ڪجھه ڳالهيون نگورنو ڪاراباخ ۽ ڪشمير جون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2020۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ڪجھه ڳالهيون نگورنو ڪاراباخ ۽ ڪشمير جون

    سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    ھن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ھڙني ئي مسلمانن کي خوشي ته ضرور ٿي ھوندي، جڏهن اسان سڀنيءَ مسلمانن کي اھيان خبر ملي ته اسان جي ھڪ مسلمان ملڪ پنھنجا قبضي ھيٺ آيل علائقا آزاد ڪرائي ورتا آهن. يقيناً توهان سڀني جي ذھن ۾ آذربائيجان جو نالو اڀري آيو ھوندو، جي بلڪل توهان جي ذھن ۾ بلڪل صحيح نالو اڀري آيو آهي. آذربائيجان ناگورنو ڪاراباخ (جابلو ڪارو باغ) سميت تمام اھي علائقا جيڪي گڏيل قومن جي اداري مطابق ته آذربائيجان جا منظور ٿيل علائقا ھئا، پر انھن علائقن تي ڪجهه طاقتور ملڪن جي مھرباني سان آرمينيا پنھنجو قبضو ڄمايو ويٺو هو. آرمينيا جو انھن علائقن تي قبضو اوترو ئي پراڻو آهي، جيترو ڪشمير تي انڊيا جو قبضو پراڻو آهي. فرق صرف ايترو آهي ته آرمينيا جو قبضو ناگورنو ڪاراباخ تي اڇي کير وانگر صاف ۽ سڄي دنيا جي اڳيان واضح ۽ روشن ھو. ۽ انڊيا جو ڪشمير تي قبضو دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي ان جي اعتبار سان ھو.
    پر سال کن پھريان اھو قبضو به ڪجھه طاقتور ملڪن جي مھرباني سان صفا چٽو ٿي پيو آهي.
    جنھن جو چٽو ثبوت ھي آهي ته گڏيل قومن واري اداري جي ھڪ به نه ٻڌندين انڊيا ڪشمير ۾ مڪمل طور تي ڪرفيو نافذ ڪري ڇڏيو ۽ اتان جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. ڪشمير ۾ ھن وقت جيڪو ڪجهه به ٿي رھيو آھي اھو توهان ھر ڏينھن مختلف ٽي وي چينلن تي ڏسندا ھوندو ۽ مختلف اخبارن ۾ پڙھندا ھوندو.
    آرمينيا لڳاتار 30 سالن کان آذربائيجان جي ڪجهه علائقن تي قبضو ڪيو ويٺو هو، پر ڪجهه مھينا پھريان آذربائيجان جي فوج پنھنجا سڀ اھي علائقا جيڪي آرمينيا جي قبضي هيٺ آيل ھئا آزاد ڪرائي ورتا آهن. ۽ آرمينيا جي فوج کي پنھنجن علائقن مان تڙي ڇڏيو آهي. ۽ 30 سالن جي ايڏي وڏي عرصي کان پوءِ شوشا جي مسجد ۾ الله اڪبر جو نعرو بلند ٿيو آهي، ۽ يقين ڪريو ته اسلام جي دشمنن وٽ پنھنجو منھن لڪائڻ ۽ مٿو پٽڻ کانسواءِ ڪجھه به نه رھيو آھي. آذربائيجان جي سوڀ اھيو ثابت ڪيو آهي ته اگر اسان سڀ مسلمان رب پاڪ جي ٻڌايل واٽ تي ھلو ته اسان دنيا جي ھڙني ئي اسلام جي دشمنن کان پنھنجو حق وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين ۽ ھر جڳهه تان سوڀ ماڻي وٺنداسين.
    آذربائيجان جي ايڏي وڏي سوڀ ماڻڻ ۽ قبضي هيٺ آيل پنھنجن علائقن کي آزاد ڪرائڻ يقين ڪريو ته اھيان اسان سڀنيءَ مسلمانن جي ھڪ وڏي ڪاميابي آهي جنھن تي اسان سڀني کي خوش ٿيڻ گھرجي. پر انھي سڄي معاملي کي آڏو رکندي ھر پاڪستاني جي ذھن ۾ ڪجهه سوال اڀرن ٿا ته، گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪشمير واري مسئلي تي فقط انڊيا سان ڳالهه ٻولهه وارو رستو اختيار ڪرڻ سان پاڪستان کي ڇا حاصل ٿيو آهي؟ يا پاڪستان کي ڇا وريو آهي؟ اسان سڀنيءَ ڏٺو ته دنيا وارن ڳجهي طريقي سان انڊيا کي مڪمل ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي ته جيڪو وڻي اھو وڃي ڪر. باقي زبان سان ھر ڪو پيو مذمتي بيان جاري ڪري، ۽ دنيا جي امن واري پيڪرن طرفان به انڊيا جي خلاف ڪو ٺھراءُ پاس نه ڪيو ويو آهي. دنيا وارن جي مذمتي بيانن سان انڊيا پوئتي ته نه ھٽيو پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ڪشمير مان اڃان تائين ڪرفيو به نه ھٽايو ويو آهي.
    ڪشمير ۾ ظلم جا پاڙ ته پھريان ئي ڪرايا ويا پر انھن مذمتي بيانن ويتر انھن ۾ اضافو ڪيو. ناگورنو ڪاراباخ وانگر ڪشمير واري مسئلي جون به گڏيل قومن واري اداري وٽ قرادادون ته موجود آهن پر انھن کي عملي جامو پرائڻ وارو ھر ادارو ھن وقت مڪمل طور تي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي. پاڪستان به گھڻي ٻين ملڪن جي آسري ۾ ويٺو پر اڃا تائين وريو ته ڪجھه به نه اٿس.
    ڇا اسان آذربائيجان کان گھٽ طاقتور آھيون؟ اڃا آذربائيجان وٽ ايٽم نه آهي پر اسان وٽ ايٽم بم به موجود آهي. آذربائيجان اسان کانپوءِ آزاد ٿيو آهي ليڪن اسان ته ان کان اڳ آزادي حاصل ڪئي آهي. پر پوءِ به اسان ڪشمير واري معاملي ۾ ٻين ملڪن جي ڏٽن ۾ اچي ويندا آھيون. ۽ اسان وٽ ھر حڪومت جي اھيان ڪلپنا ھوندي آھي ته ڪشمير وارو معاملو ٻيو ڪو حل ڪرائي ڏئي. اھيان ڳالهه به مڃڻ جوڳي آهي ته آذربائيجان ايڏي وڏي سوڀ بغير ڪنهن اتحادي جي نه ماڻي آهي. ان ڪري پاڪستان کي به ڪشمير واري مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ سوڀ ماڻڻ لاءِ بلڪل اتحاد جي ضرورت پوندي، پر ھر حال ۾ پاڪستان کي آذربائيجان وانگر اڳڀرائي ڪرڻي پوندي،
    آذربائيجان جي پٺڀرائي جھڙي طرح سان ترڪي جي صدر طيب اردگان ڪئي اھا ڳالھه ڪنھن کان ڳجھي يا لڪيل نه آهي. حالانڪه جڏهن طيب اردگان آذربائيجان جي مڪمل سپوٽ ڪري رهيو هو ته ان وقت ترڪي صدر کي يورپ طرفان ڪٺن ڌمڪيون پڻ ملي رھيون ھيون، پر ان ھوندي به ترڪي صدر بغير ڪنهن جي پرواهه ڪندي سچائي ۽ نيڪ نيتي سان آذربائيجان جي پٺڀرائي ڪئي ۽ ھر طرح سان آذربائيجان جي مدد ڪئي. ۽ ان جو نتيجو اسان سڀني ڏٺو ته روس جھڙو طاقتور ملڪ به ترڪي جي اڳيان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي پيو. ۽ روس انھن ٻنھن ملڪن جي ڪشيدگي کي گھٽ ڪرڻ لاءِ نه چاهيندي به جنگ بندي واري شرط جو سھڪار ڪيو. ۽ روس جو اھيو فيصلو به آرمينيا کي وڌيڪَ نقصان کان بچڻ لاءِ ڪيو ويو.
    ھن فيصلي تي روس مجبور ڇو ٿيو ان جو ڪارڻ ھي آھي ته، روس پنھنجي پر ۾ اھيان اڳڪٿي ڪيو ويٺو هو ته آذربائيجان جھڙوڪ ھڪ ڪمزور ملڪ آهي جيڪو آرمينيا جھڙي طاقتور ملڪ سان جنگ جوٽڻ جي غلطي ڪڏھن به نه ڪندو ۽ ماضيءَ وانگر پنھنجي شڪست کي تسليم ڪندو. ۽ ٻئي طرف وري ترڪي يونان سان جاري ڪشيدگي جي ڪارڻ آذربائيجان جي پٺڀرائي نه ڪندو. پر روس ويچاري کي اھيان خبر نه هئي ته ترڪي ھن وقت رجب طيب اردگان جھڙي بھادر ليڊر جي اڳوڻي ۾ دنيا ۾ ھن وقت طاقتور رياست طور اڀري آيو آهي. جنھن آذربائيجان جي پٺڀرائي ڪري روس ويچاري جي ھر اڳڪٿي کي غلط ثابت ڪيو. ترڪي وانگر پاڪستان به آذربائيجان جو ساٿ ڏنو ۽ آرمينيا جي خلاف باقاعدي گي سان پنھنجي سينٽ ۾ مذمتي قرارداد منظور ڪئي. ۽ ٻئي طرف وري پاڪستان ۾ تعينات آذربائيجان جي سفير جناب عليزاده ھن مشڪل وقت ۾ آذربائيجان جو ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان جو ٿورو مڃيو ۽ پاڪستان جي عوام طرفان مليل پيار کي آذربائيجان جي عوام به خوب ساراهيو ۽ پاڪستان جي پرچم کي ھڪ وڏو مان مرتبو بخشيو.
    آذربائيجان: ھڪ اسلامي رياست آهي ۽ ھن رياست ۾ گھڻي آبادي مسلمانن جي آهي. آذربائيجان جي 96 فيصد آبادي مسلمانن جي آهي. جنھن ۾ 85 فيصد مسلمان شيعا فرقي سان واسطو رکندڙ آهن. ۽ 15 فيصد سني فرقي سان واسطو رکندڙ آهن. آذربائيجان يوريشيا جي ڪوه ڪاف ۾ سڀ کان وڏو ۽ گھڻي آبادي وارو ملڪ آهي. جيڪو اوڀر يورپ ۽ اولهه ايشيا جي سنگم تي واقع آھي. آذربائيجان جي اوڀر ۾ ڪيسپين سمنڊ، اتر ۾ داغستان جي روسي ريپبلڪ، اتر اولهه ۾ جارجيا، اولهه ۾ آرمينيا ۽ ترڪي، ۽ ڏکڻ ۾ ايران واقع آهي. موجوده آذربائيجان واري ريپبلڪ سويت يونين جي ٽٽڻ سان 30 آگسٽ 1990ع ۾ سوويت يونين کان آزاد ٿي وجود ۾ آئي. ۽ توهان کي ٻڌائيندو ھلان ته سڀ کان پھريان آذربائيجان کي ترڪي تسليم ڪيو ۽ لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ اتي پنھنجو سفارتخانو کوليو. ان کان پوءِ آذربائيجان کي پاڪستان تسليم ڪيو ۽ پنھنجو سفارتخانو قائم ڪيو. ان کان پوءِ ايران، آمريڪا ۽ ڪجھه ٻين ملڪن آذربائيجان جي وجود کي تسليم ڪيو.
    آرمينيا: ھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف آرمينيا آهي. يوريشيا جي علائقي ڏکڻ ڪوه ڪاف جو ملڪ آهي. آرمينيا اولهه ايشيا ۾ واقع آهي. آرمينيا جون سرحدون اولهه ۾ ترڪي سان، اتر ۾ جارجيا سان، اوڀر ۾ ڊي فيڪٽو نگورنو ڪاراباخ جي آذربائيجاني علائقي ۾ نام نهاد ريپبلڪ آف ارتسخ، ڏکڻ ۾ ايران ۽ آذربائيجان جي ايڪسليو نخحوان سان لڳن ٿيون.
    آرمينيا ھڪ عيسائي رياست آهي، جنھن تقريباً 98 فيصد عيسائي آباد آهن.
    ۽ اھيان ڳالهه به سڀنيءَ کي ذھن ۾ ھئڻ گھرجي ته آرمينيا روس جي پٺڀرائي جي مدد سان ماضيءَ ۾ سلطنت عثمانيه سان پڻ وڙھيو آهي. جڏهن ته توهان کي ذھن ۾ ھجڻ گھرجي ته پاڪستان اڃا تائين آرمينيا جي وجود کي تسليم نه ڪيو آھي، جھڙي طرح سان اسرائيل کي اڃان تائين تسليم نه ڪيو اٿس.
    تاريخ جي مطالعي مان اھيان ڳالهه معلوم ٿئي ٿي ته آرمينيا ۽ آذربائيجان وچ ۾ نگورنو ڪاراباخ تڪرار جو موضوع 1918 ۾ شروع ٿيو. جڏهن ٻنھن رياستن روسي ايمپائر کان آزادي جو اعلان ڪيو. انھي تڪرار جو نبيرو ئي ڪونہ ٿيو ھو ته ٻئي رياستون ڪميونسٽ بالشويڪن جي تحريڪ ڪامياب ٿيڻ سان سوويت يونين ۾ شامل ٿي ويون ۽ ان کانپوءِ جڏهن سوويت يونين ٽٽو ته ٻئي رياستون ھڪ دفعو وري ٻيهر آزاد ٿيون. آذربائيجان جي آزادي سان نگورنو ڪاراباخ جي اڪثريت واري آرمينيائي آبادي آرمينيا جي آشيرواد سان نئين رياست سان گڏ ھلڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. انھي جي ڪارڻ ٻنهي ملڪن ۾ ھڪ وڏي جنگ ڇڙي پئي، ۽ 1994ع ۾ جنگ جي خاتمي تي آرمينيائي آبادي نگورنو ڪاراباخ سميت آذربائيجان جي 14 کان 16 سيڪڙو ايراضي تي قبضو ڪري ورتو. ان ويڙهه دوران آرمينيائي اڪثريت وارن علائقن ۾ آرمينيائي نسلي گروهه آذربائيجان جو قتل عام ڪيو. جنھن منجھه مالبيلي ۽ گشڪولر وارو قتل عام، گارادا گلي قتل عام، اگدابن قتل عام، ۽ کوجئلي وارو قتل عام شامل آهن. 30000 کان وڌيڪَ ماڻهو ان ويڙهه ۾ پنھنجيون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ ڏھ لک کان وڌيڪَ ماڻهو بي گهر ٿيا.
    hzaheer145@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو