ٻارن جي تربيت تي مائٽن جو اثر

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2020۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ٻارن جي تربيت تي مائٽن جو اثر!
    حبيب مرکنڊ “طاهري”

    بنيادي طور ڪنهن به عمارت جي پختگي ۽ مضبوطي جي پروڙ ان جي بڻ بنياد مان پوندي آهي، اهڙي طرح اسانجي معاشري جي ترقي جو دارومدار به ايندڙ نسل مٿان آهي ڇاڪاڻ ته معاشري جو بنياد ان جي مستقبل جا معمار ئي آھن جن جي بهترين تربيت جي ڪري اسان معاشري ۾ سڌارو آڻي سگهون ٿا ۽ انهن جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ فڪري بنياد کي به مضبوط ڪري سگهون ٿا. ماءُ جي هنج ٻار جي پهرين درسگاهه آهي ۽ زندگيءَ جا گهڻا ئي شروعاتي سبق ٻار پنهنجي ماءَ جي هنج مان پرائي وٺندو آهي، پر تنھن ھوندي بہ ٻار جي سٺي تربيت لاءِ صرف ماءُ کي ئي ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي، پر ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آھي. هر شعور رکندڙ والدين جي دل ۾ اھا خواهش ضرور موجود هوندي آهي ته انهن جي اولاد بهترين انسان بڻجي ۽ هر ميدان ۾ سرخرو هجي.
    هميشه ياد رکڻ کپي تہ والدين پنهنجي اولاد جي لاءِ رول ماڊل هوندا آهن. انڪري مائٽن کي پنهنجي اولاد جي ڀروسي ۽ اعتماد کي ٽٽڻ نه ڏيڻ کپي. ان حوالي سان گھر ۾ رهندڙ فرد تي به هڪ ذميواري ٿئي ٿي ته اُهي ٻارن جي سامهون ڪڏهن به والدين کي گھٽ وڌ نه چون، جنھن سان ٻارن جي ذهنن مٿان منفي اثر پون ۽ ٻار غلط سوچن جو شڪار بڻجي ويندا آهن. ڪوشش ھجي ته گھر ۾ هڪ خوشگوار ماحول ٺاهجي ته ٻارن جي شخصيت جي نشوونما سٺي ٿي سگهن. جيڪو ٻار کي سيکارڻ چاهيو ٿا، ان تي سڀ کان اڳ پاڻ اھڙي طرح عمل ڪجي جو انجو پت ٻار کي بہ پوي يعني لڪي ڪري ڪجھ نہ ڪجي. هڪ اهم عنصر جيڪو ٻارن جي تربيت ۾ انتهائي ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، اُهو آهي برداشت ۽ درگذر ڪرڻ! پنهنجي ٻارن جي غلطين کي درگذر ۽ برداشت ڪيو، انهن کي نرمي ۽ محبت سان سمجھايو ته جيئن اُهي به نرمي ۽ محبت سان ڳالهه سمجھي سگهن. پنهنجي ٻارن کي ڌڙڪو يا سزا ڏيڻ کان پهريان انهن کي ٻڌايو ته توهان انهن مان ڪهڙي اميد رکو ٿا.

    ياد رکو ته! ڪوري ڪاغذ تي تحرير جو آغاز جهڙو ٿيندو، انجام به اهڙو ٿيندو. ڪوشش ڪيو ته جڏهن به توهان کي ٻار ڏسي ته پنهنجو هڪ اهڙو دوست نظر اچيس، ته جيئن توهان کي پنهنجون تمام ڳالهيون شيئر ڪري سگهي، پنهنجا ڏک ظاهر ڪري سگهي، پنهنجا مسئلا کولي ڪري ٻڌائي سگهي. مصيبت جي وقت رعايت ڪريو پر پيار ۽ محبت سان دوستي ڪري معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. جيئن هر انسان کي هڪ بهترين دوست جي هميشه ضرورت هوندي آهي اهڙي طرح ڪوشش ڪريو ته اهو بهترين دوست گھر جي اندر ئي توهان جي صورت ۾ ان کي ميسر ٿي وڃي. زندگي هڪ تمام مختصر وقفو آهي. پنهنجي زندگي جي تمام مصروفييتن مان پنهنجي اولاد لاءِ به وقت ڪڍو. هي وقت توهان جي لاءِ به ايتري خوشي ۽ مسرت جو ذريعو بڻجندو، انهن جي لاءِ بڻجندو. هڪ سائنسي تحقيق جي مطابق اهڙا ٻار جن جا والدين انهن کي وقت ڏيندا آهن ۽ انهن جا دوست بڻجي ڪري رهندا آهن، انهن ۾ خود اعتمادي جو عنصر ٻين ٻارن جي مقابلي ۾ زياده لڌو ويو آهي. اھو ئي سبب آھي تہ سڌريل قومن ھميشہ پنھنجي نوجوان نسل جي آبياري ۾ نہ صرف ٻارن مٿان سختي ڪئي آھي پر کين دوست بڻائي، سندن ويجھو وڃي، مسئلن جي نشاندھي ڪري انھن جي حل لاءِ ھر ممڪن ڪوشش بہ ورتي آھي جنھن جي ڪري سندن نوجوان نسل ۾ پراثر ۽ ڪارائتا ٻار پئدا ٿي، ترقي جي راھ ۾ مددگار بڻجن پيا.
     
  2. محمد انيس بوزدار

    محمد انيس بوزدار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2016
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    141
    ماشاء تمام بهترين تحرير
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو