زيب مغيري جي شعري مجموعي نظر لڳي وئي جو جائزو!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2020۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    زيب مغيري جي شعري مجموعي "نظر لڳي وئي" جو جائزو.....!
    فقير محمد سنڌي
    تنھنجا روپ پوپٽ جھڙا،
    تنھنجي ٻولي ڪوئل وانگي،
    تون ڏاڍو وڻندو آھين،
    بخاري جي ته غزل وانگي.
    ارسطو جي چوڻي آهي ته : "شاعري سڀني لکڻين کان وڌيڪ حڪمت واري شيءَ آهي " اهڙي دلي اظهار جي رستي تي زيب مغيري به آهي.شعري گٽڪو "نظر لڳي وئي" زيب مغيريءَ جي احساسن جو مختصر دستاويز آهي. ڪائنات ۾ عشق پاڻ کي ڪنھن به ڪنڊ مان پاڻ پسائي سگھي ٿو. شاعريءَ ۾ جيڪي احساس اڻجن ٿا اهي پاڻ سان گڏ سماج کي اتساھ ڏئڻ جو بهترين واٽ جو رومانوي طريقو آهي. ڏسو زيب مغيري جي شعر جا ڪجھ بند.
    سنگدل ٿيندا وڃن ٿا ماڻهو،
    روز بدلجندا وڃن ٿا ماڻهو.
    -زندگي رُلي وئي توسوا،
    ھر خوشي رُلي وئي تو سوا.
    تو سوا نه قرار اکين کي،
    تنھنجو انتظار اکين کي.
    توکي ته ڏسي اڄ ٺرنديون،
    اچ ڪراءِ ديدار اکين کي.
    اندر جي پيڙا جا احساس دنيا جا ڪوٽ قلعا به پار ٿي ڪري قافليءَ جي صورت ۾ زيب مغيري جي من ۾ آستانو بڻائي ٿي.ڪٿي عشق استاد بڻجي ٿو، ڪٿي عشق باھ بريءَ ۾ ٻري ٿو، احساس جا رستا به ڪٿي سڙي ٿا پون ۽ ڪٿي عشق عاشق کي غازي ٿو بڻائي.
    يادن مچايو شور جيون ۾،
    اداسي جو ويٺو مور جيون ۾.
    ڪتاب "نظر لڳي وئي "بخاري پبليڪيشن لاڙڪاڻو جواٺون هون ڪتاب آهي. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر سيد مدد علي شاھ منظر لکيو آهي. "لکي ٿو ته :"هن دور ۾ هر هڪ ماڻهو پنهنجي پنهنجي مفاد جي پٺيان تيز وکن سان ڊوڙيندي ٻئي کي نقصان پهچائيندو رهي ٿو، ايستائين جو اسان جي ان نيت جي خرابي جي ڪري سنڌو ندي به اڃ جو شڪار بڻجي وئي آهي.". ڪتاب" نظر لڳي وئي" ۾ غزل، وايون، گيت ،پنجڪڙا ۽ چوسٽا شامل آهن. ڪتاب جي ارپنا، شاعر پنهنجي ابي ۽ امڙ جي نالي ڪئي آهي. اولاد ڪائنات جو حسن آهي، باغ جو حسين ميوو اولاد آهي. جتي اولاد صالح آهي ان باغ ۾ هر ٽاري خوشي مان مهڪندي آهي. شاعر جي نظر ۾ منظر هوندا آهن اهي منظر شاعر جي لفظن سان ڳالھائيندا آهن.
    وڻن ۾ ٿي خوشي آهي اڄ،
    گلن ۾ ٿي خوشي آهي اڄ.
    هن جي ته اچڻ سان هاڻي،
    تن ۾ ٿي خوشي آهي اڄ.
    توکي ڏسڻ سان منهنجو هانءُ پيو آ ٺري،
    مرڪي ملندين ته درد سڀئي ويندا لھي.
    ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته : آرزو ڪڏهن به پوري نه ٿيندي آهي، ڇا ڪاڻ ته اها انسان کي زنده رکندي آهي، جيڪڏهن اها پوري ٿي وڃي ته انسان ڪيئن جي سگھندو؟.
    زيب مغيري جي وائي ڏسو!
    اداس ٿي ويا،
    رات جا تارا، توبن پيارا.
    کائڻ اچن ٿا،
    در دريون جارا، توبن پيارا.
    گل پوپٽ هوا،
    آهن منجھارا، توبن پيارا.
    ڪتاب نظر لڳي وئي جو بيڪ ٽائٽل ناليواري شاعر مشتاق بخاري لکيو آهي. لکي ٿو ته :"زيب جي شاعريءَ ۾ سماجي عڪسن جا اولڙا به آهن ته پيار، محبت جا منظر به سمايل آهن. زيب جي شاعريءَ ۾ ناانصافين خلاف آواز به بلند ٿيل آهي ته سانگين سان سڪ جا رشتا ناتا نڀائڻ جا نرالا انداز به آهن ".
    زيب مغيريءَ جي زندگيءَ جي احساسن مان هيءُ به ڪجھ آهن،جيڪي گيت جي صورت۾ آهن.
    اتر واءُ وريا، هلي آ هيل تون،
    سَرَ ڀي نسريا هلي آ هيل تون.
    ساريون پڪيون لابارا ٿي ويا،
    ڍويون ٿيون لابارا ٿي ويا.
    ڄاڻ ڳاھ ٿيا هلي آ هيل تون.
    زيب مغيريءَ جو مٿيون گيت جو حصو موسم، هارپ ۽ جذبن جي مڪمل عڪاسي ڪري رهيو آهي.
    تنوير عباسي جون سٽون ٿيون ياد اچن ته :-
    تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان،
    تنهنجو ديدار ڪرڻ ٿو چاهيان.
    توسان مان عشق جو اظهار ڪري،
    تنهنجي حيراني ڏسڻ ٿو چاهيان..
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو