"جديد عالمي معلومات" ڪتاب تي هڪ نظر....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2020۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    "جديد عالمي معلومات" ڪتاب تي هڪ نظر.....!
    فقير محمد سنڌي.
    اراديءَ جي قوت انسان کي پنهنجي منزل تائين پهچائي سگھي ٿي. بس رڳو ان ۾ سستيءَ جو عنصر شامل نه هجي. مير هزار خان جکرو گھڻي وقت کان معلومات جي جھان ۾ رهيو آھي. ريڊيو پاڪستان جون گھڻيون اسٽيشنون هزار خان جکرو جي ذهن کي معلومات جي ڄاڻ مھيا ڪنڍيون رهيون آهن. مير هزار خان جکري ريڊيو پاڪستان جي آواز کي اتساھ طور محسوس ڪيو آهي ۽ ان معلومات کي ضايع ٿيڻ کان بچايو آهي. اها ئي بهترين ڪوشش آهي زندگيءَ جي جنهن هزار خان کي جديد معلومات جي صف ۾ بيهاريو آهي.
    "جديد عالمي معلومات" ڪتاب 288صفحن تي مشتمل آهي. جنھن ۾ اسلامي معلومات، پاڪستان جي باري ۾ معلومات، شخصيتن جي ڄاڻ سڄاڻ، ادب، سنڌ بابت ڄاڻ، سائنس، دنيا، ريڊيو ٽي وي ۽ فلمن متعلق ڄاڻ، رانديون، جاگرافي ۽ گڏيل معلومات شامل آهي. هن ڪتاب کي صديق حيدر ڪتاب گھر شڪارپور شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي والد محترم غلام نبي جکرو جي نانءُ ڪئي آهي. عالمي معلومات هڪ وسيع مواد آهي جنھن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو رهي ٿو. مير هزار خان جکرو اهو فرد آهي، جيڪو پنھنجي ماضي ۽ حال تي نظر رکي ٿو. گھڻا فرد پنهنجي صلاحيتن کي ختم ڪندا آهن ٿوري انا ۽ لاپرواهي جي ڪري، پنهنجي معلومات کي عوام تائين رسائڻ ۾ عيب سمجھندا آهن. زندگيءَ ۾ رڳو پنهنجي لاءِ جيئندا آهن، انهن فردن کي تاريخ ڪٿي به جاءِ ناهي ڏيندي، جن تاريخ کي سمجھيو آهي انھن کي تاريخ پنهنجي هنجهه ۾ جڳھ ڏني آهي. ڪتاب جديد عالمي معلومات جو پهريون سوال حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي آمد تي آهي. مير هزار خان جکرو اسلامي معلومات مان جيڪڏهن مستند معلومات حاصل ڪري ها ته ائين ڪڏهن به نه لکي ها ته، 9ربيع الاول سومر جو ڏينهن بمطابق 20يا22 اپريل 571ع، دنيا جا عالم جنهن تاريخ تي متفق آهن يا اختلاف آهي ته اُهي سڀ حوالا لکڻ بھتر عمل آهي. اسلام ڦھلجڻ کان پوءِ مديني ۾ مسلمانن کي يھودي ۽ منافقن سان منهن ڏيئڻ پيو، ڇو جو مذهبي طور تي اهي گروھ هر وقت سازش ڪندڙ هئا. اسلام وسيع معلومات رکندڙ دين آهي. قرآن شريف جو پهريون حافظ حضرت عثمان غني رضي الله تعالي عنه آهي. معلومات جي جهان ۾ مير هزار خان جکرو جي محنت قابل ديد آهي ،لکي ٿو ته ڪتاب جي پهرين اشاعت ۾ دنيا جي اندر بائبل کي پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. دنيا جھان ۾ ڪجھ عجيب ۽ غريب شيون فرد ۽ مقام موجود آهن، جن مان دنيا جا فرد اتساھ وٺن ٿا. دنيا ۾ اهڙا فرد به ٿي گذريا آهن جن ۾ نميبيا جو صدر سام نجوما 75 سالن جي عمر ۾ صدارتي عھدو ڇڏيو ۽ 21مارچ 2006ع کان پڙهڻ شروع ڪيو. اھڙا ڪيترائي مثال هن ڪتاب جو حصو آهن، جيڪي مقابلي جي هن جھان ۾ اسان سڀني لاءِ ڪارائتا به آهن. چيو وڃي ٿو ته "هن دنيا ۾ رحمدل جي عمر وڏي ٿيندي آهي، ان جا ڪيترائي سبب آهن. پر منهنجو تجربو اهو آهي ته :" هن دنيا ۾ تاريخدان موجود نه به هجي پوءِ به هو صديون زندھ رهندو آهي، ڇو جو مضبوط تاريخي ڪم انسان کي امر ڪري ٿو " اها به تاريخ آهي سنڌ جي سرزمين جي ته، حضرت شهباز قلندر جي مزار جي حاضري ڀرڻ لاءِ عقيدت طور ماڻهو پنهنجي ماڳ کان پيادل درگاھ تائين اچي پهچن ٿا. هن وقت دنيا جديد دور ۾ شامل ٿي چڪي آهي، پر ڪتابن جي اهميت به پنهنجي جڳھ تي جدت ماڻي ورتي آهي، آن لائين لائبريريون ۽ سوشل ورڪر ڪتابن کي عوام تائين رسائڻ ۾ ڪابه ڪثر ڪونه ڇڏي آهي. ان لاءِ دنيا اندر بهترين ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن جنهن ۾ بھترين ناولن جي اشاعت جاري آهي، شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪل ۽ ٻين صنفن تي شاعريءَ جا ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن ۽ ڪهاڻي جي ميدان ۾ تاريخي فلمون ۽ ڊراما پڻ رليز ٿي رهيا آهن. فنون لطیفہ تي ڪم ڪندڙن کي دنيا عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي، جڏهن ان هيڪڙائي واري مظھر تي نظر پوي ٿي ته سڄي ڪائنات جا تجلا هڪ سمجھيا وڃن ٿا.
    وحدت مان ڪثرت ٿي،
    وحدت ڪثرت ڪل.
    هڪ مان گھڻائي ٿي، انهيءَ گھڻائي جو ڪردار انسان ئي آهي. جيڪڏهن سماج ان گھڻائي واري ڪوشش کان پري ٿي ٿو وڃي ته سماج جو سونهون شاعر ٿو ٿئي ۽ اهو ان وارتا کي محسوس ڪري ٿو، جتي ڪاهلي آهي، شعور وندن کي زندگي ۽ محنت جو احساس هن ريت ڏياري ٿو.
    جي ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائيج.
    دنيا ۾ ٻيا به وڻ هزار آهن، چندن جو وڻ دنيا جي مهانگي وڻن ۾ شمار ٿئي ٿو، انسان ذهني تسڪين گلن مان حاصل ڪري ٿو، ڇو جو گلن ۾ خوشبوءِ ۽ حسن موجود آهي پر چندن جي ڪاٺي جي خوشبو اڃان اور آهي. اهڙيءَ ئي نموني قومن جو وجود تاريخ سان سلهاڙيل آهي. مبارڪون پياري هزار خان جکرو کي جنھن پنهنجي محنت، محبت ۽ ڪوشش سان "جديد عالمي معلومات" کي سھيڙ جو ڪم ڪيو آهي. جيڪي پل هوا ۾ وکري وڃن ها، اهي پل هزار خان تاريخي طور تي حوالي لاءِ نقش ڪيا آهن.
    تاريخ ته سچ کي سچ چوندي ۽ ڪوڙ کي چوندي ڪوڙ سدا،
    تاريخ نه بخشيو ڪنھن کي ڪڏهن ڀل جاني يا منٺار هجي.( منٺار سولنگي )
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو