فقير محمد سنڌي جو سهڙيل ڪتاب "تاريخ جو منظر ۽پس منظر" منھنجي نظر ۾......!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2020۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    فقير محمد سنڌي جو سهيڙيل ڪتاب "تاريخ جو منظر ۽پس منظر" منهنجي نظر ۾.....!
    ساجد مسڻ
    فقير محمد سنڌي جون ناياب لکڻيون ۽ باقاعده ٿيل تحقيقي ڪم مان گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مقبول اخبار عوامي آواز ۾ پڙهندو رهيو آهيان،اسان جي خطي ۾ ٻه وڏا نالا صحافتي ميدان ۾ ٿي گذريا آهن، جن ۾ هڪڙو ته فقير محمد لاشاري هو، جنهن سنڌي صحافت جي ميدان ۾ جديد ۽ نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن، جيتوڻيڪ فقير محمد لاشاري هاڻي اسان وچ۾ ظاهري وجود سان گڏ ناهي رهيو، پر سندس ڪم اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ زنده آهي.

    ٻيو وڏو ڪردار فقير محمد سنڌي جو اسان وٽ موجود آهي، جيڪو پڻ پنهنجي منفرد ۽ مختلف تخليق سان سڃاتو وڃي ٿو. اھا ڪيڏي نه خوش آئيندا ڳالھ آھي جو ماڻهو پنهنجي نالي بدران پنهنجي ڪيل منفرد ڪم جي حيثيت سان سڃاتو وڃي.

    فقير محمد سنڌي به هن وقت سنڌي ٻولي، ادب ۽ صحافت جو سگهارو حوالو بڻجي چڪو آهي. سندس سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ ڪيل ڪم ساراهه جوڳو آهي.
    فقير محمد سنڌي جي سڃاڻپ جو ٻيو حوالو دوستن کي جنم ڏينهن تي شاندار ڀيٽا ڏيڻ پڻ شامل آهي.
    ثناء الله عتيق چنڻچي پياري فقير محمد سنڌي لاءِ لکي ٿو ته
    فقير محمد سنڌي گهڻ رخي شخصيت طور صحافت، ادب، شاعري ۽ تاريخي مواد جي سيهڙ رکندڙ هڪ نرالو ادبي نانءُ آهي، جنهن کي پنهنجي وطن جي مٽيءَ سان سٻنڌ، عوامي اڪير تا ۽ ماروئڙن جي محبت مڪمل ادبي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو آهي. سندس وير ويروتار وجود ۾ هڪ پاسي مرڪون، کل ڀوڳ، ٽهڪ ۽ سندس گوناگون مصروفيتون باوجود صحافت جي اهم شعبي کي ڀرپور وقت ڏيڻ، ريڊيو جي دنيا ۾ پنهنجا جوهر مڃائيندي بهترين پروگرام ترتيب ڏيڻ، ادبي توڙي سماجي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ ۽ پنهنجي قلمي پورهيي سان مسلسل نڀاءُ ڪرڻ سندس عظمتن جا اهڃاڻ آهن.


    سنڌ جو نوجوان ليکڪ ۽ اديب عيسي ميمڻ فقير محمد سنڌي لاءِ لکي ٿو ته "فقير محمد سنڌي پڻ عوامي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم پنهنجي هٿن ۾ کڻي، هڪ تاريخ ساز ڪم ڪيو آهي. هن جيڪا سنڌ ٽڙيل پکڙيل تاريخ کي مرتب ڪرڻ شروع ڪئي آهي، اهو انتهائي ڪٺن ۽ مشڪل ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ لکڻ يا مرتب ڪرڻ انتهائي ذميواري وارو ڪم آهي.
    تاريخ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وڃي يا رهجي ٿي وڃي ته ان سان ڪيترائي نقصان ٿي سگهن ٿا، پر فقير محمد سنڌي، تاريخ جي هڪ هڪ ڳالھ کي مرتب ڪرڻ لاءِ سالن جا سال ويهي پورهيو ڪيو آهي.هن پوري ذميواري سان تاريخ لکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.
    اعجاز سولنگي سندس شخصيت، ڪم ۽ ڪردار لاءِ لکي ٿو ته:

    مان سندس ڪتاب جيڪي منهنجي پڙهيت واري نظر مان گذريا آهن، جئين سونهن سمبارا، قلمڪار ڪوي ۽ سنڌ جي تاريخ جيڪي پاڻ ڏاڍي پرت ۽ پاٻوه مان پڙهڻ لاءِ ارپيا هئائين، سي جڏهن پڙهي ڏٺا ته سندس ظاهري شخصيت، قرب، پيار، اُڪير، مٺڙي گفتگو ۽ پهرين ملاقات ۾ اوپرن کي پنهنجو ڪرڻ واري رويي کي ڏسي مٿس موهت ٿيڻ سان گڏ ادبي پورهئي جو پڻ قدردان بڻجي پيو آهيان ۽ هر ٿيندڙ ميل ملاقات توڙي ادبي وکرن ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان سندس مهانتا ۽ عظمت جو گرويده ٿيندو رهان ٿو! جنهن ڪري مٿس تعارف ۽ تعريف جا ٻه اکر لکڻ پنهنجي لاءِ اعزاز کان گهٽ نه ٿو ڀانيان ته هڪ اهڙي محبتي ۽ محنتي ماڻهو لاءِ پنهنجي قلم جي ڪور ڪاهي رهيو آهيان جيڪو لائق فائق کان به اڃان گهڻو اڳڀرو آهي.

    هن ڪتاب ۾ فقير محمد سنڌي وڏي تحقيق ڪئي آهي، جنهن ۾ هن سنڌ پاڪستان ۽ دنيا جي عظيم محققن جي ڄمڻ ۽ مرڻ جا ڏينهن، فلمي دنيا جون مشهور فلمون، ڊراما، دنيا جون وڏيون وڏيون عمارتون، عالمي ڏينهن ۽ خاص ڳالھ جيڪا پڙهندڙ جي لاءِ دلچسپي جو سبب بڻجندي، اها اها ته هن 12 مهينن جا تفصيل شامل ڪيا آهن، جنهن ۾ اهو واضع ۽ تفصيلي طور لکيل آهي ته ته انهن مهينن تي نالا ڪئين ۽ ڪهڙي ريت پيا آهن؟
    مطلب ته هي ڪتاب هر لحاظ کان سنڌي ادب توڙي لوڪ ادب جا سڀ پاسا پورا ڪندڙ ڪتاب آهي.
    پياري فقير محمد سنڌي هي ڪتاب سنڌ جي ناليوارن صحافين جي نانءُ ڪيو آهي، جنهن ۾ (مرحوم) ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، زرار پيرزادو، قاضي عابد، قاضي اعجاز، نعيم سنڌو، صاحب خان ڀٽي ۽ آزاد مجتبي گهانگهرو شامل آهن.

    ھي ڪتاب فنون لطيف کان ويندي سياسي، سماجي، ادبي ۽ فلمي دنيا سان لاڳاپيل شخصيتن جي مڪمل معلومات هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
    هن ڪتاب کي اسان سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تان پڙهي سگهون ٿا.


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو