جتڪي ٻولي

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2020۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪتاب ”جتڪي ٻولي“


    هيءُ ڪتاب ”جتڪي ٻولي“، هاڪاري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل آهي، جنھن ۾ مددگار طور منير احمد جَت جو نالو پهرئين صفحي تي ڄاڻايل آهي. ان ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2003ع/1424هه ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 500 جي تعداد ۾، 144 سنڌي ۽ 5 انگريزيصفحن تي مشتمل، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو.

    ھن ڪتاب ۾، ”جتن جي تاريخ، ان جي اصل نسل، جتڪي ٻوليءَ، ان جي گرامر، مقامي محاورن ۽ لغت“ جو مواد آندل آهي. متن کان اڳ، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي پاران ٻن صفحن تي مشتمل ”ناشر طرفان“ ۾، ٻولين جي ميل، ميلاپ ۽ اثر بابت، ڊاڪٽر ٻگهيو لکي ٿو: ”اڄ دنيا جي اڪثر سماجن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ٻوليون جڏهن ڪنهن سماج ۾ واپرائجن ٿيون، تڏهن هڪ ٻوليءَ جا لفظ، اصطلاح ۽ محاورا ٻي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيڻ لڳندا آهن ۽ ڪجهه حالتن ۾ هڪ يا ٻي ٻولي ۾ ضم ٿي، انهيءَ ٻوليءَ جا ٿي ويندا آهن. اهڙي طرح ٻولين جي لفظ خزاني ۾ واڌ ويجهه اچڻ سميت ڪيترين ٻولين جي هيئت، املا ۽ صورت ۾ پڻ فرق ايندو آهي ۽ ٻوليون تبديليءَ سان گڏ اوسر ۽ ترقي به ڪنديون رهنديون آهن.“(ص 5)

    ”ناشر پاران“ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ جو ٽن صفحن تي لکيل ”مهاڳ“ شامل آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي اڳ لکيل ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾، جتن جي حوالي سان لکي ٿو: ”’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ۾ واضع ڪيو ويو هو ته جتڪي ٻولي ’جتن بلوچن‘ جي قبائلي ٻولي آهي. سنڌ ۾ خاص طرح ميرجت قبيلا هي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ ان کي ’مير جتڪي‘ به سڏي سگهجي ٿو. مگر ڪڇ ۾ ’ٺٽيار جت‘ به ساڳي ٻولي ڳالهائين ٿا، انهيءَ ڪري هن ٻوليءَ کي جملي جت قبيلن جي نالي سان ’جتڪي‘ چوڻ مناسب ٿيندو. ’مير جتن‘ ۽ ’ٺٽيارن‘ کان سواءِ جتن جي ٻين نُکن پاڙن جي هن وقت عام ٻولي سنڌي آهي پر ان ۾ به سندن اصلي ٻولي ’جتڪي‘ جا ڪي الفاظ موجود آهن.“(ص 7) جتڪي ٻوليءَ بابت هُو وڌيڪ لکي ٿو: ”جتڪي، پيشي [ڪَم، ڌنڌي] جي لحاظ سان نه پر نسل جي نسبت سان جتن بلوچن جي ٻولي آهي.“(ص 8) ۽ جتن بابت سندس تحقيقي ڇنڊڇاڻ آهي ته: ”جتڪيءَ جا ڳالهائيندڙ سڀ جت بلوچ آهن جيڪي ٻين بلوچ قبيلن کان گهڻو اڳ ايران مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا ۽ اتان اڳتي ڪڇ تائين ويا.“(ص 7)

    ڪتاب جو متن، صفحي 9 کان صفحي 144 تائين پکڙيل آھي، جيڪو چئن ڀاڱن ۽ سلسليوار بابن ۾، هيٺينءَ ريت، ورڇيل آهي:

    ڀاڱو پهريون ”تاريخي پس منظر“: باب (1) جت بلوچ، تاريخ جي روشنيءَ ۾، باب (2) جت بلوچ- شاهه عبداللطيف جي نظر ۾، ۽ باب (3) جتڪي ۽ قديم سنڌي.

    ڀاڱو ٻيو ”جتڪي ٻولي جو گرامر“: باب (4) اسم، باب (5) صفت، باب (6) اضافت، باب (7) ضمير، باب (8) عدد: واحد ۽ جمع، باب (9) حرف جر، باب (10) استفهام، باب (11) فعل، ۽ باب (12) زمان.

    ڀاڱو ٽيون ”جتڪيءَ جا مقامي محاورا، لهجا ۽ ڳالهه ٻولهه“: باب (13) جتڪيءَ جا مقامي محاورا ۽ لهجا، ۽ باب (14) ڳالهه ٻولهه.

    ڀاڱو چوٿون ”جتڪي-سنڌي لغات“.

    باب پهرئين ”جَت بلوچ، تاريخ جي روشنيءَ ۾“ ۾، ڊاڪٽر بلوچ تاريخي تناظر ۾، جت قبيلي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، جنهن ۾ هُن امير حمزه جي اولاد مان جتن جي هجڻ جِي روايت به بيان ڪئي آهي، بلوچن ۾ جتن بابت روين جي نشاندهي به ڪئي آهي، جتن جي ٻين سڏجندڙ نالن جاٽ، جَٽ ۽ ڄَٽ کي به ڇنڊڇاڻ هيٺ آندو آهي ۽ ٻيو به بيان قلمبند ڪيو آهي، پر ان تفصيل ۾ ڪيئي مونجهارا ۽ بيان جا ٽٽل سلسلا پڻ نظر اچن ٿا ۽ اهو محسوس ٿئي ٿو، ته سڄو زور ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ تي ڏنل آهي ته جَت بلوچن مان آهن. مثال طور هڪ ذيلي عنوان ”جت بلوچ تاريخ ۾“ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو: ”تاريخي حوالن توڙي لغت جي اعتبار سان، ’جَت‘ لفظ فارسي آهي. اصل ۾ اهو لفظ ’جُفت‘ هو، معنى جوڙيوال، جوڙ ۽ ساٿي. ان دَور [؟] کان وٺي انهن قبيلن جو پيشو اُٺ پالڻ ۽ لڏڻ ۽ اُٺن جا قافلا ڪاهڻ رهيو [ڀيٽجي: مهاڳ ۾ مٿي آندل بيان سان]. مصنف مقدسي ويندي 5-صدي هجري ۾ بلوچن جو ذڪر ڪري ٿو جن وٽ جماز (اٺ) آهن. اٺ سان گڏ هئڻ ۽ پڻ مسافر سان اٺ تي جوڙ جُفت هجڻ جي ڪري، ايرانين هنن کي ’جفت‘ سڏيو. وقت گذرڻ سان، اهو لفظ قبيلي جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ (ف کان سواءِ) هلڪي اچار سان ڦِري ’جُت‘ ٿيو. قبل از اسلام واري دور ۾ جڏهن هو سنڌ ۾ آيا ۽ آباد ٿيا ته سندن نالي وارو لفظ ’جُت‘ سنڌيءَ ۾ رائج ٿيو ۽ اڃان تائين رائج آهي.“(ص 12) [’جُت‘ رائج آهي ته ’جَت‘ ڇو ٿو سڏجي؟]

    باب ٻئي ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي مان؛ ”جَت ۽ ٻروچ ساڳي ڳالهه، جَت ۽ ڪيچي ساڳي ڳالهه، جَت پنهون ساڳي ڳالهه، بلوچ-ٻروچ ۽ جَت ساڳي ڳالهه“ جي عنوانن تحت بيت ۽ مصرعون ڏنيون ويون آهن. مثال طور:

    ووڙيم سڀ وٿاڻ، جارَ ڪارڻ جَت جي،

    سڀ ۾ پنهون پاڻ، ٻئو ناه ٻروچ ري.

    باب ٽئين ۾، جتڪي ۽ قديم سنڌي ٻوليءَ بابت ويچار ونڊيل ۽ مثال آندل آهن. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو: ”جت-بلوچن جي ٻولي ’جتڪي‘ ۾ ’قديم سنڌي‘ جي خاڪي جا وڌيڪ اهڃاڻ موجود آهن. سٽاءَ جي لحاظ سان، ’جتن جي ٻولي‘ ۽ ’موجوده سنڌي‘ ۾ ايترو فرق ڪونهي، مگر ’جتڪيءَ‘ ۾ ڪي خصوصيتون باقي آهن جيڪي غالباً ’قديم سنڌي ٻولي‘ جي آثارن ۽ اهڃاڻن جون يادگار آهن.“(ص 34) اهڃاڻ آهن، فرق ڪونهي، خصوصيتون به آهن، پر ٻولي الڳ ۽ نسلَ بلوچ جي، ۽ جَتُ لفظ فارسيءَ مان جُڙيل، ۽ جتَ ايرانَ مان هجرت ڪري آيل [مهاڳ ۾]! هِن ڪتاب ۾، ”جتڪي ۽ بلوچي“، ”جتڪي ۽ فارسي“ عنوانن هيٺ، تقابلي اڀياس پڻ شامل ٿيڻ گهرجي ها.

    ڪتاب جو ڀاڱو ٻيو، گرامر جي مطالعي تي آڌاريل آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي.

    ڀاڱي ٽئين ۾، ڳوٺ گولي (گولو) ميرجت، ڳوٺ بهار خان ميرجت ۽ ڳوٺ سکيي (سکيو) ميرجت ۾، لهجي جي فرق جا ڪي مثال آندا ويا آهن. گڏوگڏ ڪڇ ۽ سنڌ جي جتڪي ۾ فرق سميت اتر ۽ وچولي سنڌ جي جتڪيءَ ۾ فرق وارا ڪي لفظ ۽ جملا به ڏنا ويا آهن ۽ ڳالهه ٻول به لکي وئي آهي.

    پڇاڙڪو چوٿون ڀاڱو ”جتڪي-سنڌي لغت“ تي، ٻن ڪالمن ۾ ۽ 26 صفحن تي، مشتمل آهي، جو دلچسپيءَ وٽان آهي ۽ جنهن منجهان سندن اچارن جي فرق جي سڌ به پوي ٿي. ان لغت جي الف-بي وار ترتيب ۾ ڪي بي ترتيبون ٿيل آهن.

    انگريزي صفحن ۾، ٻن صفحن تي مشتمل ڊاڪٽر بلوچ جو لکيل ”Preface“ (پِرِيفيس) ڏنل آهي.

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو، منير احمد ميرجت جي سهڪار سان لکيل، هيءُ ڪتاب ”جتڪي ٻولي“، ان موضوع تي، سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ ابتدائي مطالعو آهي، جيڪو جتڪي ٻوليءَ/لهجي سميت جتن جي قبيلن بابت وڌيڪ ڄاڻڻ جو اتساهه پيدا ڪري ٿو.
     
    سنڌي فقير محمد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو