محمد خان زرداري جي مرتب ڪيل ڪتاب، سرها گل ساڻيھ جا ،جو سرسري جائزو.

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2020۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    محمد خان زرداري جي مرتب ڪيل ڪتاب، "سُرها گل ساڻيھ جا "جو سرسري جائزو.....!
    فقير محمد سنڌي
    ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻي آهي ته :" تاريخ جو پيغام اهو آهي ته عوام تي ويساھ رکو ۽ انھن جي آجپي ۽ برابريءَ لاءِ ڪم ڪندا رهو، ﷲ جي جنت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي ۽ سياست جي جنت عوام جي پيرن هيٺان آهي." محمد خان زرداري سنڌي ادب جو اهو گل آهي جنھن سدائين تاريخ کي پنهنجي محنت سان سهيڙيو آهي. جا سھيڙ اسلامي معلومات، تاريخ، جاگرافي، ليکڪ، اديب ،شاعر ،فنڪار ،ٽي وي، ريڊيو، فلمون ۽ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي زندگيءَ بابت آهي. ايتري ڄاڻ مھيا ڪرڻ آسان ڪم ڪونھي، ان لاءِ مرتب کي گھڻا مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو. اسلامي معلومات ۾ تمام گھڻيون هستيون آهن، جن پنهنجي زندگيءَ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. محمد خان زرداريءَ تاريخ کي مختصر طور سوالن جوابن ۾ پيش ڪيو آهي، جيئن هر ذهن کي تاريخ جي آساني سان پروڙ پوي.
    "هي لفظ ڪھڙي بزرگ پنهنجي مريد کي فرمايا ته نه تون ڪعبو نه تون قبلو جو رهين منجھ سجود"؟ ان جو جواب شاھ خير الدين سکري آهي. وري اهڙو ئي سوال مرشد کان مريد به ڪري ٿو. هيءَ دنيا محنت جي آهي، هي لفظ شاھ خير الدين سکر واري کي مريد چيا ته :
    ڪوھ ڪندو قبلو، جن سڃاتو ﷲ،
    پرين اسين پاڻ، نه ڪريون سجدو ڪنهن کي.
    سنڌ جي سر زمين تي مالڪ هر ويل مهربان ئي رهيو آهي. علم، ادب ۽ معرفت جا ڏيئا سنڌ جي سرزمين کي جهجهي انداز ۾ مھيا ڪيل آهن. انهن ۾ سيد حسين شاه مراد شيرازي به پڻ هڪ آهي، جنھن ڏهن سالن جي عمر ۾ جامع مسجد ٺٽي جي ممبر تي قرآن مجید ۽ حديث مان واعظ فرمائيندا هئا. ننڍي کنڊ ۾ اڄ تائين تصوف جي بنيادن تي عمل ٿي رهيو آهي، جنھن ۾ شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت شامل آهن. ابو بڪر شبلي، حسين بن منصور حلاج کان وٺي تصوف جي پرچارڪ سنڌ ۾ حضرت قلندر لعل شهباز، شاھ عبداللطيف ۽ سچل سرمست ۽ اڄ تائين انهن جو فيض جاري آهي. محمد خان زرداري بابت وفا حسين علي شر لکي ٿو ته :"انسان هميشه نواڻ طرف وڌڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهي ٿو. هڪ سٺو اديب، محقق ۽ تخليقڪار اهو ئي چاهيندو آهي ته هو پنهنجي تخليق ۾ نوان رنگ سموئي سڀ کان خوبصورت تخليق پنهنجي ديس جي پڙهندڙ تائين پهچائي "اهڙي ڪوشش ۾ واقعي محمد خان زرداري گھڻي حد تائين ڪاميابي به ماڻي آهي. ڪتاب" سرها گل ساڻيھ جا "ڄاڻ جو خزانو آهي جنهن ۾ دنيا جھان جون خبرون چارون آهن. اولياءَ ﷲ جون ڪرامتون آهن، تبليغ جا حسين واقعا به آهن جيڪي تصوف لاءِ سنڌ جي ڪامل ولينن رات ڏينھن هڪ ڪري خدمتون ڪيون آهن. شاھ سائين سنڌي ٻوليءَ جو اهو عظیم شاعر آهي. جنهن جي رسالي جي ڪري اڄ به سنڌي ٻوليءَ جو ڳاٽ اونچو آهي. لطيف سائين هن دنيا کي مانجهاندي جي ماڳ سان تشبيھ ڏني آهي. هن گلستان سان هر ڪنهن عشق جون ڳالهيون ڪيون آهن. لطيف سائين جي نظر۾ عشق ائين هن ريت آهي.
    عشق نه آهي راند، ته ڪِي ڪنس ڳڀرو،
    جِيَ جُسي ۽ جان جي، ڀَڄي جو هيڪاندِ،
    سِسي نيزي پاند، اُڇل ته اَڌ ٿئي.( شاہ سائين ).
    اهو به عشق هو جنهن پرڏيهي محقق کي لطيف سائين کي سائنسي انداز سان پرکڻ تي مجبور ڪيو. ايڇ. ٽي - سورلي انگريزي ٻوليءَ جو ماهر هو، جيڪڏهن هو لطيف سائين کي عشق جي نگاھ سان نه ڏسي ها ته اڄ دنيا ۾ ايتري سگھاري ناوَ مشھور نه هجي ها. ڪتاب تي ٻه اکر ناليواري براڊ ڪاسٽر مسرت علي منگيءَ لکيا آهن لکي ٿو ته :"اڄ جي تيز رفتار ۽ جديد دور ۾ پنھنجو پاڻ مڃرائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. تعليمي ادارن ۾ داخلا کان وٺي سرڪاري يا خانگي ادارن ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ مقامي توڙي ٻين الاقوامي سطع جي ڄاڻ هئڻ لازمي آهي ۽ اهڙو ئي ڪم محمد خان زرداري ڪافي عرصي کان ڪندو پيو اچي. " 296 ورقن جو هي ڪتاب گنج بخش ڪتاب گھر حيدرآباد، شايع ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب ليکڪ پنهنجي مرحوم ڀاءُ پير بخش زرداري جي نانءُ ڪيو آهي، جيڪو 26مارچ 2017ع تي رب پاڪ کي پيارو ٿي ويو. ڪتاب جو بيڪ ٽائٽل ناليواري براڊ ڪاسٽر سرفراز خان لغاري لکيو آهي، لکي ٿو ته :" محمد خان زرداري جو خاص موضوع حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي آهي. ان سلسلي ۾ سندس ترتيب ڏنل ڪتاب،" لطيفي رنگ رهاڻ، " لطيف مڻيادار موتي" "موتي جي مهراڻ جا "مهراڻ ڪوئز "" مهراڻ عالمي معلومات حصو پهريون ۽ ٻيو ڇپجي چڪا آهن. هي ستون ڪتاب "سرها گل ساڻيھ جا" شامل آهي. 13 ڊسمبر 2018ع تي ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاھ جي 10هين سالگره جي موقعي تي کيس لائف ٽائيم اچيو مينٽ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي". آخر ۾ محمد خان زرداري لاءِ وفا ناٿن شاهي هيءُ سٽون ته :
    ڪنھن کان مختلف، فلسفو عشق جو،
    ڪنھن کي شايد، پتو ڪونه پيو عشق جو.
    ڪوئي مرڻو هجي، ڪوئي پرڻو هجي،
    ذڪر ٿيندو رهي ٿو، رڳو عشق جو..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو