دنيا ۾ اٿل پٿل آڻيندڙ سيڪريٽ سوسائٽيز

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 ڊسمبر 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    (جيڪو اسان جي تصور ۾ ناهي هوندو ان بابت هڪ مختلف نوعيت جي ڪتاب SECRET SOCITIES تي روازني "پنهنجي اخبار" ۾ 10.12.2020 تي منهنجو آرٽيڪل)

    دنيا ۾ اٿل پٿل آڻيندڙ سيڪريٽ سوسائٽيز

    ممتاز بخاري

    اسان جي ڀرپاسي گهڻو ڪجهه وهي واپري رهيو هوندو آهي. انيڪ ڳالهيون ۽ واقعا ٿي رهيا هوندا آهن جن کي اسين نظرانداز ڪندا آهيون. اسان روز مختلف ماڻهن سان ملندا رهون ٿا،ڪيترائي اسان جي ڀرپاسي گهمندا رهن ٿا پر اسان لاءِ اها ڳالهه گهڻي اهميت رکندڙ ناهي هوندي پر حقيقت ان جي ابتڙ هوندي آهي. اسين اهڙن ڪيترن واقعن، ڳالهين يا فردن، جن کي اسان نظر انداز ڪندا رهندا آهيون، اهي سڌي يا اڻسڌي طرح اسان جي زندگين تي اثر انداز ٿيندا رهن ٿا. پر اسين پوءِ به ڪيترن ئي ڳالهين بابت اڻواقف ئي رهندا آهيون. ان حوالي سان 2005ع ۾ نڪ هارڊنگ جو هڪ ڪتاب “سيڪريٽ سوسائٽيز” ڇپيو هو، جيڪو ان وقت ته گهڻو مقبول نه ٿيو هو پر بعد ۾ ان ڪتاب جي اهميت وڌي وئي. ڪتاب تي ليکڪ جو نالو نڪ هارڊنگ آهي پر اصل ۾ اهو نڪولس مارڪ هارڊنگ آهي جيڪو برطانيا جو ڪهاڻيڪار، شاعر، ڊرامانگار، فلم اسڪرين پلي لکندڙ، مضمون نگار ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه لکندڙ آهي. پر هو ڪتابن تي نالو نڪ هارڊنگ ڏيندو آهي. ڪتاب سيڪريٽ سوسائٽيز SECRET SOCITIES ۾ هن اهڙين 39 سيڪريٽ سوسائٽيز بابت انڪشاف ڪيا آهن يا تحقيق ڪئي آهي جن بابت هن جو نقطه نظر مختلف آهي. هن صوفي ازم جهڙي سوچ کي به هڪ ڳجهي سوسائٽي ڄاڻايو آهي. ڪتاب جي انٽروڊڪشن ۾ آهي ته جتي ڄاڻ طاقت آهي اتي هر طرح جي طاقت جي حصول لاءِ ڳجهن ادارن کانسواءِ ڳجهيون سوسائٽيز به هونديون آهن جن ڏانهن اسان جو ڌيان ناهي ويندو۽ اهي اسان جي وچ ۾ هزارن سالن کان موجود آهن. اهي مذهبي عقيدن کان ويندي سياسي حاصلات ۽ اقتدار يا طاقت ماڻڻ لاءِ ڪتب اينديون آهن. ان ڪري هو چئي ٿو: “جيڪڏهن ڄاڻ طاقت آهي ته ڳجهي ڄاڻ مها طاقت آهي.” (صفحو: 12) هن جو اهو به خيال آهي ته جيڪڏهن اسان سان ڪجهه اڻوندڙ ٿي رهيو آهي جنهن جو ڪو جواز ناهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان جي پٺيان سيڪريٽ سوسائٽيز مان ڪا هڪ آهي. جيتوڻيڪ سندس انهن خيالن مان هن جا ڪي سندا تصور آهن پر ڪتاب ۾ هو انهن سوسائٽيز ۾ شامل واپارين کان ويندي عام ماڻهن جي شموليت به ڄاڻائي ٿو جيڪي عام زندگي کان وٺي اقتدار ۽ طاقت ماڻڻ ۾ شامل ٿا نظر اچن. هن جو خيال آهي ته ان لاءِ اهي سوسائٽيز خوف، افواهه ۽ اڳڪٿيون پکيڙين ٿيون، پنهنجي عقيدن ۽ نظرين وسيلي اتساهين ٿيون، ثقافتن جو استعمال ڪن ٿيون، نفسياتي طريقا به ڪتب آڻين ٿيون ۽ پنهنجو مقصد ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون. اهو مقصد پنهنجي مرضي وارو اقتدار ماڻڻ، دنيا جي واپار تي قبضو ۽ هر طرح جي عالمي معاملن ۾ مداخلتون وغيره هوندو آهي. هن تعارف ۾ هڪ چيڪ لسٽ به ڏني آهي ته اهي ڪهڙي به نظريئي، مذهب، ملڪ يا عالمي سطح جي مقصد ماڻڻ واريون هجن پر انهن ۾ اڪثر شين ۾ هڪ جهڙائي هوندي آهي. جنهن ۾ خاص ته ڳجهي معلومات سندن حق آهي، اهي گروپ ئي ان کي سنڀاري سگهن ٿا. اهي ڪنهن ڪرشماتي اڳواڻ کي اڳتي آڻين ٿيون جيڪو مسيحائي گڻ رکندڙ هوندو آهي. اهي بظاهر ڪنهن به صورت ۾ ڳجهين سوسائٽين وارو تاثر نه ٿيون رکن يا ظاهر نه ٿيون ڪن. وغيرهه وغيرهه.

    ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل اڻيتاليهه سيڪريٽ سوسائٽيز مان جيڪڏهن هت ڪجهه جو ذڪر ڪجي ته پهرين سوسائٽي “دي اسيسين The Assassins“ ڄاڻايل آهي يعني قتل ڪندڙ. جنهن بابت چيل آهي ته اها يارهين صدي عيسوي ۾ شروع ٿي ۽ اها اسماعيلي مسلمانن جي جنوني سوسائٽي هئي. حسن ابن صباح خراسان مان شروع ڪئي. “اسيسين” جو هر قدم اخلاقي طور درست سمجهيو ويندو هو، جيڪي سياسي توڙي مذهبي مقصدن لاءِ قتل ڪندا هئا. هن لکيو آهي ته مصر ۾ وري اسماعيلين به حسن ابن صباح سان ڏاڍي ڪئي. حسن کانپوءِ بزرگ عميد “اسيسين” تي اثر رکيو ٿي. انهن شام ۾ زور ورتو ۽ ٻن خليفن کي به قتل ڪيو. نڪ هارڊنگ جو خيال آهي ته اهي وچ اوڀر جي مسلمان حڪمراني لاءِ گهڻو فائديمند ثابت ٿيا. ايئن وري هن جديد دور جي هڪ سيڪريٽ سوسائٽي “دي بلڊربرگ گروپ “The Bilderberg Groupبابت اهم ڄاڻ ڏني آهي ۽ تاثر ٿو ظاهر ڪري ته اهو گروپ يهودين ۽ آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جو بڻايل آهي. جنهن ۾ دنيا جا وڏا واپاري، مک فرد، يورپ جا اڪثر ملڪ شامل آهن ۽ اڻسڌي طرح اها هڪ سيڪريٽ سوسائٽي آهي جيڪا ويهين صديءَ جي پيداوار آهي ۽ ان گروپ تي اهو نالو ان ڪري مشهور آهي جو انهن جون گڏجاڻيون ڊچ هوٽل دي بلڊربرگ هوٽل ۾ ٿينديون آهن جيڪو اوسٽربريڪ شهر ۾ آهي. هي سوسائٽي عالمي سياست ۾ اڻسڌي طرح وڏي مداخلت ڪندڙ آهي. هن گروپ جي حوالي سان جمي ڪارٽر، اسامه بن لادن، هينري ڪسنجر، جارج بش سينيئر وغيرهه جا به نالا ايندا رهيا آهن. دنيا جا وڏي ۾ وڏا واپاري هن گروپ ۾ آهن جنهن جون گڏجاڻيون بظاهر واپاري مقصدن لاءِ ٿينديون آهن پر ڪتاب موجب ان جي لڪل ميزبان سي آءِ اي آهي ۽ ان جي گڏجاڻين بعد ٿوري وقت ۾ ئي دنيا ۾ وڏا واقعا رونما ٿيندا آهن. جيئن يوگوسلاويا ۾ سربن جو خيال هو ته جنگ ان گروپ سبب ٿي. اسامه بن لادن جي ڪاررواين پٺيان به بلڊربرگ هوندي هئي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ فرانس به اها شڪايت ڪئي ته ملڪي سياست ۾ اهو گروپ آهي. گلف واريون جنگيون به ان گروپ جي ميٽنگن بعد ٿيون. ان کي عالمي سازشي گروپ به چيو ويندو آهي پر سڌي طرح سامهون ناهي ايندي. ايئن ئي “دي بوهمين گرو“The Bohemian Grove لاءِ تاثر آهي. اهو ڪلب اڻويهين صديءَ ۾ سامهون آيو هو. ان کي قائم ڪندڙ صحافي ۽ ليکڪ هئا. جان لنڊن ۽ مارڪ ٽوائن به شامل ٿيا. اها راتين جو تماڪ ۽ شراب پيئندڙن جي ڪلب هئي. بعد ۾ ان ۾ واپاري به شامل ٿيا. اڳتي هلي انهن روحانيت جي ڌارا ڏانهن به لاڙو رکيو. ان گروهه جا آمريڪي سياست جا وڏا نالا ميمبر ٿيا ۽ اڻسڌي طرح ان اقتداري معاملن لاءِ به ڪم ڪيو. انهن جي اهميت ايتري ٿي جو انهن کي “ڳجهي حڪومت” چيو ويندو رهيو آهي. نڪ هارڊنگ هن ڪتاب سيڪريٽ سوسائٽيز ۾ صوفين کي به شامل ڪيو آهي. “دي صوفيز “The Sufis باب ۾ هن اسلامي صوفيت بابت ڳالهايو آهي ۽ ان ۾ پيدا ٿيندڙ گروهن بابت ئي ٻڌايو آهي. جڏهن ته روحانيت واري ٻي ڳجهي سوسائٽي “پيڪاڪ اينجل” جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪا شام جي عيسائي يزيدين کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ لاءِ وجود ۾ آئي. پر انهن جو رياستي ۽ مذهبي گروهي معاملن ۾ مداخلت ڪرائڻ وارو مقصد به هوندو آهي. “دي ڪلٽ آف مٿرا The Cult of Mithra بابت انتهائي دلچسپ ڄاڻ آهي. فارس جي ڇهه هزار سال اڳ سوسائٽي هئي. مٿرا روشني جو خدا هو ۽ اها سوسائٽي بعد ۾ يونان سوڌو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پهتي ۽ ان جو بادشاهي حڪومتي طرز ۾ وڏو اثر رهيو آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ زماني کان بدنام دي ڪُو ڪلس ڪلان، دي مافيا، گارڊونا وغيرهه بابت به لکيو ويو آهي ته روسي سوسائٽيز بابت به ڄاڻ ڏني آهي. هڪ مختصر باب آفريڪا جي ڳجهين سوسائٽين بابت آهي. ڇهن صفحن تي ٻڌل “نتيجي” واري باب ۾ هن جو چوڻ آهي ته اهي سيڪريٽ سوسائٽيز تهذيبن جي وجود ۾ اچڻ سان ئي ٺهڻ لڳيون هيون ۽ انهن زندگي جي معاملن ۾ دخل اندازي ڪرڻ شروع ڪئي هئي. هن جو خيال آهي ته هم خيال ماڻهو ۽ خاص ڪري مرد پنهنجي مقصدن لاءِ گڏبا رهيا آهن. اڄوڪي دور ۾ زيونسٽ يهودين ۽ تيل جي عالمي طاقت رکندر قوتون انهن جي پٺيان هونديون آهن. تاريخ ۾ اهي ڳجهيون سوسائٽيون بدلبيون رهنديون آهن. انهن تان پردو کڻي سامهون آڻڻ لڳ ڀڳ ممڪن ناهي جو اهي ظاهر ٿي ناهن سگهنديون. ڪتاب ۾ مستند ڪتابن جي ببلوگرافي محنت جو اندازو ته ٿئي ٿو پر ڪجهه ڳالهين ۾ هائپوٿيسز به لڳي رهيو آهي خاص ڪري روحانيت توڙي ڪجهه سماجي تنظيمن کي سازشي عنصرن ۾ شامل ڪرڻ جي شعوري ڪوشش نظر اچي ٿي. مجموعي طور هڪ منفرد موضوع وارو ڪتاب آهي جنهن ۾ مختصرن ڀرپور ڄاڻ ڀريو مواد آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو