عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
غلطيءَ سان سچ لکجي ويو
ملڪ جي موجوده حالات جو جائزو ورتو وڃي ته هر پاسي افراتفري ۽ دهشتگردي عوام جي زندگيءَ جي لاءِ عذاب بڻيل آهن. جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاهڻ لاءِ هر پاسي کان سازشي ماڻهن جا انبار ڪوششون ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ جمهوري حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ادارن ۾ ٽڪراء پيدا ڪرڻ جي هر ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مخالف ڌرون پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي بدران حڪومتي ڪمن ۽ سڌاري جي لا۽ کنيل قدم کي تنقيد جو نشانو بڻائي حڪومت جي عوام ۾ مقبوليت کي نقصان رسائڻ جي راند رلي رهيون آهن، اهي سڀ ته پنهنجي جاءِ تي پر رياست جو چوٿون ٿنڀو يعني عدليه ۾ به سياسي رنگ نظر اچڻ لڳا آهن.
پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به جمهوري صدر کي بي وجه ايتري تنقيد جو نشانو نه بڻايو ويو آهي جيترو موجوده عوامي صدر کي بڻايو وڃي پيو، شايد ان ڪري ته اڳوڻا صدر عدالتن ۾ ويٺل ججز کي خريد ڪري عدليه جي آزاديءَ جا دروازا بند ڪري ڇڏيندا هئا.
پر موجوده سرڪار عدالتن جو احترام ڪندي معزول ججن کي بحال ڪري کين آزاديءَ جي زيور سان نوازيو، جيڪو حڪومت جي لاءِ لُنڊيءَ تي لَتَ برابر ثابت ٿيو، ڇو ته آزادي ملندي ئي ڪجهه ججن ان ڇانوکي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تن کي پناهه ڏني.
ججن جي سربراهه يعني چيف جسٽس پنهنجي بحاليءَ کانپوءِ تمام PCO ججزکي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شايد اها مفاد پرستي هئي ته افتخار احمد چوڌري صاحب اهو وساري ويٺا هئا ته انهن پاڻ به هڪ آمر جي هنج ۾ ويهي LFO تحت حلف کنيو هئو. پر چوندا آهن ته ماڻهونءَ کي پنهنجي اندر برائي نظر نه ايندي آهي ۽ هو ٻين کي برو ڪوٺيندو آهي. چيف جسٽس کي PCO ججز جي برطرفيءَ جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو به لکرائڻ گهرجي ها. ڇو ته جيڪڏهن LFO تحت حلف کڻي ڪو جج 9 نَوَ سال چيف جسٽس جي عهدي تي رهي سگهي ٿو ته PCO تحت حلف کڻي 5 پَنجَ سال چيف جسٽس جي عهدي رکڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. صرف PCO ججن جي برطرفي اهو ثابت ڪري ٿي ته موجوده عدليه جي بحاليءَ کانپوءِ ملڪ ۾ قانون سڀني جي لاءِ برابر نه رهيو آهي ۽ چيف جسٽس کي صرف پنهنجي عهدي سان پيار آهي ۽ قانون جي ڪا به پرواهه نه آهي. ڪجهه ججز ان رويي مان اهو واضع ٿئي ٿو ته عدالتن ۾ سياسي سوچ ۽ عمل جو هڪ نئون دور شروع ٿي چڪو آهي، يا وري ججن ۾ قوم پرستيءَ جنم ورتو آهي. ڏٺو وڃي ته اعلي عدالتن ۾ موجود ججز ۾ گهڻي اڪثريت پنجابي زبان سان آهي. ان کان علاوه پنجاب حڪومت جي اڳواڻن جون رات جي اونداهيءَ ۾ ججن سان ٿيندڙ ملاقاتون جنهن کانپوءِ پنجاب حڪومت جي اڳواڻن جي موقف ۽ عدالتي فيصلن ۾ ڪوئي فرق نه ٿو رهي، ڄڻ ته اهي فيصلا پنجاب انتظاميه وٽ ئي تيار ٿيا هجن. شايد اهو ئي سبب آهي جو حڪومت جي حمايت ۾ داخل ڪيل هر درخواست کي در ۽ حڪومت جي خلاف هر پٽيشن کي دل جي گهراين سان آجيان ڪري ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪيو وڃي ٿو اهڙو عدالتي رويو ججن ۾ قوم پرستيءَ جي نشاندهي ڪري رهيو آهي، جيڪو جمهوري نظام کي تباه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد ڪري سگهي ٿو.
حڪومت جيڪڏهن ڪو غلط فيصلو ڪري ته ان جو عدالتون نوٽيس وٺنديون آهن، پر جيڪڏهن عدالتون ڪو غلط فيصلو ڪن ته ان جو نوٽيس ڪير وٺندو؟ جيڪڏهن ڪنهن عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته اها توهين عدالت آهي، افسوس ان ڳاله جو آهي ته ڏينهن رات حڪومت تي ٿيدڙ تنقيد کي توهين حڪومت چوڻ بدران عدالتن ۾ تنقيد ڪندڙن کي هٿي ڏئي انهن جون درخواستون منظور ڪيون وڃن ٿيون. اڃان اهو ئي نه پر:
اهي ماڻهون جيڪي فوجي آمرن جي جبري فيصلن کي دل جان سان تسليم ڪندا هئا، اڄ اهي ساڳيا ماڻهون انهيءَ تاڙ ۾ رهن ٿا ته جيئن ئي حڪومت ڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ان کي چئلينج ڪرڻو آهي باقي بعد ۾ ڏٺو ويندو! ڇو ته انهن ماڻهن کي عدالتي فيصلن جو شايد پهريان کان ئي علم هوندو آهي ته ججز انهن جي ڪيل چئلينج کي هٿي ڏيئي حڪومت کي هيٺائون ظاهر ڪرن جو فيصلو ڏيندا. 23 جون تي لاهور هاءَ ڪورٽ جي ڏنل فيصلو انهيءَ ڳالهه کي واضع ڪري ٿو ته حڪومت مخالف هر درخواست کي منظور ڪيو وڃي ٿو. فيصلو هن ريت هيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ نيب جي درخواست تي صدر آصف علي زرداري جي موت ۽ زندگيءَ جي جنگ وڙهندي اسپتال جي بستر تي ستل والد حاڪم علي زرداري ۽ قبر ۾ هميشه جي ننڊ ستل ماءُ جي احتساب ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ٿئي ٿو جيڪو ته انتهائي افسوسناڪ عمل هيو، ڇا ججز کي اها به خبر نه آهي ته مري وڃڻ کانپوءِ ڪو به انسان عدالت ۾ پيش ٿي نه سگهندو آهي؟.
عدالتن جي اهڙي هڪ طرفي ڪاروائيءَ سبب پاڪستاني عوام انصاف جي فراهميءَ کان مايوس ٿي چڪو آهي، واضع رهي ته ملڪ ۾ 15000 کان وڌيڪ ڪيس رولڙي جو شڪار ٿيل آهن. ڪيترائي ماڻهون سخت گرميءَ ۾ به انصاف جون اميدون کڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ عدالتن جي ٻاهران بيٺل نظر ايندا آهن، سوين ميل ڏوراهين علائقن کان انصاف جي لاءِ آيل ماڻهون بس چڪر ئي ڪاٽيندا رهن ٿا مگر عدالتن کي حڪومت جون ڄنگھون ڇڪڻ مان فرست ملي ئي ڪو نه ٿي ته انهن غريبن کي انصاف ڪير ڏيندو؟ اهو ئي سبب آهي ته ماڻهون بر وقت انصاف نه ملڻ جي وجه سان پئسا ۽ وقت بچائڻ لاءِ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ويهن ٿا، جنهن جي ڪارڻ جذبات اچي ۾ ڪيترائي نوجوان موت جي ور چڙهي وڃن ٿا.
ڏسجي ته ڪيترن ئي سياستدانن جي مٿان وڏي تعداد ۾ ڪيس موجود آهن، پر انهن جي باوجود ججن جون نظرون صرف ۽ صرف صدر زرداري ۽ هاڻي وري سندس گهر ڀاتين ڏانهن نهاري رهيون آهن. عدالتي آمرن جي اهڙي هڪ طرفي ڪاروائيءَ سبب عوام جي حالت ان پهاڪي وانگر ٿي ويئي آهي ته “وڙهن سَانَ لتاڙجن ٻوُڙا” . ڇا عدليه آزادي جو ناجائز فائدو وٺندي هڪ طرفي ۽ سياسي ڪاروائي جاري رکندي؟؟ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ڪو ٻيو صدر ته پري جمهوريت جي بقا لاءِ هر طرح جي تنقيد سهندڙ موجوده صدر اهڙي عدالتي آمريت ۾ عوامي مسئلن کي منهن نه ڏيئي سگهندو.
آخر ۾ ايتري اپيل ته بس هاڻي گهڻو ٿيو: چيف صاحب!
عمران دريش سومرو
Email: i_darvesh@yahoo.com