ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو به سنڌي ادب کان وڇڙي ويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308

    [​IMG]

    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو به سنڌي ادب کان وڇڙي ويو

    فقير محمد سنڌي

    ادبي، ثقافتي، تاريخي ۽لوڪ ورثي جو جاکوڙي ڪردار ،ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ولد لونگ خان ڄامڙو، پهرين آگسٽ 1972ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ، مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان پڙهڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي) ڪيائين. مئي 1998ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ 2000ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن بعد هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ 2010ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي. ماهوار رسالي ’ماهه روز‘ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج مئگزين 2003ع جو چيف ايڊيٽر به رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪمال ڄامڙي جا همدرديءَ وارا گڻ ۽ جذبا سندس شخصيت کي نمايان پد تي بيهاريو آهي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سماج ۾ مشڪل حالتن کي محنت ۽جفاڪشي سان منهن ڏئي، ٻوليء، ادب ۽ ثقافت جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ ذميواريون سنڀالي نڀايون آهن. سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترا تحقيقي مقالا، مضمون۽ شاعري ڇپجندي رهيس ٿي. هن ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ لاءِ ڪيتري عرصي کان سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکندو رهي ٿو. ڪيترن سالن کان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور فرض سرانجام ڏيندو رهي ٿو. طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل ’شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘، شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سنڌي لوڪ فنڪارن بابت ڪتاب ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘، ثقافت کاتي پاران ڇپايل آهي.
    هن وقت وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد آهي. ڏات ۽ڏانُ، ٿورن ماڻهن جي خمير ۾ شامل هوندي آهي ۽فطرتي طور تي انهن انسانن ۾ شعور اٿاھ گهرائي سان لاڳاپيل هوندو آهي جنهن جي ڪري سڄي دنيا امن ۽ انسانيت جا حوالا پيش ڪندي آهي. اهڙو ئي سنڌي ادب جو فڪري ۽ جاکوڙي فرد ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڌرتيءَ جي سينڌ تي ذميوار فرد جي حيثيت حاصل ڪئي آهي. ڏات ڌڻي سڄي انساني تاريخ ۾ امر رهيو، مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون ذهن جي آڳر تي تري آيو آهن ته :

    آءُ حياتي آهيان، آءُ ڪيئن ٿيندس فوت،
    متان مون کان موت، ڇھندي ئي ڇرڪي وڃي.

    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي من ۾ ادبي، تاريخي حسناڪي موجود آهي جيڪا هر وقت سندس پنهنجو ديدار پسائي ٿي، تنهن سندس جڳھ ۾ ڏات کي ڏهوڙون ڪيو آهي. جنهن جو ثمر سنڌي ادب ۾ مچ جيئان نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا 30 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ان کان سواءِ اخبارن ۽رسالن ۾ تحقيقي مقالا به شايع ٿيل آهن، جنهن ۾سنڌي ٻولي، لطيفيات، پاڪستان جي ٻين صوفي شاعرن، لوڪ ادب ۽ثقافت جي موضوع تي چڱو خاصو ڪم ٿيل آهي، ڇپيل ڪتابن ۾ انگريزي ۽ اردو ڪتاب به شامل آهن، محنت جو ڦل نرالو آهي جيڪو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو کي مليو آهي، اهو اِهو ته سندس لکيل ڪتاب يونيورسٽين جي نصابن ۾ پڻ شامل آهن .لوڪ ادب جو پارکو، سنڌي ٻوليءَ جو عاشق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو 16ڊسمبر 2020ع تي شام ويلي راھ رباني ورتي آخر ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاءِ، مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون ته :

    تنھنجا پير چمان، ڌرتي، منهنجي مائڙي!
    ڀاڪر پايان ڀاوَسان، ماڻهوءَ ماڻهونء سان،
    آءُ نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو اڻ مندائتو وڇوڙو

    تاثر: محمد سليمان وساڻ

    اهو 6 ڊسمبر 2020ع جو صبح هيو، ان ڏينھن سڄي دنيا ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملائجي رهيو هيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب جو فون آيو تہ مان سچل ڳوٺ آهيان ۽ اوهان سان ڪچھري ڪرڻ ٿو چاهيان. مان ان وقت ٽائيم نيوز چئنل جي اسپيشل ٽرانسميشن ۾ هيس ۽ کيس عرض ڪيم تہ شام جو ملاقات ڪبي.
    شام جو پاڻ آيا ۽ مون لاءِ ڪتاب پڻ تحفي طور کنيو آيا. دوستن سان گڏ ڪچھري ٿي ۽ ٻہ ڪلاڪ گذري ويا. ان دوران لوڪ ادب، ثقافت، لطيفيات، ٻوليءَ تي سگا سچل ڳوٺ شاخ جي دوستن سان ڀرپور ڪچھري ڪيائون. ويندي ويندي ڀاڪر پائي موڪليائون تہ يار اهڙيون ڪچھريون سچل ڳوٺ ۾ ئي ملن ٿيون.
    هو منھنجي انھن دوستن مان هيو جيڪي مونکي سدائين اسٽيج تي سڏائي ڳالھائڻ جو موقعو ڏيندا آهن. هو سدائين ڪچھرين ۾ يا پروگرامن ۾ گڏ رهندو هيو ۽ هر پل رهنمائي ڪندو هيو. ٻوليءَ جي جدوجھد ۾ اسان کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندو هيو.
    پھرين آگسٽ 1972ع ۾ ضلعي خيرپور ميرس جي تعلقي ڪوٽڏجي جي ننڍڙي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ جنم وٺندڙ هڪ نوجوان ڪمال الدين ڄامڙو ڳوٺان ڪراچيءَ اچي ٿو ۽ پوءِ ڪراچيء ۾ ادبي افق تي نروار ٿئي ٿو جنھن ۾ سندس محنت ۽ سچائي شامل آهي.
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو قلمي، علمي ۽ ادبي پورھيو تمام گھڻو آھي. ھو ٻوليءَ جو عاشق تہ هيو ئي پر هن ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ يونيورسٽين پاران سنڌي ٻوليءَ جي شعبي نہ کولڻ تي لکيو، احتجاج ڪيو ۽ ڪتاب ڇپيا.
    ھن لوڪ ادب لاءِ لکيو، ٽي وي تي پروگرام ڪيا ۽ لوڪ ادب جي تنظيم سلات جو سرپرست ۽ سرواڻ رهيو.
    دوستن توڙي شاگردن کي سٺيون صلاحون ڏيندو رهيو ۽ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ کين همٿائڻ سان گڏ رهنمائي ڪندو رهيو.
    هن وقت پاڻ وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪئمپس ۾ سنڌي شعبي جا چيئرمين هيا. ان سان گڏ پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان تي بہ گهڻو سرگرم رهيا.
    پاڻ نہ صرف لوڪ ادب پر تاريخ، لطيفيات، ثقافت، ٻوليءَ، شاھ لطيف ۽ ادب تي پڻ ڪيترا ڪتاب ڇپيا اٿس. 50 کان مٿي ڪتابن جو ليکڪ، مرتب يا سھيڙيندڙ رهيو. سندن علمي قابليت جو اندازو ان مان بہ لڳائي سگهجي ٿو تہ ريسرچ جنرلز جا ٽيھن جي لڳ ڀڳ شمارا سندن زير نگرانيء ۾ شايع ٿي چڪا آھن، جن ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي مان نڪرندڙ "ڪارونجھر تحقيقي جنرل" ۽ "شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچيءَ مان "ڪلاچي" تحقيقي جنرلز اچي وڃن ٿا. سندس لکيل ڪتاب ڪچھريءَ جا مور (سي ايس ايس) جي نصاب ۾ رکيو ويو آھي.
    سرهاڻ ويلفيئر ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان سماجي خدمتون ڪندو رهيو آهي ۽ هن وقت بہ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ڪراچي شاخ جو صدر هيو.
    ڪراچيءَ ۾ رهندي بہ پاڻ ڳوٺ کي نہ وسارين ۽ تعليم جي تدريج ۽ واڌاري لاء ھڪ سماجي تنظيم سرھاڻ ويلفيئر سوسائٽي جي پليٽ فارم تان ڳوٺ جي ٻارڙن کي جديد ۽ معياري تعليم فراھم ڪري رھيا آھن.
    اڄ سندس ئي ترتيب ڏنل پروگرام "تاجل بيوس جي ورسي تقريب" ۾ سگا هيڊ آفيس ۾ تاجل جي شخصيت ۽ فن بابت ڳالھائي بس ڪيم تہ ڊاڪٽر ڪمال جي وڇوڙي جي خبر پئي. سڀ سوڳ ۾ وٺجي ويا ۽ مون سميت گهڻن جون اکيون اشڪبار ٿي ويون. ڪنھن بہ ڪونہ سوچيو هيو تہ ٻوليءَ جو محافظ ڊاڪٽر ڪمال ايئن اسان کان وڇڙي ويندو. هڪ گل جيڪو بھار جي مند ڏسڻ کان اڳ سياري جي ٿڌ ۾ ڪومائجي ويو. وڃڻو تہ هر ڪنھن کي آهي پر ايئن گهڻن کي رئاري هليو وڃڻ جي ريت بہ پراڻي ناهي.
    افسوس جو سنڌ جو هڪ خير خواہ شخص اسان کان موڪلائي ويو، جنهن جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي.

    هو اڳ ويا جي قافلا،
    تن کان بہ اڳ ۾ ٿو وڃان،
    پر ٿو وڃان ڪيڏانھن مان،
    هي مون نه ڄاتو آ اڃان!
    ٿي دُور جا سانجهي سڏي، ان ۾ سمايان،
    الوداع!
    اي سنڌ توکي الوداع!
    اي هند توکي الوداع!
    تو ۾ هيو سارو جڳت!
    اي جند توکي الوداع!

    هي تصوير 6 ڊسمبر 2020ع تي ورتل آهن.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سِنڌي ادبَ جو مَرد مُجاهِد -ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

    رياض ڪلھوڙو


    انسان ڪيڏو نه نرڄو آهي، جو چنگيز ۽ هلاڪو جي موت کان پوءِ نه سمجهي سگهيو آهي ته هر ڪنهن جو انت ساڳئي کڏ آهي. پوءِ به نه ڄاڻ ڇو انسان حقيقت کان پري ٿو رهي..! الله پاڪ هن ڪائنات ۾، انسان کي افضل ڪري پيدا ڪيو آهي. پر جڏهن انسانن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪبي ته ڪي ٿورا، املهه انسان، افضل، جبل جيڏا اوچا ۽ ميڻ جيان نرم نظر ايندا. اهڙن نرم مزاج ۽ هردل عزيز انسانن منجهان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو به هڪ هو.
    شاه لطيف جو پارکو، لوڪ ادب جو ماهر، سگا شاخ ڪراچئ جو صدر، وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ ٻولين جي فيڪلٽئ جو ڊين، برک اديب، محقق، ڪيترن ئي ڪتابن ليکڪ ۽ ساڃاهه وند ۽ اسان جي هڪ متحرڪ شخصيت ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو وفاقي اردو يونيورسٽئ ۾ سنڌي شعبي جو هيڊ ھوـ سنڌي جي نالي واري عالم مختيار احمد ملاح لکيو آھي تـ : ”ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ٻوليءَ نالي وارو عالم، اديب ۽ استاد هو، جنهن جي سڄي حياتي تحرڪ ۾ گذري. جڏهن به ساڻنس ملاقات ٿيندي هئي، سندس موضوع صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب هوندو هو. هو پنهنجي خوابن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جا سپنا ڏسندو هو. هميشه ادبي ادارن جي غير فعال هئڻ جي شڪايت ڪندو هو. سندس ادبي خدمتون تمام وسيع آهن. سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن جي سلسلي ۾ ڪوششون هجن يا شاگردن کي همٿائي سنڌي شعبي ۾ داخلا ڏيارڻ جي سلسلي ۾ هجن، پي.ايڇ. ڊي ۽ ايم فل جي سلسلي ۾ وڌ ۾ وڌ اميدوار اڳتي آڻڻ ئي سندس علمي ۽ ادبي ڪتابن کان به وڏا ڪم هئا. هو پنهنجي نالي وانگر هڪ باڪمال شخص ھو. اڱارو، 1 آگسٽ 1972ع تي راڻيپور ڀرسان واقع ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ جنم وٺندڙ ڪمال الدين ولد لونگ خان ڄامڙو موجوده دور جو بهترين محقق ۽ نقاد هو. شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ امن حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحان راڻيپور ۾ پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ويو، جتان بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) ڪيائين. مئي 1998ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ 2000ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن بعد هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. پاڻ، ماهوار رسالي ” ماهه روز“ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر، اسلاميه ڪاليج مئگزين جو چيف ايڊيٽر، شاهه لطيف چيئر پاران تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ جو سب ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر، روزاني ”بزنس ايڪسپريس“ ڪراچي جو سب ايڊيٽر، هفتيوار ”نئين سوچ“ ڪراچي جو سب ايڊيٽر ۽ خبرنامون خوشبوءِ جو باني ۽ ايڊيٽر رهي چڪو آهي. سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا، مضمون ۽ شاعري ڇپجندي رهي ٿي. پاڻ سٺي ليکڪ سان گڏ سٺو مقرر پڻ آهي. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر جي حيثيت سان پڻ فرض سرانجام ڏيندو رهي ٿو. لوڪ ادب سندس پسند جو مضمون رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس پي ايڇ ڊي جو مقالو ”سنڌوءَ جا گيت“ پڻ لوڪ ادب سان لاڳاپيل آهي.
    وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڪمال ڄامڙي بابت شمس جعفراڻي لکيو آهي ته: ”ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، هڪ جاکوڙي ڪارڪن آهي، هڪ ئي وقت لکڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ، سماجي ڪم ڪرڻ، براڊ ڪاسٽنگ ۽ موسيقيءَ تي ڪم ڪرڻ ۾ رڌل رهي ٿو. انهن سمورن ڪمن سان انصاف ڪرڻ واقعي قابل تحسين آهي“.
    ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ جو عاشق ۽ ٻوليءَ جي بقا جي ويڙه واري ٽولي جِي صف اول جو سالار هو، سنڌي ٻوليءَ جي مضمون کي تعليمي ادارن ۾ اهميت ڏيارڻ لاء مسلسل اخباري ليکن سان گڏ اعلي اختيارين کي مسلسل خط پڻ لکندو رهيو. سنڌ جو ھي مهان اديب، محقق، لطيف شناس، لوڪ ادب جو پاکو، جنهن جي سموري زندگي غور، فڪر، سوچ، ويچار ۽ علمي جدوجهد ۾ گذري، سو اڄ اربع ڏهاڙي، 16 ڊسمبر 2020ع تي زندگي جي جنگ هارائي، سدائين لاءِ مالڪ حقيقي سان مليو. الله پاڪ سندس درجا بلند فرمائي.
    هر ڪنهن مٿان موت جا، آهن لامارا
    ڪئن چئجي پيارا، ڪهڙيءَ جهٽ جهپي وڃي!
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو، قلمي پورهيو، تحقيقي ڪم، ان ميويدار ۽ ڇانودار وڻ جيان آهي، جنهن مان صدين تائين لاڀ ملندو رهندو. ڪڏهن ڇانو جي صورت ۾ ته ڪڏهن ميوي جي صورت ۾...!
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    لوڪ ادب جو پکي اڏامي ويو

    استاد لغاري


    عالمي ادبي سيمينار اسلام آباد ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ، ڪراچي ايئرپورٽ تي ويٺو هوس. مون کان پرڀرو ڪجھ ٻيا اديب، عالم، سگھڙ ۽ شاعر به ويٺل هئا. انهن ۾ تاج بلوچ، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، زيب سنڌي، يوسف سنڌي، ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ پناھ بلوچ وغيره شامل هئا. مون تي نظر پوندي ئي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب اٿيو، سڌو اچي مون کي ڀاڪر پاتائين. چئي “استاد لغاري! توهان به اسلام آباد هلو پيا؟” چيم “هائو سائين!” ته منهنجو ٿيلهو پنهنجن هٿن ۾ کڻندي چيائين “ تون به هلي اسان سان گڏجي ويھ”. سندس حُسنِ اخلاق، مُحبت، مُروت، زنده دلي ۽ ملنساريءَ جو مثال ڏسي، منهنجي دل درياھ ٿي ويئي.
    ڪَونئرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَونئرَ ڀِري آڪاس،
    ٻِنهِين سَندِي ڳالهڙِي، رازِقُ آندِي راس،
    تِنهن عشقَ کي شاباس، جِنهن مُحبتِي ميڙِيا. (شاھ)
    هي 05 جنوري 2017ع جي صبح هئي، جو اسان اسلام آباد وڃڻ جي لاءِ، ڪراچي ايئرپورٽ تي ويٺا هئاسين. اسلام آباد پهچڻ کان پوءِ، پنج راتيون ۽ پنج ڏينهن ڪيئن گذري ويا، اهو هڪ الڳ داستان آهي. هن عالمي ادبي سيمينار ۾، سرائيڪي وسيب جي اديب محترم شوڪت مغل ۽ طارق اسماعيل احمداڻي صاحبن سان ملاقاتون ٿيون. طارق اسماعيل لوڪ ادب تي آڌاريل، پنهنجو هڪ ڪتاب مون کي تحفي طور ڏنو. اهو ڪتاب اڃان منهنجي هٿ ۾ ئي هيو، ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب جن جي نظر پيئي. ڊاڪٽر صاحب مون کي فورن چيو، “استاد! اهو ڪتاب منهنجي موضوع مطابق آهي، اگر مون کي ڏيئي سگھو، ته آئون هن مان استفادو ۽ ڄاڻ حاصل ڪري، وري واپس اوهان کي موٽائي ڏيندس”. مون لوڪ ادب جي عاشق کي، اهو ڪتاب اُن ئي مهل ڏيئي ڇڏيو.
    اڳتي هلي علم و ادب جي اُجاڙ ۽ دُدڙ دنيا ۾، نقلي نقادن ۽ هٿرادو حاسدن، جڏهن منهنجي خلاف قهري ڪات ڪهاڙا ڪلايا ۽ خوفناڪ خوني خنجر هوا ۾ لهرايا، ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب اهو پهريون شخص هيو، جنهن منهنجو اخلاقي، اصولي، انساني ۽ قانوني دفاع ڪيو. “آئون اڪيلو سامهون سٿ، خنجر خنجر ڪيئي هٿ”. (شيخ اياز) مون جڏهن شاھ جي رسالي جا سرائيڪي منظوم ترجما، ڍاٽڪي منظوم ترجما، رنگين قلمي نسخا، سٽ وار سمجھاڻيءَ سان شاندار شرح لکيل ۽ ترتيب ۽ تاليف ڪيل ڪيترائي شاھ جا رسالا لکيا، ته ڪيترائي ماڻهو بِري ڍور وانگر بِڦريا. ادارن اندر ڦرڻين ڪُرسين تي وسيهر واسينگن وانگر ويٺل، وٽ سٽ، ور وڪڙ ۽ ڦڻ ڪڍي ڦُوڪُون ڏيندڙ ڦڦڪارڻ لڳا. “ترس اي حُسنِ ازل! اڄ ته منهنجو روح رڄجي ئي نٿو”. (شيخ اياز) دل چوي ٿي، ته اڄ اوهان سان ڪي اهڙا احوال اورجن، جيڪي سنڌي علم و ادب ۾، ڳاڙهي ٽُٻڪي جي حيثيت سان ٽمڪن ٿا. دل چوي ٿي، ته اڄ اوهان جي آڏو پنهنجو ڪليجو ڪورجي، لفظن جي سمونڊر کي سُرڪِيءَ ۾ سورجي ۽ ڳوڙهن کي ڳالهڙين ۾ ڳائجي. پر ڇا ڪجي جو هتي ته هاڻي هر ڪو ئي، ڪُلفت جي ڪيري ۽ ڪدورت جي ڪارن ڪوئلن جي قاروني ڪاروبار ۾ ڪاهي پيو آهي.
    وِئا سي وِينجھارَ، هِيرو لَعلَ وِنڌِينِ جي،
    تَنِي سَندا پوئِيان، سِيهي لَهنِ نه سارَ،
    ڪُٽِينِ ڪُٽُ لُهارَ، هاڻي اُنِي ڀيڻِيين”. (شاھ)
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب، جنهن پنجاھ کان وڌيڪ ماڻڪن ۽ موتين جهڙا شاندار شاهڪار شهپارا علم و ادب جي دنيا کي ڏنا، ته ان جو نالو ئي مُلڪي (صدارتي) ايوارڊ لسٽ مان خارج ڪيو ويو. “چنگ اسان کي ڏنگ هنيو، او جوڳيئڙا! اڄ لوڪ سُتي، اهڙو ڪو منتر ڪونهي؟ جيڪو آڻي ساجن کي، پت پيئڻ جي رهجي ويندي، تو سان ساقي! آهي طئي، اسان محبت وارا ماڻهو، ظالم! تو وٽ ظرف هجي”. (استاد لغاري) مون کي اهو پڻ ياد آهي، ته کپري جو لوڪ فنڪار ۽ نڙ بيتائي ربنواز هنڱورو جڏهن وفات ڪري ويو هو، ته سڀ کان اول ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب ئي، ان جي شخصيت، فن ۽ وفات تي مضمون لکي، اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايو هو. ان کان پوءِ مون ناچيز مضمون لکيا، اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايا ۽ پنهنجي ڪتاب “جي ڪنڌيءَ ڪاڪ ڪڪوريا” ۾ شامل ڪيا. سگھڙ ربنواز هنڱوري جي وفات تي، شهر جي صحافين هڪ معمولي خبر ٺاهي اخبارن ڏانهن اماڻي، ته ادارن مان فون آيا “ربنواز هنڱورو ته تمام وڏو فنڪار هيو، توهان معمولي خبر ٺاهي ڇو اماڻي آهي؟” اهڙيءَ ريت سندس جنازي نماز ۾، جن جن اديبن، عالمن، اسڪالرن، سگھڙن ۽ فنڪارن شرڪت ڪئي، ته انهن جا نالا ئي اخبارن ۾ ڪو نه آيا. بلڪه جيڪي ماڻهو مورڳو شريڪ ئي ڪو نه ٿيا، ته اخبارن ۾ انهن جا نالا شايع ڪيا ويا.
    مون کي 20 ڊسمبر 2013ع تي، ڀٽ شاھ ۾ “لطيف ايوارڊ” سان نوازيو ويو. ته ان ايوارڊ ملڻ مهل، محترم منظور احمد ڪناسرو صاحب سان گڏوگڏ، محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحبن منهنجي رهنمائي ۽ معاونت ڪئي. پاڻ پنهنجي روم تي مون کي گھرائي، ڳيراٽي پائي، اڳواٽ مبارڪ باد ڏني. آئون وڏو خوش نصيب انسان آهيان، جو مون جهڙي معمولي ماڻهوءَ کي، محترم غلام مصطفيٰ سولنگي صاحب پاران، علم و ادب جي اڪيچار خدمتن عيوض، “سنڌ راڻي ايوارڊ” ڏنو ويو. هي ايوارڊ محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب جن جي خواهش تي، سندس ئي مبارڪ هٿن سان مون وصول ڪيو. سنڌ ميوزيم آڊيٽوريم هال حيدرآباد ۾، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب، منهنجي پياري ڀيڻ محترمه سيما عباسي صاحبه، واحد ڪانڌڙو، سليم چنا، موليٰ بخش محبتي ۽ حافظ احمد صاحبن سان پڻ ميل ملاقاتون به ٿيون. صفا سچي حقيقت ۽ دلي درد جي دکدائڪ داستان هيءَ به آهي، ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙوصاحب اسان کان ايئن اوچتو هليو ويو، جو اسان کانئس مرڪي موڪلائي به ڪو نه سگھياسين. سسئي چيو هو “ساٿِي نه پَسان سي، جي هُئمِ هِينئين ٿُوڻِيُون”. سندس صحتيابي جي دعائن لاءِ جيئن ئي فيس بوڪ تي پوسٽون اچڻ شروع ٿيون، ته الاءِ ڇو منهنجي روح ۾، بي خبر ۽ بي چين لهرون اچڻ ۽ وڃڻ لڳيون هيون. آھ! ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب! توهان ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي ڪا نه ڪئي. محبت، عزت، اخوت ۽ آدرشن جا اخلاقي ڀنڊار رهيا. اسان کي اهو سڀ ڪجھ ته ڏيئي ويا، جيڪو هڪ محبت ڀرئي ماحول ۽ انسانت جي لاءِ نهايت ضروري هوندو آهي، پر يار! هاڻي “روئڻُ ۽ راڙهو، مُون نماڻيءَ جي نِجھري، ڪُٺل کي قلب ۾، قُربَ جو ڪاڙهو”. هاڻي جيسين سج اڀرندو رهندو، تنهنجيون يادون ۽ منهنجي اڪيلائي هم ڪلام رهنديون.
    هلال پاڪستان جي ٿورن سان.
    جمعو 18 ڊسمبر 2020 ع
    ٿينڪس پيارا لجپت مظلوم.
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڇا ڊاڪٽر ڪمال وري منهنجي آفيس نه ايندو...!!!؟؟؟

    مرتضيٰ لغاري

    منهنجي ذميدار ۽ شفيق استاد
    عزت لائق ميڊم ڊاڪٽر عابده گهانگهرو صاحبه
    آلين اکين ۽ ٽُٽل دل جي دريءَ منجهان
    تعزيت نامو.....!

    محترم سائين
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب
    نه رڳو اوهان جو جيون ساٿي هيو، نه رڳو، مهراڻ ۽ ادڙي سرهاڻ ۽ ٻين ننڙين جو والد هو...!
    هو اسان جو به شفيق استاد (والد) هو.
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو نه رڳو شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، ڪالمسٽ، ڪمپيئر، مقرر، مترجم۽ سيبتو محقق هو، پر هو وڏو تعليمدان ۽ ذميوار استاد هو. هو نه رڳو ذميوار استاد هو پر هو ذميوار، پيءُ، ذميوار ڀاءُ، ذميوار همسفر، ذميوار اديب هو. سندس زبان مان نڪتل هر هڪ لفظ، سندس قلم سان پيپر جي سيني تي اتاريل هڪ هڪ پيراگراف، هڪ هڪ مضمون سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌي تعليم، سنڌ جي ثقافت توڙي سماج سڌارڪ دستاويز هو. يقينن هو هڪ فرد نه پر ادارو هو، اڃان به جي ايئن چوان ته هو ادارن جو محافظ هو ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو.
    سنڌ ڌرتيءَ تي اديب دانشور توڙي محقق ڪيترائي جنم وٺي پنهنجو ۽ ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪري ويا، پر ڊاڪٽر ڪمال صاحب انهن سڀنيءَ کان مٿاهون هو، ڇو ته هو چوويهه ڪلاڪ جاکوڙي هو. هن جاڳ ۾ ته پنهنجي زندگيءَ جو سڄو وقت سنڌيت کي ڏنو پر سندس اکين ننڊ جي آگوش ۾ به هن ڌرتي ۽ ڌرتي واسين، توڙي نوجوانن جي مستقبل جو اُلڪو ڪيو هوندو.
    مون سندس چهري تي ڪڏهن به مايوسي يا پريشاني ڏٺي هوندي ته اُها سنڌي ٻوليءَ، سنڌي نوجوانن جي مستقبل جي هوندي. باقي سندس زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي کيس پريشان يا ڪٿي مونجهو يا مايوس نه ڏٺو هو.
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب کل مُک، سدا ملوڪ ۽ مٿير مڙس هو. هو وڏي سان وڏو، ننڍي سان ننڍو، غريب سان غريب، امير سان امير، آفيسر سان آفيسر، شاگرد سان به اُن جي دوست جيان رهيو. مون کيس ڪڏهن به ڪنهن سان منهن گهنجائيندي نه ڏٺو هو، مخالفن لاءِ به هن وٽ نيڪ تمنائون هيون. هن پنهنجي شاگردن کي بهترين تعليمي سرگرميون ڏنيون، نيون راهون هموار ڪيون، سندن مستقبل لاءِ جاکوڙ ڪئي، پر هن پنهنجي مزاج ۾ اُها انا ڪنهن پل لاءِ به نه رکي.
    هو اهڙو ته بهادر هو جو هن ڪنهن به جسماني تڪليف جو ڪنهن سان ڪڏهن ذڪر نه ڪيو هو، اُهو ئي سبب هو جو سندس طبيعت جي لهنواريءَ جو پتو ئي نه پيو، اهڙي جواني، اهڙو شعور، اهڙي دليري ساڻس ڪيئن ٿي بي وفائي ڪري سگهي، هن کي ته گهڻو ئي ڪم ڪرڻو هو، گهڻائي ڪتاب لکڻا ۽ ڇپائڻا هئا.
    سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ وارو سندس خواب به اڃان ساڀيان نه ٿيو هو،
    سنڌ ۾ موجود تعليمي ادارن ۾ سنڌي مضمون لازمي پڙهائڻ وارو خواب به اڃان پورو نه ٿيو هو.
    آرٽ ڪائونسل ۾ اڃان سنڌي عالمي ڪانفرنس جو اعلان نه ٿيو هو.
    هي هيترا سارا ڪم، اهڙو ذميوار شخص ڪيئن ٿي ڇڏي سگهيو.
    اها اڃان تائين ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي.
    مون سان سندس ڪيل اُهو پروگرام به ته اڃان اڌورو هو، جيڪو اسان کي 10 جنوريءَ تي سندس ٻن ڪتابن جي مهورتي تقريب جي صورت ۾ ڪرڻو هو.
    ميڊم ڊاڪٽر عابده گهانگهرو صاحبه ڊاڪٽر ڪمال ۽ اوهان جو سهيڙيل ڪتاب ”ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو“ به اُن ئي ڏينهن تيار ٿي چڪو هو، جنهن ڏينهن اسان کان اسان جي محبوب موڪلاڻي ڪئي. مان سندس خدمت ۾ اُهو ڪتاب حاضر نه ڪري سگهيس.
    ها پر اُن ڪتاب ۾ منهنجيون اکيون کُتل آهن، جيڪي آليون به آهن ته افسرده به!!
    ٻه ڏينهن پهرين ته آچر واري ڏينهن سائين ايف فل جو اسان جو ڪلاس ورتو هو، جنهن ۾ پاڻ ڊاڪٽر الانا صاحب جي هڪ ٻئي سان تعزيت ڪئي هئي سين. مون کان سندس اُهو جملو به ڪيئن وسري جنهن ۾ هن چيو هو ته يار استاد عالم ۽ اڪابر ماڻهو اوچتو اوچتو هليا وڃن ٿا، انهن سان جلدي ملاقاتون ڪيو، انهن کان ڪجهه وٺو، انهن کان ڪجهه سکو. اُن وقت ته ڪنهن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هئي.
    محترمه ڊاڪٽر عابده گهانگهرو صاحبه:
    اوچتو 16 ڊسمبر واري صبح جو جيئن ئي آفيس پهتس ته اوهان جو اسٽيٽس نظر مان گذريو، ايتري ۾ حاجن نظاماڻي جي ڪال به پهتي، پتو پوڻ تي ڳڻتي ٿي، جو اوهان سان رابطو ڪيو، پر ڪجهه به چوڻ جي سگهه نه ساريم، سنگت کي اطلاع ڪيو، جيڪي دوست ان ويل مون وٽ پهتا انهن سان گڏجي سڌو اسپتال پهتس. اُتي موجود دوستن ۽ اوهان جي چهري جي اذيت ناڪ مايوسي محسوس ٿي، جيڪا ڪنهن به حادثي کان گهٽ ڪين هُئي، آخر تائين بيٺا رهياسين، پر پاڻ پنهنجي محبوب محسن کي پچائي نه سگهاسين، شايد سندس ڏينهن ايترا هئا، اوهان جي اونڇگارن تي اسان جي دل به ايئن ئي ڍنڍڪر ڏئي رُني هئي. بس اُها گهڙي ۽ هي گهڙي! اڄ تائين اسان کان ڪو به ڪم ڪار ته نه ٿو ٿئي پر اُهو ئي اسان قبول نه ڪيو آهي ته ڪو سائين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي. توڙي جو اڄ اسان سندس جسم خاڪيءَ ڌرتيءَ جي خاڪ حوالي ڪري آياسين...!
    پر اڄ به اهو پاڻ کان پاڻ سوال ڪري رهيو آهيان ته ڇا؟ ڊاڪٽر ڪمال وري منهنجي آفيس نه ايندو...!!!؟؟؟
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پندرنھوار افيئر ميگزين
    ڊسمبر 2020ع

    ملنے کے نہیں، نایاب ہیں ہم۔۔۔۔
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو: گھڻ رخي شخصيت

    طارق عزيز شيخ

    ھيء 1989ع جي ڳالهه آهي، جڏهن منھنجي داخلا ڪراچي يونيورسٽيء جي سنڌي شعبي ۾ ٿي. تن ڏينهن ۾ شعبي جو چيئرمئن سائين پروفيسر سليم ميمڻ ھو جڏھن تہ ٻين مانائتن استادن ۾ ڊاڪٽر اياز قادري، مئڊم فھميدہ حسين، ڊاڪٽر نواز علي شوق، مئڊم خورشيد عباسي، سائين عابد مظھر ۽ سائين عبدالرحمان چنا ھئا. ھتي ڪيترائي دوست مليا، پر منھنجو جھڙي طرح ڪمال ڄامڙي سان جيء جڙيو، ايئن ٻئي ڪنهن سان نه جڙي سگهيو. ڪلاس ۾ توڙي ڪلاس کان ٻاهر اسان گڏ ھوندا ھئاسون. ڪمال ڄامڙو ھر سيمسٽر ۾ سڀ کان وڌيڪ نمبر کڻندو ھو ۽ پھريون نمبر ماڻيندو ھو. يونيورسٽيء جي ان زماني ۾ ڪافي پيارا دوست مليا، جن ۾ حميد سبزوئي، محمد خان شيخ، غفور ميمڻ، نورالدين جمالي، ستار ڪلوڙ، اشرف خاصخيلي، غفار ڀٽو، سڪندر ٻٻر، سرور علي شاهه، محمد جڙيل، مشتاق راڄپر، رخمان گل پالاري، مختيار علي ابڙو، حاڪم علي ٻرڙو، احمد ڪولاچي، ذوالفقار ٻگھيو ۽ ٻيا ڪيترائي سڄڻ جيڪي ڌنڌلڪي ۾ پيل آھن پر في الوقت ياد نه پيا اچن. ھنن دوستن ۾ ڪي سينيئر ۽ ڪي جونيئر شامل آهن. آئون يونيورسٽي کان پوءِ اخبار ۾ ھليو ويندو ھئس ۽ ڪمال ريڊيو پاڪستان تي.
    هو راڻيپور ويجهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي جي لونگ خان ڄامڙي جي غريب گھر ۾ جنم وٺڻ بعد، جنهن هوا ۾ پرورش وٺي وڏو ٿيو، اتي سچل سرمست جي جهولڻن، واين ۽ بيتن جو اثر هو. ڪمال شروع کان ئي سادو ۽ سچو ماڻھو ھو. ڪڏهن به ڪنهن علت ۾ نه رھيو. ماٺيڻو مزاج رکندڙ ڪمال شاعريءَ جو گھڻو شوق رکندو ھو. ڪڏهن ڪڏهن سندس شعر ايترا سٺا ھوندا ھئا جو، آئون پنھنجي نوٽ بڪ تي به لکندو ھئس. امتحانن جي ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي ايوان اقبال ھاسٽل جي سندس روم ۾ امتحان جي تياري ڪندا ھئاسون. انھيءَ زماني ۾ ھو، نئين سوچ رسالي ۾، جيڪو ناظم آباد مان نڪرندو ھو، ۾ پڻ ڪم ڪندو هو.
    سال 1991ع ۾ ناليواري صحافي ناصر بروهيءَ جي ادارت ۾ سنڌ جي پھرين مڪمل ڪاروباري اخبار روزاني "بزنيس ايڪسپريس" جاري ٿي. اسان ٻنھي گڏجي ان اخبار کي سب ايڊيٽر طور جوائن ڪيو. جتي زاھد ميراڻي ۽ ھدايت سومرو به ڊيسڪ تي ھوندا ھئا. ساڳئي ئي دفتر مان انگريزي ۾ "سنڌ ايڪسپريس" اخبار به جاري ٿيندي هئي، جتي سعيد سربازي، عارف بلوچ ۽ سريندر ولاسائي ھوندا ھئا. آئون ۽ ڪمال ڄامڙو اھو سال کن عرصو "بزنيس ايڪسپريس" ۾ رھياسين. ھو اڪثر يونيورسٽي کان پوءِ ريڊيو تي ھليو ويندو ھو نه ته وري منھنجي معمول موجب يونيورسٽيء جي پوائنٽ ۾ ڏيڍ ٻي ڌاري چڙھي، صدر ۾ لھي پوندا ھئاسون ۽ اتان پنڌ پنڌ، آئي آئي چندريگر روڊ تي اخبار جي دفتر پھچندا ھئاسون. ماني ڪڏھن يونيورسٽي جي ڪينٽين ۾، ۽ ڪڏھن بمبئي ھوٽل جي خيرآباد ريسٽورنٽ ۾ کائيندا ھئاسين.
    ڪمال ڄامڙو اھو خوددار شخص ھو جنھن ڪڏهن به، ڪنھن جي سفارش جي آڌار تي ترقي ڪونه ڪئي. ريڊيو پاڪستان، رسالا، اخبارون، لطيف چيئر، ٽي وي، ثقافت کاتو، يونيورسٽي ۽ سگا سميت ھر مرتبو پنھنجي اھليت تي ماڻيائين. ريڊيو پاڪستان تي بھترين پروگرام ڪندو ھو. سڄي سنڌ مان سندس ساراهہ ۾ خط ايندا هئا. نثار ميمڻ ۽ نصير سومرو سندس استاد پروڊيوسر ھئا. ھو موسيقي، ادب ۽ نوجوانن جي پروگرامن جو معروف ڪمپيئر رھيو. توري تڪي ڳالھائيندو ھو. ڪڏهن به ڪو غير ضروري جملو ريڊيو تي نه ڪڍيائين. پروگرام کي پيش ڪرڻ جو ماھر ھو. سندس ادبي پروگرام رسالو ۾ ڪجھ عرصي تائين ڪتابن تي تبصري جو سلسلو منھنجي ذمي ھوندو ھو.
    ھن يونيورسٽي جي شاگرديءَ جي ڏينهن ۾ ئي شادي ڪئي ھئي جيڪا اسٽيل ٽائون ۾ تقريب منعقد ٿي ھئي. سندس وني، ادي عابده گھانگھرو به نھايت سلڇڻي، لائق فائق خاتون طور، ڪمال سان ڀرپور نموني نينھن نڀايو. ريڊيو کان وٺي اردو يونيورسٽي تائين ٻنهي ۾ علمي ادبي ھڪجھڙائي رھي. اھوئي سبب آھي جو ڪمال کي گھر ۾ به اڪثر ادبي معاملن تي ڳالھائڻ ۾ سٺو ساٿ ملندو رھيو. سندن اولاد ۾ ٻه نياڻيون ۽ ھڪ پٽ نصيب ٿيا.
    1998ع ۾ اسان ٻئي شاھ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيء ۾ ريسرچ آفيسر مقرر ٿياسين، جتي اسان جي مانائتي استاد ڊاڪٽر فهميده حسين، شاھ لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر ھئي. ٽيون ريسرچ آفيسر انب گوپانگ ھو. ڊاڪٽر نواز علي شوق چيئر جو ايڊوائيزر ھو. ھڪ ٻيو ساٿي حاڪم علي چانڊيو به اسان جو ٻانهن ٻيلي ھو، جيڪو ھن وقت ڄامشوري جو سينيئر صحافي آهي. مئڊم فھميدہ اسان کي تحقيقي پروجيڪٽ ڏنو: "شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر". رحمان بابا ۽ ڄام درڪ لاءِ ڪمال کي ذميواري ملي جڏهن ته بلھا شاهه ۽ خواجہ غلام فريد لاءِ مون کي مقرر ڪيو ويو. انھن ئي ڏينھن ۾ تحقيقي جرنل ٽماھي ڪلاچي ڪڍڻ جي به مئڊم فھميدہ، منظوري ڪرائي ورتي. جنھن جي ايڊيٽر مئڊم ھئي ۽ سب ايڊيٽر آئون ۽ ڪمال بڻياسين. ان سان گڏوگڏ نيوز ليٽر به شروع ڪيو ھئاسين. اڃا ڪجھ مھينا مس گذريا تہ سليم ميمڻ صاحب جيڪو سيڊوائيزري بورڊ جو ميمبر ھو. لطيف سائينءَ جي عرس وارن ڏينهن ۾ ئي ڪانفرنس ڪرائڻ بابت ميٽنگ ڪئي ھئي جيڪا بعد ۾ شاھ ۽ سنڌ جي سري ھيٺ عاليشان ڪانفرنس منعقد ٿي ھئي. ھن ڪانفرنس جي ميزباني ڪمال ڄامڙي ڪئي ھئي. شاهه لطيف چيئر انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي متحرڪ علمي، ادبي ۽ تحقيقي اداري طور نمايان ٿي چڪو ھو. ٿوري ٿوري عرصي ۾ ڪانفرنسون ۽ سيمينار منعقد ٿيندا ھئا. ڪمال ڄامڙو چيئر جي پروگرامن جي ڪارروائي ھلائيندو ھو ۽ ريڊيو تي به آھي پروگرام نشر ڪندو ھو ۽ آئون ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ، يونيورسٽي جي پريس جو ڪم، اخبارن ۾ خبرون، تفصيلي رپورٽون ۽ مضمون لکڻ ۽ انھن کي شايع ڪرڻ واري پاسي کي سنڀاليندو ھئس. ھڪ کان پوءِ ھڪ يا وري ڪيترائي ڪم گڏ ھلندڙ ھئا. شاهه لطيف چيئر ۾ ٻن ورھين تائين اسان وڏو تحقيقي پورھيو ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ جيڪو اشاعتي ڪم پڌرو ٿيو ان ۾ ٽماھي ڪلاچي تحقيقي جرنل، شاھ جو رسالو، مرتب: ٻانھون خان شيخ، زندگيءَ جو سفر: غفور ڀرڳڙي، سنڌ جو شاھ:بدر ابڙو، شاھ ۽ سنڌ (ٻن جلدن ۾، سنڌي، انگريزي ۽ اردو مقالا)، شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر: ڪمال ڄامڙو ۽ طارق عزيز شيخ، ڇپر جي ڇولي:انب گوپانگ، سوشل ڪنٽينٽ ان شاھ جو رسالو (انگريزي):انور پيرزادو، دي بڪ آف شاهه جو رسالو (جرمن ٻوليءَ مان انگريزي ترجمو) جيرڊ ليپڪي/طارق محمود، پنج گنج(سنڌي مان اردو ترجمو) فقير قادر بخش بيدل/ڊاڪٽر نواز علي شوق. ھڪڙو پروجيڪٽ ڊگھو ھليو سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت، جنھن ۾ نگران مئڊم فھميدہ حسين ھئي ۽ ڪمال ۽ مون کان علاوه غفور ميمڻ، ياسر قاضي، انب گوپانگ، عزيز خاصخيلي، شاھدہ دوست محمد ۽ نصرالله ناصر ھن ڪم ۾ نور نچويو.
    سال 2000ع ۾ ڪمال ڄامڙو، سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾، سنڌيءَ جي ليڪچرار طوراسلاميه سائنس ڪاليج ۾ آيو. ھو ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. علمي ادبي سرگرميون به جاري رکندو آيو..
    سال 2000ع ۾ مئڊم فھميدہ حسين جي نگرانيءَ ۾، ڪمال ڄامڙي "سنڌي لوڪ گيتن جو تحقيقي جائزو" جي سري هيٺ ايم فل ليڊنگ ٽو پي ايڇ ڊي جو ڪم شروع ڪيو. ھن موضوع کان اڳي سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع تنوير عباسيءَ جي شخصيت تي ھو پر ان موضوع تي پھريائين ڪو ٻيو ھمراھ انرول ٿي چڪو ھو، انھيءَ ڪري بعد ۾ ھن لوڪ ادب وارو موضوع چونڊيو. ڪمال پنھنجي پي ايڇ ڊي فارم سان گڏ منھنجو به فارم وٺي آيو ھو ۽ اسان ٻنھي کي مئڊم فھميدہ، موضوع، سناپسز۽ ببليو گرافي سميت ڀرپور مدد ڪئي ھئي پر آئون ڪن ذاتي مجبورين سبب فارم جمع نه ڪرائي سگھيس. دلچسپ ڳالهه ھيء آهي ته اٽڪل پندرنهن سالن کان پوءِ ساڳئي موضوع تي ڪمال زور ڀري مون کي اردو يونيورسٽي مان 2016ع ۾ ايم فل ليڊنگ ٽو پي ايڇ ڊي جي لکت واري امتحان جو فارم ڀرايو ۽ پوءِ سندس نگرانيءَ ۾ ممتاز مرزا جي ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو تحقيقي جائزو جي سري ھيٺ تحقيقي مقالو لکي پورو ڪيم.
    سال 2006ع ۾ ڪمال ڄامڙي، ڪراچي يونيورسٽيء مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي ۽ ھو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو بڻجي ويو. ان کان پوءِ ھو ٻين تحقيقي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. ھن ڪاليج جي زماني ۾ ھن سنڌي سبجيڪٽ کي سنڌ جي سمورن ڪاليجن ۾ لازمي قرار ڏيڻ واري جدوجھد شروع ڪري ڏني. سنڌي سبجيڪٽ سوسائٽي جي باڊي جوڙي وئي جنهن جو صدر بڻيو ھو ۽ آئون ان جو اطلاعات سيڪريٽري بڻيس. ان ڏس ۾ اخبارن ۾ مضمون لکڻ کان وٺي وزير، سيڪريٽري تعليم ۽ انٽر بورڊ تائين ڀڄ ڊڪ ۾ لڳي وياسين. اسان وري به ان محنت کان، ڪڏهن ڪڏهن بھانا بڻائي، لنوائي ويندا ھئاسين پر ڊاڪٽر ڪمال کي شابس جو ريڊيو، ٽي وي جي مصروفيت باوجود به ڀڄ ڊڪ ڪندو رھيو. اھوئي سبب آھي جو ڊاڪٽر حميده کهڙو، وزير تعليم طور ان ڪوشش کي ساراهيو ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان جو بل پاس ڪرايو ھو.
    سال 2011ع ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو. تڏهن شعبي جو چيئرمئن ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري ھو. سال 2012ع ۾ ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين بڻيو. ستت ئي ھو تحقيقي جرنل ڪارونجھر جو ايڊيٽر بڻيو. ڊاڪٽر ڪمال کان اڳي ڊاڪٽر عنايت حسين، ڪارونجھر جو 2009ع کان وٺي ايڊيٽر رھندو آيو ھو. ٻنهي عالمن تحقيقي جرنل کي معياري بڻايو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ھن جرنل کي 2014ع ۾ ھائير ايجوڪيشن مان رڪگنائيز ڪرايو، جنھن سان ريسرچ فيلوز جا ڇپيل مقالا پي ايڇ ڊي لاءِ مددگار ثابت ٿيا.
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سماجي خدمتن ۾ پڻ اڳڀرو رھيو. ھن نوي واري ڏهاڪي جي پوين سالن ۾ سرھاڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن ٺاھي. ھن سماجي تنظيم تحت ڪراچي جي گڏاپ علائقي ۽ پنھنجي اباڻي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ اسڪول کولي مفت تعليم ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيائين. سندس ڪابه، ڪٿان به فنڊنگ ڪونه ھئي. ھو دوستن يارن ۽ ھمدردن جي سھڪار سان ۽ گھڻو تڻو پنھنجي ھڻائون غريب ٻارن کي پڙھائڻ جو سلسلو ھھلائندو رھيو. انھيءَ سرھاڻ ويلفيئر جي نالي سان ھن پبليڪيشن ادارو به قائم ڪيو، جنھن ذريعي پنھنجي ڪتاب ۽ اشاعتي ڪم ڪندو رھيو.
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سگا جو پڻ سرگرم ميمبر رھندو آيو پئي ۽ ڪجھه ورھين کان سگا ڪراچي شاخ جو صدر بڻجي ذميواريون سنڀالي رھيو ھو. ان ڏس ۾ سماجي ڪمن کان علاوه علمي ادبي ڪم به ٿورن ٿورن ڏينهن ۾ ڪندو رھيو.
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جيئن ته لوڪ ادب ماھر ھو تنھنڪري ھن لوڪ ادب کي ڄڻ نئين سر جيئاريو. ادبي کيتر منجھ ڊگھي عرصي کان وٺي، لوڪ ادب جي موضوع کي وساريو ويو ھو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي اچي لوڪ ادب کي هر فورم تي کنيو. ريڊيو، ٽي تي پروگرام، سگھڙ ڪانفرنس، سيمينار، ادبي ميلن ۾ سيشن رکائڻ، ڪتاب لکڻ، شاگردن کي ايم فل پي ايڇ ڊي لاءِ موضوع کڻائڻ ۽ لوڪ ادب ڏينهن ملھائڻ تائين متحرڪ بڻجي ويو. ڪمال ڄامڙو لوڪ ادب جي مڙني صنفن تي مڪمل عبور رکندڙ ھو. هن وٽ سڄي سنڌ جي سگهڙن جا رابطا رهندا ھئا. سگهڙن کي پڻ اهميت ڏيارڻ ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ساراهڻ جوڳو ڪم ڪيو نه ته ماضيءَ ۾ عالم ۽ محقق سان سٻاجهڙن سگهڙن کان دانائي جا گفتا ٻڌي پنهنجي ڪريڊٽ تي مڃرائيندا هئا. پي ٽي وي تي سيد صالح محمد شاهه جي پروگرام "اوطاق"جيڪو بعد ۾ “ڪچهري” بڻجي ويو هو، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ڪري لوڪ ادب فقط انهيءَ ۾ ڏسڻ ايندو هو. هن وقت سنڌ جي سگھڙن جي تنظيم جي سرپرستي پڻ ڪري رهيو ھو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي وٽ لوڪ ادب جي حوالي سان ڪيئي اسڪيمون ڪم ڪرڻ لاءِ رٿيل ھيون پر ھاڻي اھي شايد مڪمل نه ٿي سگھنديون..
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي گھڻ رخي شخصيت تي لکڻ لاءِ ڪتاب لکڻ جيترو مواد به ٿورو ٿيندو. بس اھو چئي سگھجي ٿو ته ھو ڪمھلي موت سبب سندس سڄڻن جو جيء جھري پيو ۽ ٻئي پاسي سنڌي ادب کي وڏو نقصان ٿي ويو. شاگردن جو ڀرجھلو ھو، کين ھميشه ھمت افزائي ۽ مددگار ثابت ٿيو.
    ھو وفات کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ به ھو معمول واري زندگي گذاري رهيو هو. ھن فيس بڪ تي ھر سال جيان 16 ڊسمبر تي لوڪ ادب جو ڏينهن ملھايو ويندو، جي پوسٽ رکي ھئي. اھو ڏينهن ھو ھر سال ڀرپور نموني سان پروگرام ڪري مھائيندو ھو پر ھن سال اھا تاريخ اچڻ کان ٽي ڏينهن اڳ، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو اوچتو ڊينگي بخار سبب، تمام تيزيءَ سان حالت بگڙجندي وئي ۽ اربع ڏينهن 16 ڊسمبر تمام جو پنجين وڳي ھن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس ڪھڙي خبر ھئي ته سندس پسنديده لوڪ ادب جو ڏينهن ملھائڻ واري تاريخ سندس لاڏاڻي جي تاريخ ٿيندي...
     
  7. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ياد جو ڏينهن (پهرين ورسي
    ابراهيم لاشاري

    مرڻا اڳي جي مئا ، سي مري ٿين نه مات ،

    هوندا سي حيات ، جئڻا اڳي جي جئا .
    [​IMG]
    ھن سونھن ڀري رنگ بہ رنگي جھان منجھ انسان اچي پنھنجي حصي جو ڪم ڪري هليو ٿو وڃي پر جڳ منجهه نالو وري هميشه جرڪندو ٿو رهيس اھڙين شخصيتن جو مان مرتبو ھميشہ مٿانهون ھوندو آھي اھڙن ماڻھن اديبن منجھان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو نالو اتم ۽ اعليٰ ھو. پاڻ پنھنجي ھر ادبي، سماجي، ثقافتي ڪم ۽ شعبي منجھ پاڻ مڃائڻ ۾ ڪامياب ويو . سنڌ ۽ سنڌ جي ادبي دنيا سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ڪم ڪردار کي وساري نہ سگھندا. سنڌي ادب جي ھن لازوال ڪردار پنهنجي وادي مهراڻ جي خيرپور ضلعي جي وڻندڙ خوبصورت خوشبوءَ واري مٽي جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي جي معتبر ۽ معزز شخصيت لونگ خان ڄامڙي

    کي اهو اعزاز حاصل هو ته پهرين آگسٽ سال 1972ع اڱاري ڏهاڙي اڄ کان 49 سال اڳ هڪ موتين جهڙي پٽ جي نعمت سان نوازيو جنهن پنهنجي پٽ جو ڇٺي ڏينهن نالو ( ڪمال ) رکيو اڳتي هلي هي سانوري جسم جي سگهاري ۽ ذهين انسان سنڌي ادب ۾ پنهنجي نالي جي حيثيت کي اجاگر ڪندي واقعي هو هميشه سنڌي ادب منجهه سنڌي ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪمال جهڙو عظيم ڪم ڪري ڏيکاريندو رهيو . سندس ڪيل ادبي ڪم جو جديد دور ۾ ڪو مٽ ثاني نظر نٿو اچي خيرپور جي درازا حضرت سچل سرمست جي نگري ڀر سان راڻيپور جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ موجود گورنمينٽ پرائمري اسڪول کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته جڏهن ڪمال الدين ڄامڙو صاحب پڙهڻ واري وهي پهتو ته هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ واري اسڪول منجهان پنج درجا وڏي شوق سان پڙهي پورا ڪيا ، ڌرتي جي مورن جهڙي هن ذهين اديب ، شاعر ، محقق ، لوڪ ادب جو ڏاهو ، لطيف سرڪار جو پارکو ، محنت سان مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس جو امتحان راڻيپور منجهان پاس ڪري وڌيڪ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اباڻا ڪک ڇڏي وڃي ڪراچي وسايائين پڙهائي سان وڌيڪ شگف رکندي (بي _ اي آنرز ) جي سند ڪراچي يونيورسٽي منجهان حاصل ڪيائين تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب منجهه (ايم _ اي سنڌي ) پڻ ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪري ورتي، بعد ۾ هن سنڌي ادب جو جاکوڙي ڪردار سال 1998ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽي منجهه شاهه لطيف چيئر ۾ (ريسرچ آفيسر ) رهي لطيف سائين جي ڪلام تي جهجي انداز ۾ وڻندڙ ۽ ڪمال جو ڪم ڪري پنهنجو نالو سنڌي ادب ۾ نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو سال 2000ع نئين صدي جي شروعات وارن ڏينهن ۾ سنڌي ادب جي محقق ، ليکڪ ، شاعر لطيف شناس پڙهڻ پڙهائڻ واري شعبي سان سلهاڙجي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري آگسٽ 2000ع ۾ (اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچي ) ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر پڻ ٿيو جتي هن محنت سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو تنهن بعد هن ذهين محقق ، ناليواري اديب لوڪ ادب تي هڪ بهترين مقالو ( سنڌو جا گيت ) لکي ڪراچي يونيورسٽي منجهان (پي _ ايڇ _ ڊي ) واري ڊگري پڻ حاصل ڪري سنڌي ادب جي جهول ۾ زبردست ڪمال جهڙي ڪوشش سان زينت ۽ سونھن ۾ وڌارو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو سندس جو اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي سال 2008ع ۾ ڇپائي پڻ پڌرو ڪيو محترم ڪمال ڄامڙو صاحب جا سوين تحقيقي مقالا ، مضمون ، ۽ شاعري سنڌ جي مڙني اخبارن ۽ رسالن ، مئگزين، جي زينت بڻجندا رهن ٿا هو مسلسل سنڌي ادب کي پنهنجي قلم جي نب سان ڪيترائي ڪتاب ڏيندي ٿڪاوٽ محسوس نه ڪيائين . سنڌ جي هن برجستي ليکڪ ،اديب ، محقق ويهن ڪتابن کان مٿي سنڌي ادب جي جهول دنيا ۾ ڪتاب ڏيندو رهيو. سندس ڪتابن جي فهرست هن طرح جڙي ٿي
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل ’شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘ شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڇپيو. تنهن بعد سنڌي لوڪ فنڪارن بابت ڪتاب ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘، ثقافت کاتي پاران شايع ڪيو ويو. ان کان علاوه “ڪراچيءَ جا اديب ۽ شاعر”، “لطيف ذهني چٽاڀيٽي”، “رسالو ڳجهارت”، “ڪتيم ڪينڪي”، “ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۽ ڪريم بخش ڪريم جو ڪلام”، “پاکستانی زبانوں کا لوک ادب”، “سندھی ثقافت کا نیا دور”، “ڀٽائي ۽ ڀونءِ”، “سيد پير علي شاھ درازي جو ڪلام”، “بهادر ڇوڪري”، “اسان جو ڀٽائي”، “ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سگهڙائپ”، ”سنڌي مادري ٻولي” سميت ٻيا ڪتاب به شامل آهن.
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر ۽ چيئرمين هو، آخر تائين سنڌي شعبي پاران ڪارونجهر مخزن ايڊٽ ڪندو رهيو. هُو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سنڌي سکيا ڪلاس جو نگران به رهيو. سندس لوڪ ادب جي حوالي سان خدمتون ساراهڻ لائق آهن
    ڪيترن ئي ڪتابن سان هن وقت تائين سنڌي ادب کي آسودي ڪرڻ ۾ پاڻ ڪمال جو ادبي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي سنڌ جو هي ڏاهو اديب ڪيترن ئي اخبارن رسالن ، ميگزين جو ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر واري ڪم سان به نڀائيدو رهيو .مرحوم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب پاڻ هڪ بهترين براڊڪاسٽر پڻ هو ڪيترائي ورهين هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان پنهنجي مٺڙي آواز ۽ ڏات سان ثقافتي، ادبي پروگرام ڪندي نظر پڻ آيو . پاڻ زندگي جي آخري گهڙي تائين سنڌي ثقافت ۽ لوڪ ادب لاءِ راتو ڏينهن پاڻ پتوڙيندي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب نظر آيو. سنڌ ڌرتي جو هي ڏاهو اديب محقق قافي وقت پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري شعبي سان وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي منجهه سنڌي شعبي جو استاد طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي نظر آيو سنڌ جي برجستي ۽ نماڻي طبعيت جي هن محقق اديب کي جس ڏيندس جو هو رات ڏينهن سنڌي ادب جي خدمت ۾ مصروف عمل ھو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪيترن ئي شاگردن جو سنڌي شعبي ۾ (ايم فل _ ۽ پي ايڇ ڊي ) جو گائيڊ پڻ ھو ڪيترئي شاگرد سندس کان وقت به فيضياب پڻ ٿيندا رھيا منهنجي هن جاکوڙي اديب ، محقق ، ليکڪ ،لطيف شناس سنڌي ٻولي لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙيندڙرهي ها . سنڌي لوڪ ادب جي پنهنجي ڏاهپ ۽ ڏات سان اڃان وڌيڪ خدمت ڪندو رهي ھا پر چوندا آهن ته وقت بادشاهه اوچتو پاڻ ڊينگي وائرس واري بخار سبب سول اسپتال، ڪراچي منجھ داخل ٿيو سندس جي طبعيت اوچتو خراب ٿي پئي جنھن سبب گھر ڀاتين گھر واري ۽ سندس پٽ مھراڻ ڄامڙو ترت اسپتال جي انتھائي نگھداشت وارڊ ۾ داخل ڪرايو مڱر زندگيءَ سندس ساٿ نہ ڏنو مڱر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب اڄ هي نماڻي طبعيت ۽ حساس جذبن وارو اديب پنهنجي گهر واري عابده صاحبه ۽ پنهنجي گهر وارن اديبن کان موڪلائي16 ڊسمبر اربع ڏينھن سال 2020ع زندگي جا 48سالگذاري هليو ويو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ادبي ڪم ساراھ جوڳو آهي . سنڌي ادب منجھ موتين جي ھار واري لھڙي منجھان ھڪ موتي داڻو کٽي پيو تنهن بعد ، ا نھي ڏک واري ماحول منجھ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي گھرواريءَ ۽ پٽ مھراڻ ڪمال ڄامڙو ٻن ڪتابن ڀونءِ نہ آيس ڀانءِ ۽ ڪامريڊ محمد ھاشم گھانگھرو، جي مھورت ڪري ڇڏي اهي ڪتاب پڻ مارڪيٽ منجهه پهچي ويا ڪيترا ئي اديب سندس زندگي فن ۽ ڪردار تي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندا رهن ٿا سنڌ جي ناليواري اديب شاعر لغت نويسي جو ڄاڻو قنبر ڊگري ڪاليج جي پروفيسر ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي صاحب کي آءُ جس ٿو پيش ڪيان ته جو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي زندگي فن ،ڪردار تي پهرئين ورسي جي موقعي تي هڪ ڪتاب ( ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جون علمي ۽ ادبي خدمتون ) آڻي هڪ بهترين شاگرد طور پنهنجي استاد جو قرض ادا ڪيو آهي. هت آءُ ڊاڪٽر مرحوم ڪمال ڄامڙي جي وني ڊاڪٽر عابد گهانگهر صاحبه کي پڻ سلام پيش ٿو ڪيان جو ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي صاحب سان گڏ ڪتاب ( ڳالهيون ڳوٺاڻن جون ) لوڪ ادب تي ڪتاب جي مهورت تقريب عبدالقدير خان آڊيٽوريم حال فيڊرل اردو يونيورسٽي گلشن اقبال ڪيمپس نيپا چورنگي ) ۾ ڪرڻ فرمائيندا جتي سنڌ جا ناليوارا اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي زندگي ،ڪم ڪردار کي لفظن جي ڀيٽا پڻ ڏيندا . سنڌ جو ھي اديب ٻولي جو عاشق جسماني طور اسان وٽ موجود تہ ناھي مڱر سندس ڪم ۽ ڪردار ھميشہ ياد رھندو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو نالو سنڌ جي ادبي دنيا منجھ سونھري لفظن ۾ لکيو ويندو ھن جي قلم واري نب جي مس منجھان خوشبوءِ جھڙين لکڻين مان اسان جو ايندڙ نسل سالن تائين فيضياب ٿيندو رھندو ادبي دنيا منجھ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو نالو ھميشہ چمڪندو رھندو ، 16 تاريخ خميس ڏينهن ڊسمبر 2021ع تي پهرئين ورسي شاندار نموني سان ملهائي ويندي .

    ڪوڙين ڪايائون تنهنجيون ،لکن لک هزار ،

    جيءَ سڀ ڪنهن جيءَ سين ، درسن ڌارون ڌار ،

    پريم ! تنهنجا پار ،ڪهڙا چئي ڪيئن چوان .


    0616
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو