خانه بدوش قبيلا

'مختلف موضوع' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2020۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    مير سردار چنڙ
    ڪي ڏينهن مس ٿيا ھوندا ته اسان جي يار الفقراء رحيم مھر رات جو مھڻو ڏيندي چيو ته مير توھان جي اترادين ليکڪن کي اسان جا ٿري ليکڪ ھڪ ڀيرو ٻيھر ملھ ماري ويا آھن . مان نه سمجھو جنهن تي ھن ٻڌايو ته اسان جي عمرڪوٽ جي ھڪ ليکڪ اينٿروپالاجي تي ڪتاب لکيو آھي جيڪو تمام گھڻي مڃتا ماڻي چڪو آھي ته اتي وچ ۾ ساقي عالم جان ڪنڀر ٽپو ڏيندي چيو ته توکي ۽ اظھر امر کي 25نومبر تي عمرڪوٽ اچڻ جي دعوت ڏيان ٿو خالد جوڳيء جي ڪتاب جي مھورت تقريب ۽ مشاعرو آ سو پاڻ اچڻ جي حامي ڀري پر اچي نه سگھياسين . ان ڏينهن مان پھريون دفعو اينٿروپالاجي لفظ ٻڌو ھو ھوئن ته خانه بدوش لفظ جي ته چڱي پروڙ ھيم پر اينٿروپالاجي جي بلڪل به پروڙ نه ھئي . سو ڊڪشنري کولي ان جي معني ڪڍيم .
    ڪجهه ڏينهن کان پوء رحيم مھر جي ھڪ فيسبڪ تي پوسٽ نظر آئي جنهن ۾ ھن خالد جوڳيء جي ڪتاب "خانه بدوش قبيلا" کي پڙھڻ لاء ڪجهه سوال ڪڍي ڏنا ھئا ڪتاب ليکڪ خالد موجب ته ھن ڪتاب جو مک ڪڍيو آھي اھا پوسٽ پڙھڻ کانپوء دل ڪتاب پڙھڻ لاء ڪري پئي ۽ ڪتاب به ويھن ڏينهن اندر تقريبن مارڪيٽ مان ختم ٿي ويو ھو سو پاڻ به دانيال ڪتاڀ گھر حيدرآباد تان ڪتاب خريد ڪيو . ۽ ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيو شروع کان آخر تائين مان ڪتاب ٻن ڏينهن ۾ پڙھي پورو ڪيو . ڪتاب پڙھڻ مان ئي خبر پئجي وڃي ٿي ته ليکڪ ان کي لکڻ ۾ ڪيتري کوجنا ۽ ڪيتري تحقيق رولاڪيون ڪيون آهن ھن ڪتاب ۾ نه رڳو قبيلن جو تعارف آھي پر انھن جي ريتن رسمن بابت عجيب وغريب انڪشاف آهن جيڪي اوھان پاڻ ٻڌي پريشان ٿي ويندو ۽ اوھان ايئن محسوس ڪندس ته ڄڻ اھي قبيلا اچانڪ ھن ڌرتي تي آيا آهن ڇاڪاڻ ته انھن جي رسمن کي نه ڪڏهن اوھان ڪڏهن ٻڌو ھوندو نه وري ڪڏهن ڏٺو ھوندو جيڪي قبيلا توھان جي تصور ۾ ئي ھوندا اھي ھن ڪتاب ۾ آھن ۽ وڏي ڳالهه ته آھي قبيلا ڪي ٻاھر ناھن پر پنهنجي سنڌ ۾ ئي رھن ٿا خالد جوڳي جو ڪتاب مونکي انڪري به وڻيو جو مون ھن موضوع تي پھريون ڪتاب پڙھيو ۽ ڏٺو آھي چون ٿا خالد جوڳي جو اڳ به ھڪ ڪتاب ",جھنگ جا ماڻھو"ساڳي موضوع تي آيو جيڪو پاڻ نه ڪڏهن پڙھيو نه وري مارڪيٽ ۾ آھي اگر ملي ويو ته ضرورو پڙھبو خالد جوڳي جي ھن ڪتاب کي نوجوانن طرفان تمام گھڻو پسند ڪيو ويو آھي ھن ڪتاب اندر 20کان مٿي قبيلن جي ريتن رسمن انھن جي رھڻي ڪھڻي باب احوال لکيل آھي جيتوڻيڪ ھن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي پروف غلطيون آھن پر جڏهن اوھان ليکڪ جي محنت کي ڏسندو ته اھي به قابل قبول ٿي وينديون مون به ھن ڪتاب مان پنهنجي علم مطابق ڪجهه سوال ڪڍي اوھان اڳيان رکيا آھن ۽ اوھان انھن جا جواب ڳوليو اگر جواب نه ملن ته خالد جوڳي جي ڪتاب پڙھجو ڇو ته جواب اتي اوھان کي ملي ويندا . منهنجا سوال رحيم مھر وارن سوالن کان مختلف سوال آھن اگر اوھان غور ڪندو ته ھن ڪتاب مان ھزارين سوال ڪڍي ويندو
    مان ھڪ پڙھندڙ جي حيثيت سان خالد جوڳي کي اھڙي منفرد ڪتاب جون مبارڪون ڏيندي چوان ٿو ته ٻيلي اوھان ٿريا اسان اترادين کان ماري ويا آھيو.

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جيڪو پاڻ کي ماضي جو چور سڏائيندي فخر محسوس ڪري ٿو؟

    سوال : اھڙو قبيلو آھي جيڪي قبرستان وڃي نشي آور شيون (شراب چلم ) استمعال ڪندا آهن ؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جنهن ۾ تازي قبر ۾ دري ٺاھي شراب ھاريو ويندو آ؟ انھن مطابق اھو ميت شراب پيئي ٿو؟

    سوال : اھو ڪھڙو بادشاهه ھو جنهن پنهنجي بادشاھي دوران پنهنجي نالي سان سڪو ھلائڻ بدرا ڪڃري (محبوب) نالي سان ھلايو ھو؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جتان جي عورت جڏهن پنهنجي پريمي سان (ڀڄي) ويندي آھي ته اھي برو ناهن سمجھندا؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جنهن ۾ ڪاري کي صرف کٽ جي پائي سان ٻڌو ويندو آهي ؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جنهن ۾ ڪاري کي نڙڙ تي ڏنڀ ڏنا ويندا آهن ؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آ جيڪو ھندو ھوندي به اسلامي رسمن (ٻارن جو طھر ,اسلامي نالا رکڻ ) تي عمل ڪن ٿا؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جنهن ۾ شادي کان پوء مرد کي ساھرن سان گڏ ٿيڻو پوندو آ؟

    سوال : اھي 2 قبيلا ڪھڙا آھن جنهن جا فيصلا (جڏهن شاھد نٿو ملي) گرم ڪھاڙي تي پپر جا ست پن رکي ان مٿان ھٿ رکي ڪيو ويندو آھي؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جيڪو پنهنجا فيصلا درياه تي ڪندو آهي ؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جنهن جي گھر ۾ ٻار ڄمندو آھي گھر جو مرد گھر جي 40ڏينهن نه ماني کائيندو نه پاڻي پيئندو نه ٻار کي ھٿ لاھيندو نه وري گھر ۾ سمھندو آھي؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جنهن ۾ پريمي جوڙي جي ڪيل شادي قبولي ناھي ويندي ۽ ٻيھر شادي ڪرائي ويندي آهي ؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جيڪو ھندو آھي پر کين ھندو مذھب جي ڪنهن به ريت ڪا ڄاڻ ناھي؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جتي مرد چار شاديون ڪري سگھي ٿو پر عورت بيواھ ٿيڻ کان پوء به ٻي شادي نه ٿي ڪري سگهي ؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جنھن ھندو نڪاح مسلمان مولوي کان پڙھائيندا آهن ؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جنھن ۾ ڪوڏر کي پاڪ سمجھو وڃي ٿو ۽ ان تي ھٿ رکي فيصلا ڪيا ويندا اھن؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جتي رن زال (بيواھ) صرف رنڙ مرد سان شادي ڪري سگھي ٿي

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جيڪو ھندو ھوندي به سواء جناز جي باقي ميت تي اسلامي رسمون ادا ڪندا آھن؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جنهن ۾ ننڍن ٻارن 5سالن م شاديون ڪرايون وينديون آهن ؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جتي وڏو ڀاء شادي ڪندو آھي ان جي زال سندس ٻين ڀائرن جي به ٿي ويندي آهي ؟

    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو آھي جتي جي ماڻهن کي پنهنجي ماء نالي سان سڃاتا ويندا آهن ؟

    سوال: ڪبوترباز قبيلو سنڌ ۾ ڪٿي رھي ٿو؟
    : سوال : سامي گھڻن قسمن جا آهن ۽ انهن جون ريتون رسمون ڪھڙيون آهن ؟

    سوال : ھندستان ۾ خاندوش قبيلا ڪيترا آهن ؟
    سوال : اھو ڪھڙو قبيلو ھو جيڪو ھميشا وھندڙ پاڻي پيئندو ھو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو