ممتاز بخاري جي ناول ”تنهنجو انتظار ڪرڻو آهي“ تي تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    ممتاز بخاري جي ناول ”تنهنجو انتظار ڪرڻو آهي“ تي تبصرو

    مير منصور مڱريو

    ممتاز بخاري سنڌي ادب جي فڪشن ۾ اثرائتو ۽ پُختو ڪردار آهي. پر سندس نئين ناول "تنھنجو انتظار ڪرڻو آهي" جي ڪردارن کي فڪشنائيز ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ڏِسجي ٿو. توڙي جو ناول جي ڪهاڻي، پلاٽ ۽ خيال جي اڻت ڪمال جي آهي. پر هيرو جو ڪردار protagonist ادا ڪندڙ لطنور سمجھ کان بالاتر ۽ complex ڪردار آهي...

    1. ناول سوشو اسپريچوئلزم socio-spiritualism جي پسمنظر ۾ اڻت ٿيل ڪهاڻي آهي، جيڪا پنهنجي گهاڙيٽي ۾ سوشو اسپريچوئلزم گهٽ Absurd Theatre وڌيڪ لڳي ٿي. ڪهاڻي جو مک ڪردار لطنور پاڻ پروڙڻ واري فلسفي جي پوئلڳي ڪندي دنيا ترڪ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ آهي.
    2. پاڻ پروڙڻ وارا نفيس انسان ڪنهن جيت جڻيئي کي به تڪليف ڏئي ناهن سگهندا. لطنور چوڏهن سال پنھنجي گهر واري رُباب کي جنهن سان پرڻو ٿيئي ڏهن ڏينهن به مس گذريا آهن ان کي ڇڏي وڃي برپَٽ وسائي ٿو. ڪا مجبوري يا نوبل ڪاز به گهر کي ڇڏڻ جو ناهي ڏيکاريو ويو. جيئن ڀڳت سنگھ پنھنجي قوم لاءِ گهر ۽ پنهنجي مڱ ڇڏي ويندو آهي ۽ والد لاءِ خط ڇڏي ويندو آهي ته سندس جنمُ خاص مقصد قوم ۽ ديس واسين جي آبياريءَ لاءِ آهي.
    3. لطنور پنهنجي گهر واريءَ کي ڇڏي مريم نالي هڪ عورت سان رومينٽڪ ڳالهيون بخوبي ڪري ٿو. جيڪا منطق کان مٿي ڳالهه لڳي ٿي.
    4. جوسٽن ۽ فنيلا نالي ٻه ويسٽرن اسائنمنٽ تي اچن ٿا اين جو ايز ۾ ڪم ڪن ٿا جن جي لطنور سان ملاقات ٿيئي ٿي. لطنور فنيلا کي موهي وجھي ٿو. خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه تي? نه ته بظاهري هو فلسفي آهي نه ئي روحانيت تي هن جي ڪا خاص دسترس ڏسجي ٿي? فنيلا سان نه ته هن وليم چِٽيڪ، نڪلسن ۽ اينميري شمل تي ڳالهايو باقي رومانس تي ڳالهائڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿو. فنيلا فرسٽ ورلڊ ملڪ جي گهٽ پر ڪنهن ڏتڙيل ۽ ٿرڊ ورلڊ جي ڪا احساسِ محرومي ۾ پَليل عورت لڳي ٿي.
    5. فنيلا سان لطنور جي انگريزي ۾ گفتگو ٻڌي سندس دوست عبدالله حيران ٿي وڃي ٿو. پر عجيب ڳالھ ته سڄي ناول ۾ انگريزيءَ جي هڪ سِٽ به ناهي جنهن سان فنيلا وارا سمورا بابَ اجايو ۽ وڌاءُ لڳن ٿا. E. M Forster پنهنجي ناول "اي پيسيج ٽو انڊيا" ۾ ڪجهه خاص ورڊنگ هندوستانين جي جيئن ٻڌي تيئن لکي آهي. ٽئگور پنهنجي ڪهاڻي Cabuliwallah ۾ مک ڪردار مُني نينگري جا اچاريندڙ لفظ ڪابلي والا تيئن ئي تحرير ڪري ٿو. رابنشنڪر بال بنگالي ليکڪ پنهنجي ناول "دوزخ نامہ، ڪنورزيشن اِن هيل" ۾ منٽو جا اردو لفظ جيئن جو تيئن لکي ڇڏي ٿو.
    6. فنيلا جي لطنور سان ويجهڙائي جوسٽن ۾ ساڙ ۽ حسد کي ڀڙڪائي ٿي جيڪا به سمجھ کان بالاتر آهي. جوسٽن ۾ ساڙ عورت سان تعلق تي ٿرڊ ورلڊ ملڪن جي خاص ڳوٺن ۾ پلجندڙ ڪنهن آرڊنري ماڻهو جي ته ٿي سگهي ٿي باقي فرسٽ ۽ سيڪنڊ ورلڊ ملڪن جا ماڻهو علم، عقل ۽ شعور تي پازيٽوِ حسد ڪنهن حد تائين ڪري سگهن ٿا.
    باقي رباب جي ڪردار جي اڻت واھ جي آهي، چوڏهن سال بغير ڪنهن ڌاري فرد تي نظر ڌرڻ کان هوءَ پاسي رهي لطنور جي تسبيح سَوري ٿي. صحبت جي ڪردار سان به سٺو نڀاءُ ٿيل آهي هو لاحاصل پيار کان حاصل پيار تائين لطنور کان وڌيڪ مظبوط ڪردار نظر اچي ٿو. ناول جو هڪ جملو هيٺ مينشن ڪجي ٿو جيڪو وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ لکي سگهجيو ٿي پر Political insight matters.
    "يوسف پاڻ کي لڄي محسوس ڪري رهيو ته سندس ڌرتيءَ جا ماڻهو پيٽ لاءِ به دانهن پرڏيهين کي ڏين ٿا"
     
    عرس پريو ۽ سنڌي فقير محمد هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو