ماريو جن موت کي

'مختلف موضوع' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2020۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    [​IMG]
    مير سردار چنڙ
    ماريو جن موت کي پڙھندي مان محسوس ڪيو ته ضرور ھن ۾ اھي ماڻھو ھوندا جن موت کي ماريو ھون جڏهن ڪتاب کي اندران کولي ڏٺم ته واقعي اھي ئي ماڻھو نظر آيا جن موت کي ماريو پر موت کي به اھڙو ماريو جو تاريخ ياد رکندي ھنن پنهنجي جوش جذبي ھمت ۽ حوصلي سان موت مات ڏني . سندن موت موت نه پر ھڪ اھڙي زندگي ھئي جيڪا وري قيامت تائين ختم نه ٿي سگهي .
    ماريو جن موت کي خيرپور ناٿن جي نوجوان مدھوش مير جو لکيل ھڪ اھڙو ڪتاب آھي جيڪو تاريخي قصن ڪھاڻين ۽ ڪٿائين تي مشتمل آهي مدھوش مير جو خاڪا نويسي تي ھي ڪتاب تمام گھڻي اھميت رکندڙ آھي ڇاڪاڻ ته ھن ڪتاب ۾ تاريخ جا اھي گمنام ڪردار آھن جنهن کي اسان ڏسڻ پڙھڻ ۽ سمجهڻ چاھيندا آھيو جنهن جي زندگي جو ھر ھڪ لفظ ڪنهن کي نئون اتساھ ڏيندو آھي ھن ڪتاب ۾ 8 دنيا جي عظيم شخصيتن جا خاڪا شامل آهن
    جنهن ۾ سعادت حسين منٽو ايني فرينڪ,ايڊگر ايلن پو , دوستووسڪي,املي ڊيڪنسن,وان گوگ ,موزارٽ,شيڪسپئر ۽ گليلو جھڙن عظيم ڪردارن تي خاڪا شامل آھن مدھوش مير پنهنجي علمي اک سان سندن زندگي جي سڀني پھلوئن تي سٺي نظر وڌي آهي ھي اھي شخصيتون آھن جن جي باري ۾ اوھان ضرور ڪٿي ڪنهن محفل ڪتاب يا ٻئي ھنڌ ذڪر ٻڌو پڙھيو ھوندو پر ھنن جي پوري زندگيَ جو سفر جدوجهد جاکوڙ ھن ڪتاب ۾ اوھان کي ملندي ته ان سان گڏ ان جي دور جي تاريخي سياسي انقلابي جدوجهد جا قصا پڻ پڙھڻ لاء ملندا ھي ڪتاب نوجوانن لاء خاص ڪري جيڪي عالمي ادب ڏانهن لاڙو رکن ٿا انهن لاء تمام ڪارائتو آھي سڀني ادب دوستن کي ھڪ دفعو پڙھڻ گھرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو