ياد تون ٿو اچين، ڏينھن گذري نٿو پَر ھڻي وقت پنڇيءَ جيان اڏري نٿو ڪو تہ آھي ھِتي چانڊوڪيءَ جي مثل حُسن جنھنجو ڏِسي چنڊ اُڀري نٿو رات آئي صدا ڪنھن جي پازيب جِي مون کان ڇَن ڇَن جو آواز وِسري نٿو ياد آھي تُنھنجو ساٿ ”آذر“ اڃان توسان گهاريل اُھو وقت وِسري نٿو ٻول: اشفاق آذر آواز : واحد بخش لاشاري