ڪتاب "تاريخ جو منظر ۽پس منظر" تي هڪ نظر....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2020۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪتاب ”تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر“ تي هڪ نظر
    باغي بلوچ
    سنڌي ادب ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ فقير محمد سنڌي جو نالو ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، سندس شخصيت جا ڪيترائي حوالا آھن. پاڻ ناميارا شاعر، ڪهاڻيڪار، ريڊيو ڪمپيئر، صحافي، محقق ۽ مترجم آھن.
    فقير محمد سنڌي 9 ڪتابن جو مصنف آھي. سندس ڪتاب جو وچوڙ هن ريت آهي " وچن وفا جا " شاعري 2004ع ”"جاني جيون جوڙ 2008ع، شاعري ، قلمڪار ڪوي( گڏيل شاعري ), 2009، عظیم هستين جا عظيم قول2011ع ، گڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو( فن ۽شخصيت حفيظ کوھارو )، سنڌ جي تاريخ، سهيڙيل تاريخ وار،2013ع ،تاريخ جو قديم هڪ ورق( جي ايم رئيساڻي جي زندگيءَ بابت )،سونهن سمبارا“ريڊيو اسڪرپٽ 2016ع۽ تاريخ جو منظر ۽پس منظر 2020ع شامل آهن. جيڪو سنڌي ادب ۽ عالمي معلومات 365 ڏينهن ( ٻارنهن مهينن) تي تاريخ وار سهيڙيل ان نوعيت هي ٻيو ڪتاب فقير محمد سنڌي ترتيب آھي.
    تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر ڪتاب پڙهندي ليکڪ جي ڪيل ڀرپور محنت نظر اچي ٿي. کيس هن تاريخي ڪتاب کي سهيڙڻ لاءِ ليکڪ کيرون لهڻو.
    فقير محمد سنڌي جون ڪجھ سٽون ياد اچن ٿيون ان ۾ به حوصلي ڳالھ آساني سان ڪري ويو آهي.
    پرين اوهان لاءِ حوصلا سڀ بلند آهن ،
    پيار وارا هي سلسلا سڀ بلند آهن.
    ملن کڻي جي سوين سزائون وچن وفا جا ،
    نڀائبا ،ساڻ ولولا سڀ بلند آهن.
    ڪتاب ” تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر “ فقير محمد جي وسيع معلومات ۽ اڻ ٿڪ محنت جو چٽو مثال آهي، ڇو ته تحقيق هڪ وقت طلب ۽ ٿڪائيندڙ پهلو آھي، پر فقير محمد مستقل مزاجي ۽ اڻ ٿڪ محنت سان ثابت ڪيو آھي ته هو ادب جي دنيا جو آلرائونڊر آھي.
    ڪتاب” تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر “ پڙھندي معلوم ٿئي ٿو ته ليکڪ جي تاريخ تي گهري نظر آھي، تڏهن ئي ته ههڙو شاندار ڪتاب لکي سگهيو آھي. هي ڪتاب ادب جي شاگردن سميت جنرل ناليج ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ انتهائي ڪارائتو آھي.
    فقير محمد گهٽ مالي وسائلن باوجود ادب جي واڌاري لاءِ جيڪي ڪوششون ڪري رهيو آھي اهي ساراھ جوڳيون آھن.ڪتاب تاريخ جو منظر ۽پس منظر جو انتساب، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، زرار پيرزاو ،قاضي عابد، نعيم سنڌو، صاحب خان ڀٽي ۽ آزاد مجتبي گهانگهري جي نانءُ ٿيل آهي. ڪتاب ۾ اعجاز سولنگي، عيسي ميمڻ ۽ ثناءُ ﷲ عتیق جا تاثرات آهن.
    استاد بخاري اهڙن ماڻهن لاءِ ته لکيو آھي:
    جو قوم جيئاري اهو جيئندو رهندو،
    جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو،
    مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آھي،
    جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.. (استاد بخاري).
    [​IMG]
     
    گلاب خان انڙ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو