فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو به سنڌي ادب کان وڇڙي ويو
فقير محمد سنڌي
ادبي، ثقافتي، تاريخي ۽لوڪ ورثي جو جاکوڙي ڪردار ،ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ولد لونگ خان ڄامڙو، پهرين آگسٽ 1972ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ، مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان پڙهڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي) ڪيائين. مئي 1998ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ 2000ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن بعد هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ 2010ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي. ماهوار رسالي ’ماهه روز‘ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج مئگزين 2003ع جو چيف ايڊيٽر به رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪمال ڄامڙي جا همدرديءَ وارا گڻ ۽ جذبا سندس شخصيت کي نمايان پد تي بيهاريو آهي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سماج ۾ مشڪل حالتن کي محنت ۽جفاڪشي سان منهن ڏئي، ٻوليء، ادب ۽ ثقافت جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ ذميواريون سنڀالي نڀايون آهن. سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترا تحقيقي مقالا، مضمون۽ شاعري ڇپجندي رهيس ٿي. هن ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ لاءِ ڪيتري عرصي کان سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکندو رهي ٿو. ڪيترن سالن کان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور فرض سرانجام ڏيندو رهي ٿو. طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل ’شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘، شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سنڌي لوڪ فنڪارن بابت ڪتاب ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘، ثقافت کاتي پاران ڇپايل آهي.
هن وقت وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد آهي. ڏات ۽ڏانُ، ٿورن ماڻهن جي خمير ۾ شامل هوندي آهي ۽فطرتي طور تي انهن انسانن ۾ شعور اٿاھ گهرائي سان لاڳاپيل هوندو آهي جنهن جي ڪري سڄي دنيا امن ۽ انسانيت جا حوالا پيش ڪندي آهي. اهڙو ئي سنڌي ادب جو فڪري ۽ جاکوڙي فرد ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڌرتيءَ جي سينڌ تي ذميوار فرد جي حيثيت حاصل ڪئي آهي. ڏات ڌڻي سڄي انساني تاريخ ۾ امر رهيو، مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون ذهن جي آڳر تي تري آيو آهن ته :
آءُ حياتي آهيان، آءُ ڪيئن ٿيندس فوت،
متان مون کان موت، ڇھندي ئي ڇرڪي وڃي.
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي من ۾ ادبي، تاريخي حسناڪي موجود آهي جيڪا هر وقت سندس پنهنجو ديدار پسائي ٿي، تنهن سندس جڳھ ۾ ڏات کي ڏهوڙون ڪيو آهي. جنهن جو ثمر سنڌي ادب ۾ مچ جيئان نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا 30 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ان کان سواءِ اخبارن ۽رسالن ۾ تحقيقي مقالا به شايع ٿيل آهن، جنهن ۾سنڌي ٻولي، لطيفيات، پاڪستان جي ٻين صوفي شاعرن، لوڪ ادب ۽ثقافت جي موضوع تي چڱو خاصو ڪم ٿيل آهي، ڇپيل ڪتابن ۾ انگريزي ۽ اردو ڪتاب به شامل آهن، محنت جو ڦل نرالو آهي جيڪو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو کي مليو آهي، اهو اِهو ته سندس لکيل ڪتاب يونيورسٽين جي نصابن ۾ پڻ شامل آهن .لوڪ ادب جو پارکو، سنڌي ٻوليءَ جو عاشق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو 16ڊسمبر 2020ع تي شام ويلي راھ رباني ورتي آخر ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاءِ، مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون ته :
تنھنجا پير چمان، ڌرتي، منهنجي مائڙي!
ڀاڪر پايان ڀاوَسان، ماڻهوءَ ماڻهونء سان،
آءُ نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو.