ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻاروتڻ جي يادگيرين جو ڪتاب، منھنجو ننڍپڻ جو سرسري جائزو.

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2020۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻاروتڻ جي يادگيرين جو ڪتاب "منھنجو ننڍپڻ جو سرسري جائزو.....!
    فقير محمد سنڌي
    زندگيءَ جي شروعات ٻاروتڻ سان ٿئي ٿي، ڪنھن ٻار جو ٻاروتڻ حسين هوندو آهي، ڪنھن جو وري وچولو هوندي آهي ۽ وري ڪنھن جو ٻاروتڻ خوشحال هوندو آهي. انھن سڀني خوبين ۾ ٻار ته ٻار ئي هوندي آهي. ٻار جون خواهشون ۽ صلاحيتون به ان جي عمر جي ذهن مطابق هونديون آهن پر ان صلاحيتن کي اڃان وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۾ ماءُ پيءُ جو اهم ڪردار هوندو آهي. اهڙو ڪردار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي ٻاروتڻ ۾ مليو آهي جنھن جي ڪري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هن وقت جنھن مقام تي آهي اهو سندس والدين ۽ پنهنجي صلاحيتن جي ڪري آهي.
    خليل جبران جو خيال آهي ته :" توهان پنھنجن ٻارن کي جيتري محبت ڏئي سگهو ٿا ڏيو، مگر پنھنجو تخيل نه، هر ٻار پنھنجو تخيل پاڻ سان گڏ آڻيندو آهي". ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۾ جيڪا تخيل جي سگھ آهي اها سندس مالڪي حقيقي طرفان عطا ٿيل آهي. جنهن جي بنياد تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هر شيءَ کي آئيني وانگر پسائي ٿو، آئينو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي ان لاءِ ٻار کي معصوم سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻار جي معصوميت کان والدين ۽ استاد ڪڏهن به مايوس نه ٿيندا آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ڪتاب،" منھنجو ننڍپڻ" منهنجي سامهون آهي جنھن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جون ٻاروتڻ واريون يادگيريون آهن. هاڻي سوال مونکان بار بار پڇي رهيو آهي ته ٻار لاءِ نظم، ڪھاڻيون، ڊراما، ڪارٽون، ٽيبلوز ۽ آکاڻيون ته موجود آهن پر سنڌي ادب جي نثر ۾ ٻاروتڻ جون يادگيرين جو هيءُ پھريون ڪتاب آهي، جنھن کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ترتيب ڏنو آهي. ٻارن جي ذهني نشمونماءَ لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال نظم جي صورت ۾ پاڻ موکيو آهي پر نثري حوالي کان سڀني شعور وندن کي سڄاگ پڻ ڪيو آهي. منھنجو ننڍپڻ ۾ سڀ روايتي ڳالھيون پيش ڪيون آهن، ڪافي اهڙيون ڳالهيون هونديون جنهن کي ڊاڪٽر پسي پردا به رکيو هوندو پر ٻاروتڻ جي نثري پاسي جو آغاز ڪتابي صورت ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي پاسي آهي. ڪتاب "منھنجو ننڍپڻ" يادگيريون سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي ارپنا، ليکڪ پنهنجي شاعريءَ جي استادن، محمد خان غني( محمد خان ميمڻ ٽکڙائي ) پروفيسر بلاول پرديسي ۽ سڀني استادن جي نانءَ ڪيو آهي. ادارو غلام مصطفي سولنگي لکيو آهي، لکي ٿو ته :"پنهنجي ننڍپڻ جو ذڪر گھڻن ماڻهن ڪيو آهي پر سنڌي زبان ۾ ننڍپڻ جي يادن تي مشتمل هي پھريون ڪتاب آهي.اهڙي طرح ٻين ٻارن ليکڪن کي به پنهنجي ننڍپڻ جون يادگيريون لکڻ گهرجن".
    منھنجو ننڍپڻ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لکي ٿو ته :"مون کي پنهنجي ننڍپڻ جو اهو دور چٽي طرح ياد آهي جڏهن گھر جي اندر ۽ٻاهر اسان دادا مدن لعل جي ٻارن سان گڏجي کيڏندا هئاسين. صحفي 23 هين تي لکي ٿو ته ان زماني ۾ هڪ ڪلاس ۾ هڪ ٽيچر هيو جيڪو سڀ سبجيڪٽ پڙهائيندو هيو، اڄ به پرائمري اسڪولن ۾ هڪ ئي استاد ٿئي ٿو، جيڪو سڀ سبجيڪٽ پڙهائي ٿو جنهن کي ڪلاس ٽيچر چيو وڃي ٿو.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو ته : مون بنا وڌاءُ جي ۽ بنا ڪنھن ٽارگيٽ ۽ گلا جي، جيئن جو تيئن بيان ڪيو آهي. مان پڪ سان سمجھان ٿو ته پنهنجي نوعيت جي هن ڪتاب کي پسند ڪيو ويندو ۽ برادرم غلام مصطفي سولنگي جي هن ايجاد کي ياد ڪيو ويندو.
    31صحفي تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي يادگيريءَ لکي ٿو ته :اسڪول ۾ ٻه وقت انتهائي اهم ۽ رونق وارا هوندا هئا، هڪ اسيمبلي جو وقت جتي سڀ قومي ترانو پڙهندا هئا، ٻيو رسيس جو وقت جتي گهنڊ لڳڻ کانپوءِ ڪلاس مان ٻاهر نڪرڻ ۽ ڊوڙي اچڻ جي ريت به هئي ته روايت به جو هر ٻار پنهنجي خرچي جي آڌار تي شيون وٺندو هيو.
    ڪتاب جو مهاڳ ناليواري براڊ ڪاسٽر ۽ ليکڪ نصير مرزا لکيو آهي،لکي ٿو ته : "ذوالفقار جي ننڍپڻ جون اهي سڀ سلڇڻايون برحق ۽ راندين جا شوق به سچا، پر هن جي وجهه شھرت ته شاعري آهي ۽ اها هن کي ڪٿان پلئه پئي، ته هن ڪتاب ۾ ذوالفقار ان جو اتو پتو به اسان کي هن ريت ڏنو آهي. عبرت اخبار جي ٻارن واري صفحن ۽ هلال پاڪستان جي گلن جھڙا ٻارڙا تنظيم ۽ هفتي واري صفحن مان اتساھ وٺي اسڪول جي زماني کان مون ٻارن لاءِ لکڻ شروع ڪيو هيو ".
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو ته :" اسان واري دور ۾، نه ڪا پيءَ جو رواج هيو نه سفارش جو ڪوئي سلسلو هلندو هيو، اسان جا وڏا ۽ والدين ان کي عيب سمجھندا هئا ته هو ٽيچر کي ٻار جي سفارش يا پارت ڪن. هو پنهنجي لاءِ پنهنجي اولاد لاءِ ان کي عيب سمجھندا هئا "اهڙي طريقي سان روايتي شين جو ذڪر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي يادگيرين ۾ ڪيو آهي، جيڪي هن وقت به اهي شيون شاگردن کي ٿوري گهڻي هنڌ ملن ٿيون. ڏاند گاڏي، ٽانگي، گھوڙي سواري، رڇ بڇ ۽ عام راندين جو ذڪر ٿيل آهي. اتي لکڻ پڙهڻ جو ذڪر به هن ريت ڪري ٿو." محمود يوسفاڻي گلن جهڙا ٻارڙا ۽ پرواني ڀٽي ٻارن جي ٻاري ٺاهي ٻارن جي ٻاري ۾ جتي ٻيا ڪيترائي ميمبر هئا. اُتي عبدالسبحان ميمڻ جيڪو بعد ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ٿيو اهو به شامل هوندو هيو ان تنظيم جي هڪ گڏجاڻي لاڙڪاڻي ۾ ٿي جنهن جو مان سکر ڊويزنل انچارج هوندو هيس ان ۾ پرواني ڀٽي صاحب کان علاوه سبحان ميمڻ به آيو هيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٻارن جي ٻاري هڪ نشست ٿي هئي ". زندگيءَ جو هر پل انسان جو سرمايو آهي ان سرمائي کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي ننڍپڻ جي يادن کي تاريخ جو حصو بڻايو آهي.
    64 صفحن واري ڪتاب جو بيڪ ٽائٽل سنڌ جي ناليواري شاعر اياز گل لکيو آهي. "ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي ڪير نه سڃاڻي؟ هي سنڌي ادب ۽ خاص طور تي سنڌي شاعريءَ جو ڄاتل سڃاتل نالو آهي. سندس شمار سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ننڍپڻ جي يادن، تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل ڪتاب پڪ سان هڪ نئين انداز جو دلچسپ ۽ وڻندڙ ڪتاب آهي، جنھن کي ٻار ضرور پيار سان پڙهندا ۽ هينئين سان هنڊائيندا".
    آخر ۾" رسڪن" جي چوڻي ٿي ياد اچي :" پنهنجي اولاد کي ايمانداريءَ جو پهريون سبق ڏيڻ ئي ان جي تعليم ۽ تربيت جو آغاز آهي ".


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو