوده حالات جو جائزو ورتو وڃي ته هر پاسي افراتفري ۽ دهشتگردي عوام جي زندگيءَ جي لاءِ عذاب بڻيل آهن. جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاهڻ لاءِ هر پاسي کان سازشي ماڻهن جا انبار ڪوششون ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ جمهوري حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ادارن ۾ ٽڪراء پيدا ڪرڻ جي هر ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مخالف ڌرون پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي بدران حڪومتي ڪمن ۽ سڌاري جي لا۽ کنيل قدم کي تنقيد جو نشانو بڻائي حڪومت جي عوام ۾ مقبوليت کي نقصان رسائڻ جي راند رلي رهيون آهن، اهي سڀ ته پنهنجي جاءِ تي پر رياست جو چوٿون ٿنڀو يعني عدليه ۾ به سياسي رنگ نظر اچڻ لڳا آهن.
    پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به جمهوري صدر کي بي وجه ايتري تنقيد جو نشانو نه بڻايو ويو آهي جيترو موجوده عوامي صدر کي بڻايو وڃي پيو، شايد ان ڪري ته اڳوڻا صدر عدالتن ۾ ويٺل ججز کي خريد ڪري عدليه جي آزاديءَ جا دروازا بند ڪري ڇڏيندا هئا.
    پر موجوده سرڪار عدالتن جو احترام ڪندي معزول ججن کي بحال ڪري کين آزاديءَ جي زيور سان نوازيو، جيڪو حڪومت جي لاءِ لُنڊيءَ تي لَتَ برابر ثابت ٿيو، ڇو ته آزادي ملندي ئي ڪجهه ججن ان ڇانوکي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تن کي پناهه ڏني.
    ججن جي سربراهه يعني چيف جسٽس پنهنجي بحاليءَ کانپوءِ تمام PCO ججزکي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شايد اها مفاد پرستي هئي ته افتخار احمد چوڌري صاحب اهو وساري ويٺا هئا ته انهن پاڻ به هڪ آمر جي هنج ۾ ويهي LFO تحت حلف کنيو هئو. پر چوندا آهن ته ماڻهونءَ کي پنهنجي اندر برائي نظر نه ايندي آهي ۽ هو ٻين کي برو ڪوٺيندو آهي. چيف جسٽس کي PCO ججز جي برطرفيءَ جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو به لکرائڻ گهرجي ها. ڇو ته جيڪڏهن LFO تحت حلف کڻي ڪو جج 9 نَوَ سال چيف جسٽس جي عهدي تي رهي سگهي ٿو ته PCO تحت حلف کڻي 5 پَنجَ سال چيف جسٽس جي عهدي رکڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. صرف PCO ججن جي برطرفي اهو ثابت ڪري ٿي ته موجوده عدليه جي بحاليءَ کانپوءِ ملڪ ۾ قانون سڀني جي لاءِ برابر نه رهيو آهي ۽ چيف جسٽس کي صرف پنهنجي عهدي سان پيار آهي ۽ قانون جي ڪا به پرواهه نه آهي. ڪجهه ججز ان رويي مان اهو واضع ٿئي ٿو ته عدالتن ۾ سياسي سوچ ۽ عمل جو هڪ نئون دور شروع ٿي چڪو آهي، يا وري ججن ۾ قوم پرستيءَ جنم ورتو آهي. ڏٺو وڃي ته اعلي عدالتن ۾ موجود ججز ۾ گهڻي اڪثريت پنجابي زبان سان آهي. ان کان علاوه پنجاب حڪومت جي اڳواڻن جون رات جي اونداهيءَ ۾ ججن سان ٿيندڙ ملاقاتون جنهن کانپوءِ پنجاب حڪومت جي اڳواڻن جي موقف ۽ عدالتي فيصلن ۾ ڪوئي فرق نه ٿو رهي، ڄڻ ته اهي فيصلا پنجاب انتظاميه وٽ ئي تيار ٿيا هجن. شايد اهو ئي سبب آهي جو حڪومت جي حمايت ۾ داخل ڪيل هر درخواست کي در ۽ حڪومت جي خلاف هر پٽيشن کي دل جي گهراين سان آجيان ڪري ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪيو وڃي ٿو اهڙو عدالتي رويو ججن ۾ قوم پرستيءَ جي نشاندهي ڪري رهيو آهي، جيڪو جمهوري نظام کي تباه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد ڪري سگهي ٿو.
    حڪومت جيڪڏهن ڪو غلط فيصلو ڪري ته ان جو عدالتون نوٽيس وٺنديون آهن، پر جيڪڏهن عدالتون ڪو غلط فيصلو ڪن ته ان جو نوٽيس ڪير وٺندو؟ جيڪڏهن ڪنهن عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته اها توهين عدالت آهي، افسوس ان ڳاله جو آهي ته ڏينهن رات حڪومت تي ٿيدڙ تنقيد کي توهين حڪومت چوڻ بدران عدالتن ۾ تنقيد ڪندڙن کي هٿي ڏئي انهن جون درخواستون منظور ڪيون وڃن ٿيون. اڃان اهو ئي نه پر:
    اهي ماڻهون جيڪي فوجي آمرن جي جبري فيصلن کي دل جان سان تسليم ڪندا هئا، اڄ اهي ساڳيا ماڻهون انهيءَ تاڙ ۾ رهن ٿا ته جيئن ئي حڪومت ڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ان کي چئلينج ڪرڻو آهي باقي بعد ۾ ڏٺو ويندو! ڇو ته انهن ماڻهن کي عدالتي فيصلن جو شايد پهريان کان ئي علم هوندو آهي ته ججز انهن جي ڪيل چئلينج کي هٿي ڏيئي حڪومت کي هيٺائون ظاهر ڪرن جو فيصلو ڏيندا. 23 جون تي لاهور هاءَ ڪورٽ جي ڏنل فيصلو انهيءَ ڳالهه کي واضع ڪري ٿو ته حڪومت مخالف هر درخواست کي منظور ڪيو وڃي ٿو. فيصلو هن ريت هيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ نيب جي درخواست تي صدر آصف علي زرداري جي موت ۽ زندگيءَ جي جنگ وڙهندي اسپتال جي بستر تي ستل والد حاڪم علي زرداري ۽ قبر ۾ هميشه جي ننڊ ستل ماءُ جي احتساب ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ٿئي ٿو جيڪو ته انتهائي افسوسناڪ عمل هيو، ڇا ججز کي اها به خبر نه آهي ته مري وڃڻ کانپوءِ ڪو به انسان عدالت ۾ پيش ٿي نه سگهندو آهي؟.
    عدالتن جي اهڙي هڪ طرفي ڪاروائيءَ سبب پاڪستاني عوام انصاف جي فراهميءَ کان مايوس ٿي چڪو آهي، واضع رهي ته ملڪ ۾ 15000 کان وڌيڪ ڪيس رولڙي جو شڪار ٿيل آهن. ڪيترائي ماڻهون سخت گرميءَ ۾ به انصاف جون اميدون کڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ عدالتن جي ٻاهران بيٺل نظر ايندا آهن، سوين ميل ڏوراهين علائقن کان انصاف جي لاءِ آيل ماڻهون بس چڪر ئي ڪاٽيندا رهن ٿا مگر عدالتن کي حڪومت جون ڄنگھون ڇڪڻ مان فرست ملي ئي ڪو نه ٿي ته انهن غريبن کي انصاف ڪير ڏيندو؟ اهو ئي سبب آهي ته ماڻهون بر وقت انصاف نه ملڻ جي وجه سان پئسا ۽ وقت بچائڻ لاءِ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ويهن ٿا، جنهن جي ڪارڻ جذبات اچي ۾ ڪيترائي نوجوان موت جي ور چڙهي وڃن ٿا.
    ڏسجي ته ڪيترن ئي سياستدانن جي مٿان وڏي تعداد ۾ ڪيس موجود آهن، پر انهن جي باوجود ججن جون نظرون صرف ۽ صرف صدر زرداري ۽ هاڻي وري سندس گهر ڀاتين ڏانهن نهاري رهيون آهن. عدالتي آمرن جي اهڙي هڪ طرفي ڪاروائيءَ سبب عوام جي حالت ان پهاڪي وانگر ٿي ويئي آهي ته “وڙهن سَانَ لتاڙجن ٻوُڙا” . ڇا عدليه آزادي جو ناجائز فائدو وٺندي هڪ طرفي ۽ سياسي ڪاروائي جاري رکندي؟؟ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ڪو ٻيو صدر ته پري جمهوريت جي بقا لاءِ هر طرح جي تنقيد سهندڙ موجوده صدر اهڙي عدالتي آمريت ۾ عوامي مسئلن کي منهن نه ڏيئي سگهندو.
    آخر ۾ ايتري اپيل ته بس هاڻي گهڻو ٿيو: چيف صاحب!
    عمران دريش سومرو
    Email: i_darvesh@yahoo.com

    [​IMG]
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: :-$ غلطيءَ سان سچ لکجي ويو x_x

    مائٽ سائين اوهان جي ڳالهه به بجا آهي۔۔۔۔ پر ان سان گڏو گڏ پاڪستان جو صدر هڪڙو سنڌي صدر ٿيو آهي جيڪو هنن جي برداشت کان مٿانهون آهي۔۔۔۔ ٻي ڪابه ڳالهه ناهي مائٽ مٺڙا۔۔۔۔۔

    وڌيڪ تعليم يافته اوهان آهيو۔۔۔ ڪالم نگار به پڻ آهيو۔۔۔۔ ٿي سگهي ٿو ته سڀئي ڳالهيون به سمجهندا هوندو۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: :-$ غلطيءَ سان سچ لکجي ويو x_x

    65 سالن کان اسين عام ماڻهونءَ جي حيثيت ۾ مختلف پارٽين، مختلف ادارن مان چڱائيءَ جي اميد رکندا آيا آهيون، هاڻ ته عام ماڻهونءَ سڀني پارٽين ۽ پاڪستاني ادارن مان اميدون لاهي رب جي طرف هٿ کڻي ڇڏيا آهن ۔۔۔

    اسين عام ماڻهونءَ جي حيثيت سان ڪنهن ۾ اميد ڪريون ته پاڪستان ۾ اسانکي انصاف ملندو، پارليامنٽ ۾ ، عدالت ۾ ، بيوروڪريسيءَ ۾ يا فوج (ايسٽبلشمنٽ) ۾ ۔۔۔ اسان عوام کي نه تعليم جي نسبت ڪا ترقي نظر اچي ٿي، نه عدالتن ۾ ڪو ڀروسو آهي ، نه وري صحت جي معاملي ڪا اڳرائي ٿي آهي ۽ نه وري سماج ۾ ڪي ترقيءَ جا آثار نظر آيا آهن ۽ نه وري پاڪستان جي سڀني سياستدانن ۾ ڪو آسرو آهي ۔۔۔ رڍو سڀ ٻوٿ ڪاريون ۔۔۔

    سهڻا سومرا سائين تون ۽ مان ويٺا ساري عمر پاڪستان جي ڪنهن نه ڪنهن جي حمايت ۽ مخالفت ۾ لکنداسون، فرق ڪو ڪون پوندو ۔۔۔

    ڪتي جو پڇ ٻارهين مهيني به ڦڏو ۔۔۔
     
  4. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: :-$x_x

    ادا حمايت ڪرڻ اسانجي مجبوري آهي ڇو ته اسانکي سنڌ جهڙي عظيم ڌرتي ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهون عزيز آهن۔ ۽ ‌اسانکي سنڌ ۽ سنڌي قوم سان تعلق رکندڙ هر ان شخص جي حمايت ڪرڻي پوندي جيڪو ڌارين جي اک ۾ ڪنڊو هجي۔ وڌيڪ هر ڪنهن جي دلين جا راز الله ڄاڻي ٿو ۽ بيشڪ برن ڪمن جو اهو ئي حساب وٺندو۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: :-$ غلطيءَ سان سچ لکجي ويو x_x

    تمام سٺي ونڊ آهي مهرباني
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: :-$ غلطيءَ سان سچ لکجي ويو x_x

    ادا توهان ڪالم نگار آهيو، اهو ڄاڻي ڏاڍي خوشي ٿي۔۔ انشاءَ الله سنڌ سلامت جي ادبي شخصيتن ۾ هڪ ٻي قلم سان ڳالهائيندڙ شخصيت سنڌ ۽ سنڌ سلامت لاءِ‌سٺو سنوڻ ثابت ٿيندي۔۔۔ الله توهان جي الفاظ ۾ اڃا وڌيڪ تاثير ۽ سچ لکڻ جي تاثير عطا فرماءِ۔۔ الاهي آمين۔
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: :-$ غلطيءَ سان سچ لکجي ويو x_x

    درويش ڀاءُ۔۔ توهان جي هنن ڳالهين اصليت کي واضح‌ڪري ڇڏيو‌آهي۔۔۔ اونئين به موجوده عدليه جي جانبدار هجڻ‌۾ ڪو شڪ نه رهيو آهي۔۔۔ هڪ ته موجوده عدليه جو چيف پاڻ هڪ پي سي او جج ٿي رهي چڪو آهي، ٻيو ته هو اهڙي سياسي پارٽي جي رهنما جي حمايت ڪندي نظر اچن ٿا جن پنهنجي حڪومت ۾ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري انصاف جي ديوي جي عزت پامال ڪري ڇڏي هئي۔۔۔ ٻيو ته ٺهيو هن عدالت کي ٻين ڪيسن جي باري ۾ ڄاڻ ئي نه آهي جيڪي 15 ته ڇا پر 40 يا 30 سالن کان وٺي رولڙي ۾ آهن۔۔ سنڌ جي پاڻيءَ‌جو ايڏو وڏو ڪيس کين نظر نه ٿو اچي۔۔ نواز ليگ جي جعلي ڊگرين جو ايڏو وڏو ڪيس انهن کي نظر ۾ نه ٿو اچي۔۔ پنجاب جي حڪومت جي سرپرستيءَ ۾ پلجندڙ دهشت گرد انهن کي نظر نه ٿا اچن۔۔۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: :-$ غلطيءَ سان سچ لکجي ويو x_x

    ڀائو درويش سومرا ! شال جيئن بچين ، ادا واقعي غلطي سان سچ لکجي ويو آهي، پر جتي ٻوڙا ، گونگا، ۽ انڌا هجن اُتي مٺا آرسيون وڪڻڻ‌ وارو ڪم ڪٿان سکئين، حق موجود وارا نعرا جن به هنيا، مٺا انهن ڳچين ڳاٽ وڃايا، سهڻا عمران درويشي رسم پارڻ‌ مطلب خاموشي ۽ چُپ چپات پر ان الحق واري رسم منصور ي مطلب ڳاٽي ڀاڳا نعرا، سي به حق موجود وارا، اصل نينهن وارا لڳي ٿو عمران نالي ڪو سومرو وري هن دور ۾ رسم منصوري نڀائڻ‌ لاءِ اسان جي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ‌ تي پيدا ٿي ويو آهي، هن ڀيري درويش جو جهيڙو (حق ڳالهه چوڻ‌ وارو) ڪنهن خليفي سان نه پر فيصلو صادر ڪرڻ واري قاضيءَ سان آهي۔ زبردست مضمون آهي۔ انڌن ، ٻوڙن ۽ گونگن جي شهر ۾ ڪو نه ڪو مڙس ماڻهو ٿيندو جيڪو عمران درويش سومري کان آرسي وٺندو۔ اسان جي اها ئي دُعا آهي۔
     
  9. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    شڪر گذار

    ادا اوهان سڀني ڀائرن جا اهڙا قرب ڀريا نياپا ۽ حوصلو وڌائيندڙ مشوره مونکي ٻيا سڀ ڪم ڇڏي صرف سنڌ سلامت سان گڌ ويهي وقت گهارڻ تي مجبور ڪري ڇڌين ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو