ابراهيم لاشاري
سينيئر رڪن

گلاب جي گلن جهڙو شاعر شفيق الرحمن ڇٽو
ابراهيم لاشاري
پنهنجي سونهن ڀري سرزمين کي اعزاز حاصل رهيو آهي ته هن ڌرتي وقت به وقت عظيم انسانن کي پنهنجي ڪک منجهه جنم پئي ڏنو آهي اهڙي ريت سونهاري سنڌ جا سڀئي شهر ،وستي توڙي واهڻ علم جي اڪابرن معاشري جي عڪاسي ڪندڙ شاعرن ،اديبن سان ڀريا پيا آهن اهڙي ريت منهنجي جنم ڀومي واري جي دڙن سان منسوب ٿيل شهر (وارهه ) کي به اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته هن شهر سياسي ،توڙي سماجي ، ثقافتي ، مذهبي شخصيتن کي جنم ڏئي پنهنجي ڪردار کي هميشه نروار ڪرئڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي . اهڙين شخصيتن منجهان وارهه تعلقي جي ڳوٺ محمد هاشم ڇٽو جي مذهبي ديندار گهراڻي جي معزز شخصيت مرحوم غلام مصطفي ڇٽي جي گهر کان اڄ کان 22 سال اڳ نوجوان گلاب جي گلن جهڙي شاعر ،بهترين ڪردار ننيگر شفيق الرحمن ڇٽو (شفيق مصطفي ) جي نالي سان ٻارڙي ڇنڇر ڏهاڙي 17 آڪٽوبر 1998ع ڌاري جنم وٺي اکيون کوليون ، هن محنتي همٿ واري ٻارڙي جي والدين بچپن کان وٺي تربيت نهايت اعلي نموني جي ڪري پهرين ديني تعليم حاصل ڪرڻ واسطي وارهه شهر ۾ قائم مدرسي (مصباح العلوم ) ۾ داخل ڪرايوجتي هن وڏي ديني عالم علامه مير حسن بروهي صاحب جن جي شفقت سان هن مذهبي گهراڻي جي شفيق انسان پنهنجي رب سائين جي شفقت سان قرآن پاڪ جي تعليم وٺڻ ۾ محو ٿي ويو وڏي محنت سان ڪافي عرصو ٻين طالبن جي ڀيٽ ۾ سمورا درسي ڪتاب پڙهي پاس ڪيائين تنهن بعد هن سٻاجهڙي طبيعت جي مالڪ محنتي شفيق الرحمن ڇٽو کي والدين پنهنجي اباڻي ڳوٺ واري پرائمري اسڪول منجهه داخلا وٺي ڏني جتان هن جاکوڙي ڪردار مسلسل محنت جستجو سان پنج درجا پاس ڪري وارهه جي هائير سيڪنڊري اسڪول منجهه انگري تعليم پرائڻ جي شگف سان داخلا ورتي جتان هن ميٽرڪ جي تعليم سال 2014 ع ۾ سٺن نمبر ۾ پاس ڪري سند حاصل ڪري ورتي انهي عرصي دوران مسٽر شفيق الرحمن ڇٽي کي وري ديني علم پرائڻ جو شوق جاڳو انهي بهاني هن ڪراچي شهر ۾ قئم مدرسي ( بنوري ٽائون ) ۾ پڙهڻ واري ڪرت سان گڏ( ڪرڪيٽ راند )کيڏ جو شوق جاڳيو اهڙي ريت هن نوجوان انهي ديني تعليم منجهان هٿ ڪڍي ڪراچي شهر کي خير آباد چئي اچي وارهه ڀرسان پنهنجي ڳوٺ جي اڳيان قائم (ٿرڙي ڪرڪيٽ گرائونڊ ) تي رات ڏينهن ڪرڪيٽ جي راند کيڏڻ جي شوق سان جڪڙجي ويو هن ٿورڙي عرصي ۾ پنهنجي هم عمر ساٿين کان ڪرڪيٽ راند ۾ (ڇڪن ، چونڪن ) جي برسات سان سڄي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهداد ڪوٽ جي رانديگرن ۾ واهه جو نالو نروار ڪرايو، ڏينهنجي مئچ هجي يا نائيٽ ٽورنامينٽ شفيق مصطفي ڇٽو پنهنجي نرالي انداز سان (آل رائونڊر ) ٿي پنهنجي ٽيم کي ڪيترائي ڀيرا ويجهي شڪست کان پنهنجي ٽيڪنيڪل گر سان کٽرائي هميشه پنهنجو نمايا ڪردار حاصل ڪندو رهيو آهي شفيق مصطفي نوجوان ڪرڪيٽ راند کي پنهنجي زندگي جو مشغلو بڻائيندي تعليمي سلسلي کي پڻ جاري ساري رکندو پيو اچي پاڻ شفيق الرحمن ڇٽي 2016ع ۾ انٽر جو امتحان (اي گريڊ ) ۾ پاس ڪري وڌيڪ تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي مادري ملت سنڌ يونيورسٽي جي امتحاني (ٽيسٽ ) ۾ حصو وٺي بهترين اسڪور ڪري ( فزيڪل ايجوڪيشن ) واري ڊپارٽمينت حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا مگر سندس جي نصيب ساٿ نه ڏنو هن مايوسي جي بجاءِ محنت جستجو واري عمل منجهان هٿ نه ڪڍيا هن محنتي فرد سنڌ يونيورسٽي جي علم ادب واري ڊپارٽمينت کي پسند ڪري (سنڌي شعبو ) وڃي وسايائين جتي مسٽر شفيق ڇٽو نهايت محنت سان پڙهڻ سان گڏ ڪرڪيٽ راند وارو شوق به جاري ساري رکندو پيو اچي هن پنهنجي ڊپارٽمينت (سنڌي شعبي ) جو راندين واري ڀيٺ ۾ پڻ نالو روشن نروار ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي سنڌي شعبي سندس زندگي کي ئي بدلائي ڇڏي آهي ڇو جو سندس جي (دل نيهن جو ناتو ) ڪنهن سان جڙيو آهي مسٽر شفيق ڇٽو پنهنجي دل جي امنگ جو آواز شعر جي صورت ۾ ڪري عام خلق کي ٻڌائي ٿو پاڻ پنهنجي زباني چوي ٿو ته
عشق جي ڏيئي کي
هاڻ وساري نه سگهبو
پيار پنهنجي کي
وساري نه سگهبو
جڳ ۾ جيئنداسين ته
ڪنداسين توکي ياد او پرين
مري وياسين ته توکي گهرائي نه سگهبو
توکي هاڻي جانا وساري نه سگهبو
عشق جي ڏيئي کي هاڻي وسائي نه سگهبو
تنهنجون يادون مون لاءِ سهارو آهن
پاڻ کان هاڻ اهو وڃائي نه سگهبو
شفيق تو کان ڪيترو رهندو پري پرين
پنهنجو اهيو ارمان وساري نه سگهبو
مسٽر شفيق ڇٽو پنهنجي مسلسل جدوجهد تحت محنت ۽ وڏي حوصلي سان پنهنجي زندگي گذاريندو رهي ٿو هن ڪڏهن به همت ناهي هاري هو سنڌ يونيورسٽي جي هم ڪلاسي شاگردن کان پڙهائي ۽ زندگي جي ٻين ڪمن ڪارن ۾پڻ اڳ ڀرو نظر ايندو رهيو آهي هو ادبي سيمنار ، گڏجاڻين ، ادبي ڪانفرنس ۾ پڻ بهرو وٺندو رهي ٿو .هو وقت به وقت پنهنجي شاعري پنهنجي حلقي جي دوستن آڏو پيش ڪري داد حاصل ڪندو رهي ٿو سندس شاعري سنڌ جي مختلف اخبارن ، رسالن منجهه ڇپجندي رهي آهي پاڻ سنڌي شاعري جي صنفن ،غزل ، گيت ، وائي ، چئوسٽا ،بيت منجهه طبع آزمائي ڪندي نظر اچي ٿوپاڻ سنڌي توڙي اردو زبان منجهه پنهنجي ڏات دل جو خيال پيش ڪندي نظر اچي ٿو هو اردو شاعري منجهه واهه جو خيال پيش ڪري ٻڌائي ٿو
ميري طبعيت پوڇهني آئي ٿهي کيا
وه زخم پراني خروچني آئي ٿهي کيا
مين تو مر چکا تها کئي برس پهلي
اب ميري ميت کو چومني آئي تهي کيا
اب تو تيري صورت سي بهي ڊر لگني لگا
اب وه ميري تصوير مانگني آئي تهي کيا
سنني مي آيا هي اب شفي وه قبر پر
رو رو کر اب دعا ديني آئي تهي کيا
مسٽر شفيق ڇٽو هميشه تعليم دوست واري صفت سان سرشار نظر اچي ٿو هو عام خلق کي پنهنجي پيغام ۾ چوي ٿو ته پنهنجي ٻارڙن جي تعليم ڏانهن والدين توجهه ڏين تعليم ،محنت سان ئي هر شين ممڪن آهي وارهه واسي شفيق ڇٽو جي زندگي جو مقصد پڻ اعلي آهي پاڻ اعلي تعليم پرائي پنهنجي علائقي ۽ سنڌ واسين جي خدمت ڪرڻ جو جذبو جئ ۾ جڳايون پيو اچي پنهنجي زباني ڪهڙي نه سٺي ڳالهه ٿو ڪري شاعري واري زبان منجهه
رات تنهنجي ڳلن تي پيو ڳائجي
تون رسي جي وڃي تو کي پرچائجي
رات ڪاري وڃي نيٺ شل هي کٽي
هٿ هٿن تي رکي پاڻ سرچائجي
سرد موسم هئي ڪنهن ڪناري مٿان
پوءِ تو ريءَ ساگر سان پيو ڳالهائجي
هي بارش به ڪا اڌڙوٽ عورت لڳي
دل چيو ٿي کڻي هن سان دل لائجي
ها مون ۾ تون ستل شاعريءَ جي مثل
بيت تو تي لکي تو کي جاڳائجي
در کليل آ هميشه ته تو لاءِ شفي
ڇو نه ٿي ميزبان توکي ڪوٺائجي
پاڻ ڪجهه وقت اڳ والد جي وڇوڙي بعد مايوسي واري زندگي گذاري رهيو آهي سندس والد جي وڇوڙي کان بعد سڄو خاندان ڏک منجهه ورتل نظر اچي ٿو پاڻ اڄ پنهنجي زندگي جون(22جنم ڏهاڙو ) پنهنجي ڳوٺ منجهه پنهنجي گهر وارن پنهنجن دوستن سان ڪيڪ ڪاٽي ملهائيندو سندس جنم ڏينهن تي کوڙ سارا دوست ۽ گهر وارا مبارڪون پڻ چوندا ، منهنجي هن نماڻي پياري دوست مسلسل محنتي گلاب جي گلن جهڙي نوجوان شاعر لاءِ رب سائين در دعائون ته پنهنجي زندگي ۾ هميشه ڪاميابيون ماڻي پنهنجي ڏات سان ڏيهه جي ماڻهن کي سونهن بخشيندو رهي 616