• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سُهڻي سِنڌ مُرڪي ٿي

رياض احمد لاشاري

سينيئر رڪن
سُهڻي سِنڌ مُرڪي ٿي

رياض احمد لاشاري

صوفين جي سرزمين سنڌ ڌرتي هن ڌرتيءَ جي گولي تي پنهنجي قديم وجود، پراڻي تهذيب، تمندن ۽ شاهوڪار ثقافت جي مالڪي، امن کي قائم رکڻ ۽ امن جي پيغام کي عام ڪرڻ جيڪري پنهنجي الڳ شناخت ۽ حيثيت حاصل ڪئي آهي، جيڪا اسان ڌرتي ڌڻين لاءِ نهايت فخر جي ڳالھ آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي وڏي ۾ وڏي خوشنصيبي ته اها آهي جو هن ڌرتيءَ پنهنجي هنج ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جهڙن صوفين، بزرگن ۽ شاعرن کي جنم ڏنو، جن قدرت پاران عطا ڪيل علم، شعوري سگھ ۽ سمجھ کي خلق جي خدمت لاءِ لاڀائتو بڻايو. سنڌ جي صوفي بزرگ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح پنهنجي شاعري ۽ فلسفي ذريعي عام ماڻهن جي اصلاح ڪئي آهي، سائين جن اسان کي هڪ سٺي، بامقصد ۽ پُرامن زندگي گذارڻ جو سڌو رستو پڻ ڏيکاريو آهي. سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ ان ڳالھ ۾ يقين رکيو ته امنَ سان ئي روح ۾ راحت ۽ تسڪين ملندي آهي. انهيءَ عالم ۽ صوفي درويش جي امن واري پيغام کي عام ڪرڻ جيڪري ئي سنڌ کي امن جي ڌرتي ٿو سڏيو وڃي. هن امن جي ڌرتيَ جا سماجي قدر به اعليٰ رهيا آهن، جنهن جو مثال نياڻين کي عزت ۽ مان ڏيڻ مان به ملي ٿو. سنڌ ۾ عورت جي اهميت جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته نياڻي ءَ کي ستن قرآنن جي برابر سمجهيو ويندو آهي. سنڌ جي ڪنهن به واهڻ وستي يا ڳوٺ ۾ ڪو به تڪرار، تضاد يا خوني جهيڙو ٿيندو هو ته نياڻيءَ کي ئي ميڙ منٿ ڪري وٺي وڃبو هو ۽ انهيءَ نياڻيءَ کي ست قرآن سمجهي مخالفن ۽ دشمنن کي معاف ڪيو ويندو هو، ايتري قدر جو ڪيترائي خوني پلاند ڇو نه هجن، سڀ معاف ڪيا ويندا هئا، ڇو ته اها روايت سنڌي سماج جي روايتن ۽ قدرن مان هڪ آهي. سنڌ هزارين سالن جي تهذيب ۽ ثقافت کي زنده رکندي پئي اچي، جيڪا حقيقت ۾ دنيا جي زنده قومن جي ثابتي ۽ اهڃاڻ آهي. سنڌي قوم پنهنجي زنده هئڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ هر سال پنهنجو ثقافتي ڏهاڙو قومي عيد جيان ملهائيندي آهي ۽ هر سال جيان هن سال به 6 ڊسمبر تي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي خوشيءَ جي لهر دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ جاڳي ۽ پکڙجي چڪي آهي ۽ سنڌ جي سُنهن مُرڪي پئي آهي. اها ڳالھ مڃڻ جوڳي آهي ته پاڻ جڏهن هن ثقافتي عيد واري ڏينهن تي هڪ ٻئي کي سنڌي لباس (ٽوپي ۽ اجرڪ) اوڍيندي ڏسندا آهيون ته پنهنجي مَنَ ۾ خوشين جا خزانا ٺهي پوندا آهن ۽ مسڪراهٽن جا مِينهن وسندا آهن. هر طرف خوشيون، گيتن تي رقص، مُرڪنڙ چهرا ۽ اجرڪ جا پرڪشش رنگ هڪ وڻندڙ ماحول جوڙيندا آهن، جيڪو مَن کي راحت ڏيندو آهي. هن ڏينهن کي قومي عيد به سمجهيو ويندو آهي ته قومي ايڪتا يعني ايڪي جو ڏينهن به ليکيو ويندو آهي ۽ هن ڏينهن تي ايڪتا قائم ڪرڻ جو وچن پڻ ورجايو ويندو آهي. ڌرتي ڌڻي انهيءَ سوچ جا حامي آهن ته جڏهن اسين پاڻ ۾ ايڪتا قائم ڪنداسين، تڏهن ئي اسان ترقيءَ جي راھ ڏانهن گامزن ٿينداسين. يقينن، ايڪو يا اتحاد هڪ اهڙي سَگھ آهي، جنهن جي موجودگيءَ ۾ ”هار“ به ”جيت“ ۾ مٽجي ويندي آهي. اهو هڪ اهڙو عنصر آهي، جنهن سان ترقيءَ واري راھ ۾ رڪاوٽون ناممڪن بڻجنديون آهن. تنهنڪري اسان انهيءَ ڳالھ ۾ يقين رکون ٿا ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار ڪريون ٿا، ته اسان کي سڀني انائن کي وساري پاڻ ۾ هڪ ٿيڻو پوندو، جنهن سان سنڌ ڌرتي ۽ اسان سنڌين جي خوشحاليءَ جي ضمانت ملي ٿي. اهو ضرور ياد رکڻ گهرجي ته پاڻ جيڪڏهن انفرادي سوچ رکي، پنهنجي مفاد لاءِ وڌڻ شروع ڪيوسين، ته يقينن ان ۾ ناڪامي ملندي ۽ مجموعي طور معاشرو بدامني ۽ تذلي جي ور چڙهي ويندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن اسين رڳو پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ سوچيندا آهيون ته اسان جي اندر ۾ ٻئي لاءِ حسد ۽ ڪينو پيدا ٿيندو آهي، جنهن سان نفرتون پيدا ٿينديون آهن. اهي نفرتون انتشار پيدا ڪنديون آهن، جنهڪري تضاد پيدا ٿيندا آهن ۽ نتيجي ۾ اهي تضاد بدامني واري ماحول کي سرگرم ڪندا آهن، جنهن سان معاشرو تباهيءَ طرف وڌڻ لڳندو آهي. اهڙي قسم جي منفيت کان بچڻ ئي پنهنجي ۽ پنهنجي معاشري جي ڀلائي ۽ ترقي آهي، جنهن سان سموري سنڌ ۾ خوشحاليءَ جون راھون روان ٿينديون. اسين دنيا ۾ پاڻ کي هڪ طاقتور، مهذب ۽ ساڃاهوند قوم تڏهن سڏرائڻ جي قابل بڻجنداسين جڏهن اسان پنهنجي لطيف، سامي ۽ سچل سرمست جهڙن صوفين ۽ بزرگن جي پيار، امن ۽ ڀائپيءَ واري پيغام تي عمل ڪنداسين. اسان سهڻي سرزمين سنڌ جا ماڻهو انهيءَ خوبيءَ سان به سرشار آهيون ته اسان کي علم سان گهڻو چاھ آهي. انهيءَ علم جي بدولت ئي ته هن ڌرتيءَ تي انيڪ دانشور پيدا ٿيا آهن. سنڌ ۾ تعليم کي اهميت ملڻ جيڪري ئي ته اسان وٽ سچا ۽ قابل استاد، علم دوست انسان ، سٺا اديب، سهڻا شاعر ۽ بهترين ليکڪ موجود آهن، جيڪي واقعي سموري قوم جي سڃاڻپ آهن. اسان سمجهون ٿا ته تعليم ئي اهو واحد ذريعو آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي قائم رکڻ ۽ ترقي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. تعليم سان ئي دنيا ۾ پنهنجي قوم ۽ پياري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهون ٿا. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تعليم جي طاقت سان ئي اسان پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان تعليم جهڙي زيور کان محروم رهياسين ته اسان جي حقن کي هڙپ ڪيو ويندو ۽ اها حقيقت به لڪيل ناهي ته سنڌ علم جي ڌرتي آ. سڌ جي علم جي اک سڄي دنيا کي پنهنجي عڪس ۾ محفوظ ڪري ٿي. سنڌي قوم ”محنتي قوم“ سڏجي ته وڌاءُ نه ليکبو، ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم هميشا هڏ ڏوکي رهي آهي. ثقافتي اجرڪ هجي يا ٽوپي يا گهرن ۾ عورتن جي هَٿ جا هنر هجن، انهن کي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پذيرائي حاصل آهي. سنڌ جي شاهوڪار ثقافت، تاريخ، تعريف ۽ سونهن کي بيان ڪرڻ لاءِ هي ننڍڙو مضمون ڪافي نه آهي، پر ان تي جيترو لِکجي ته به گهٽ آهي. بقول شاعر جي ته:
سنڌ منهنجي امان،
سُنهن تنهنجيءَ مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان،
ڇا لکي ڇا لکان!

riazahmedlshr@gmail.com
 
آخري ترميم:
Back
Top