#اسان_سنڌين_ائين_پاڪستانين_جو_ماضي_تي_فڪر!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏10 ڊسمبر 2020۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    اسان جي اهڙي غلام معاشري ۾رهون ٿا جيڪي رڳو ماضي تي فکر ٿا ڪن تقريبن چاهي هندو هجي، چاهي مسلمان چاهي قومپرست هجي چاهي ڪميونسٽ چاهي مذھبي ب ڇو نه هجي!! اسان جي دماغ کي اھڙي طرح ت بگاڙيو ويو آهي ائين اسان جي معاشري جي تشيڪِلِ اهڙي ت گندي ڪئي وئي آهي جو اسان پنهنجي #ماضي تي ڪُڏون ٿا ،فلاڻي اھڙا ڪم ڪيا هن هي جنگ لڙي فلاڻ ڪيو!!! پر اسان ڪڏهن انهي تي غور ناھي ڪيو ت اسان پاڻ هيئنر ڪهڙا تير هيان آھن ،ڪهڙيون جنگيون کٽيون آهن, ماضي تي نچڻ وارا ائين فکر ڪرڻ وارا غلام هوندا آھن ڀائرو!! اگر چيني ب ماضي تي هلن ها ت چين ۾ اڄ کان ستر سال پهريان انقلاب نه اچي ها!!!ا اُنھن پهنجي پيٽ تي پتهر رکي پنهنجي ايندڙ وقت لاي سوچيو!! سو يار ڪجهه رحم ڪيو!! راجا ڏاهر جيڪو ڪيو سو انهي پنهنجي وقت ۾ ڪيو محمد بن قاسم عرب سپهه سالار جيڪو ڪيو سو پنهنجي وقت ۾ ڪيو (محمد بن قاسم جو ذڪر اُنھن لاي آهي جيڪي انهي کي مڃين ٿا ائين فکر ڪن ٿا، قومپرست ڀائر ناراض نه ٿين) هوشو هيمون،سائين سورهيه بادشاهه ائين ٻيا جيڪي ب عظيم سنڌي هيرو گذريا اُنھن سڀ پنهنجي وقت ۾ ڪيو!! اُنھن پهنجي ماضي تي ناز ڪري هٿن ۾ چوڙيون پائي ويهڻ پسند ڪون ڪيو!پر اڄ اوھان ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهيو!! افسوس سان چوڻو ٿو پئي ت اسان سامراج جي سوچ تي هلي رهيا آهيون ھتي اسان جي تباهي ٿي رهي آهي يان تباھ ٿي ويا آهيون! سو ڪجهه ڪيو ڪجهه ڪيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو